باب پهريون: ڪوئٽه ۾ پڙهڻ
ذڪر ڊاڪٽر انصاريءَ جو:
جنهن گھر ۾ رهندا هئاسين، اهو سڄو ڪاٺ جو هو. اهو ان ڪري جو گھڻا سال اڳم هتي زلزلو آيو هو، ۽ جاني توڙي مالي وڏو نقصان ٿيو هو، تنهن ڪري انگريز سرڪار سرڪاري گھر ڪاٺ جا ٺهرايا هئا ۽ مقامي ماڻهن کي به اهڙو مشورو ڏنو ويو هو. اسان سان گڏ هڪ ٻيو به آفيسر رهندو هو. اهو ڊاڪٽر صاحب هو، ۽ انگلينڊ جو FRCP هو، جنهن کي بابا Dr. K. Y Ansari چوندو هو. دراصل سندس نالو قادر بخش هو. اصل ۾ مٽياريءَ جو هو، ۽ هت بولان ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسر هو. انگريز لڳندو هو. سندس منهن ڳاڙهو. اکين تي سنهڙين ڪانين وارو چشمو تمام سهڻو لڳندو هو. لٽي ڪپڙي ۾ به انگريز لڳندو هو. مطلب ته جهڙو هو خوبصورت اوتري ئي هئي سندس منهن ۾ ڏيا. پر سندس مزاج ڪجھ سخت هئي، ۽ پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ لاءِ ضد ڪندو هو، ۽ ايتري حد تائين هنجي ڳالهه اگر ڪو نه مڃيندو هو ته ڪاوڙجي پوندو. باقي پنهنجي پيشي سان سچو ايماندار حد درجي جو هو.
پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ ڪونه هوندي هيس، ۽ چوندو هو ته: “ڊاڪٽر معنيٰ ڏاهو ۽ ڏاهو اگر دولت جي پويان ڀڄندو ته هن جي هٿن مان شفا ائين ڀڄندي جيئن گنجو ڀڄي پاڪيءَ کان”. وڌيڪ چوندو هو ته: “هر ڪو سڀ لاءِ ۽ سڀڪو هر ڪنهن لاءِ نه ته گاڏو بيهي ويندو”. ۽ پوءِ نقصان جو انديشو وڏو آهي، تنهن ڪري جيڪو ٿي سگھي پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ نه سوچجي، پر اجتماعي فائدي لاءِ سوچجي، ته پنهنجو به ڀلو آسانيءَ سان ٿي ويندو. اهڙا سندس ويچار هوندا هئا.
هڪ دفعي بابا سان ائين بحث مباحثي ۾ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي کڻي هليو ويو. بابا به کيس ڪونه پرچايو، پر ٻئي ڏينهن پنهنجي ذاتي نوڪر شهداد کي ساڻس ڏانهن چٺي لکي ڏنائين، پر ڊاڪٽر انصاري صاحب ڪونه مڃيو.
آڪٽومبر مهينو آيو ته ڪوئٽه ۾ ٿڌ ۾ به اضافو ٿيندو ويو، ايستائين جو گھر ۾ سڄي رات ڪوئلا جيڪي مچ کان ايندا هئا پٿر جا، جو مچ ۾ ڪوئلن جون کاڻيون هونديون آهن، گھرايا ويندا هئا، اهي ٻرندا هئا.
ڪاٺ جي گھر جي هر ڪمري ۾ بخارا ٺهيل هوندا هئا، انهن ۾ ڪوئلن کي ٻاري ڇڏبو هو تنهن کان پوءِ ڪمرا گرم ٿيندا هئا. صبح جو جنهن مهل اُٿبو هو ته نلڪن ۾ پاڻي ڪونه ايندو هو، ڇو ته پاڻيءَ جي لائينن ۾ برف ڄمي ويندي هئي، تنهن ڪري شهداد ٽانڪيءَ جي هيٺان، جيڪا لوهه جي ٺهيل هوندي هئي باه ٻاريندو هو، ۽ ڪافي دير کانپوءِ نلڪن ۾ پاڻي ايندو هو جو وضو وغيره ڪري نماز پڙهبي هئي.
اسڪول لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪربو ته اتان جي مقامي ماڻهن تي نظر پوندي هئي ته عجيب منظر ڏسڻ ۾ ايندو هو، يعني پٺاڻ، بلوچ توڙي سندن ٻار ائين سواءِ گرم ڪپڙن جي پيا گھمندا هئا، ڄڻ ته هنن لاءِ بهار جي موسم هجي. حالانڪ رستي سان جيڪي ٻوٽا يا وڻ هئا اهي بلڪل ٺوڙها ڏسڻ ۾ ايندا هئا، ڪو به پن ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو. سامهون چلتن پهاڙ تي برف ڄميل هوندي هئي. ۽ رڊون ۽ ٻڪريون ان مٿان پيون چرنديون هيون. اهي رڊون ۽ ٻڪريون اسانجي ملڪ جي رڊن ۽ ٻڪرين کان مختلف هونديون آهن، ڇو ته سندن جسم تي وڏا وڏا وار هوندا آهن ۽ سڱ به ور وڪڙ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، شايد ان ڪري ته جيئن انهن وڏن وارن سان سرديءَ جو مقابلو ڪري سگھن. قدرت واري جي پنهنجي حڪمت آهي ۽ کين پوشاڪ به اهڙي ڏني آهي، ورنه اسانجي ملڪ واريون ٻڪريون ته اهڙي ٿڌ ۾ شايد جالي نه سگھن!
ڊاڪٽر انصاري اسانکي آڱر جي اشاري سان پاڻ ڏي سڏيندو هو. اسان ٻئي ڀائر ڏانهس وينداسين ته اسان سان ٻارن وانگر ڳالهيون ڪندو هو. بابا اسانکي ڏسندو هو ته ڊاڪٽر جي پويان بيهي اشاري سان پاڻ ڏي سڏيندو هو، ۽ چوندو هو ته: “بابا ڊاڪٽر ڏي بار بار نه ويندا ڪيو جو مڙئي آهي خار باز”.
ڊاڪٽر صاحب کان مون ائين ئي پڇيو هو ته: “چاچا اوهانکي پٽ گھڻا آهن”؟ ته چيائين ته: “دعا ڪيو انشاءَالله ٿيندا”! مون کانئن پڇيو ته: “اوهانجو بابا ڪٿي آهي”؟. ته چيائين ته: “پٽ اهو الله جو پيارو ٿي ويو، جڏهن ننڊڙو ٻار هوس”. مطلب ائين آهستي آهستي پاڻ ئي ٻڌائي ويو هو ته کيس پنهنجي چاچي پڙهايو هو ۽ کيس پنهنجي ڌيءُ به سڱ ۾ ڏني هئي، پر اها ڊاڪٽر کان ڪافي وڏي هئي تنهن ڪري ڊاڪٽر کي اولاد ڪو نه هو. پاڻ وڌيڪ ٻڌايائين ته: “ان ڇوڪريءَ کيس هنج تي کڻي گھمايو هو. يعني ايتري وڏي هئي، پر تنهن هوندي به ڊاڪٽر جي زباني ته سندس مٿان سندس چاچا جا ايترا ته ٿورا ۽ احسان هئا جو ڪنڌ ڪڊائي نه سگھيو، ۽ پنهنجي سؤٽ سان لائون لڌائين. اهوئي احساس ڪمتري سندس مٿان غالب هو جو ٿوري ٿوري ڳالهه تي چڙي پو ندو هو.
مان جڏهن سن 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري بابا سان ڄام شوري ۾ رهندو هوس ته ڊاڪٽر صاحب به لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۽ هاسٽل ۾ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ هو. سندس طبيعت چيڙاڪ ته هئي تنهن ڪري ڊاڪٽر، نرسون ۽ ٻيو پيراميڊيڪل اسٽاف سندس خلاف هوندو هو، ۽ سندس خلاف هڙتالون پيا ڪندا هئا. انجو ٻيو به سبب هو. اهو هيءُ ته پاڻ صفا ايماندار سو ٻين کي کائڻ ڪونه ڏيندو هو، تنهن ڪري هيٺيون اسٽاف کي ڊاڪٽر ائين پيا مڇرائيندا هئا ته جيئن ڊاڪٽر انصاري ان پوسٽ تان دستبردار ٿي وڃي.
انهن ڏهاڙن ۾ پٺاڻ ۽ بلوچ صفا غريب هئا. ايستائين جو رستي تي مزوري ڪرڻ لاءِ پاڻ سان بيلچا ۽ ٽيڪم کنيو ويٺا هوندا هئا، ۽ سندن جسم جا ڪپڙا ليڙون ليڙون هوندا هئا. پر سندن مٿا ڊڪيل هوندا هئا. شايد اها سندن ريت ۽ رسم هئي. مال برداريءَ لاءِ انهن کي گاڏا ته هئا، پر ان ۾ گڏه يا گھوڙو جوٽيل ڪونه هو، يعني جيڪو مال مزور ڊوئيندو ته اهو خود گاڏي کي به ڇڪيندو هو. ايتري حد تائين غربت مون انهن ۾ ڏٺي. پر هاڻ ائين ڪونهي! جڏهن جنرل ايوب خان ملڪ جو صدر ٿيو ته بلوچستان ۽ سرحد صوبي جي بارڊر وارن ماڻهن کي قانوني طرح اجازت ڏني ته ايران ۽ افغانستان مان پنهنجي روزي روٽي لاءِ محدود انداز ۾ مال برداري ڪن.
هن وقت اهي ماڻهو جيڪي روڊن تي بيلچا ۽ ٽيڪم کنيو ويٺا هوندا هئا، اهي وڏي پيسئي وارا ٿي ويا آهن ۽ لينڊ ڪروز ۽ پيجارو ۾ گھمندي ڏسبا آهن. ان کي چئبو آهي “هڪ سج ٻه پاڇا”. هن وقت شهر جي وچم دائود شاپنگ مال ڇهه يا ست ماڙ ٿيندو، ۽ هر فلور تي الڳ الڳ وڪامڻ لاءِ شيون رکيل آهن. ڪپڙي کان ويندي ڪراڪري، اليڪٽرانڪ جو سامان. خريدار جيڪو وٺندو ته سيلس مين انکي هڪ پرچي لکي ڏيندو ۽ پيسئن وٺڻ وارو هڪ ٻار جيڪو عمر ۾ منهنجي خيال ۾ ڏهه يارنهن سالن جو هوندو آهي، ڪجھ ئي مفاصلي تي پيتي رکيو ويٺو هوندو آهي، پرچي ڏسي پيسئا وٺندو. شاپنگ ڪري هيٺ لهبو ته ڪير به پڇڻ وارو ڪونه هوندو. مطلب ته سمگلر ۽ ڪسٽم وارن جي ٻيگھي متل آهي، يعني ناني ورهائڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا.
ڪلاس ۾ ڇوڪريءَ جو ملڻ:
هڪ ڏهاڙي صبح جو مان ڪلاس ۾ ويٺو هيس ته هڪ ڇوڪري جيڪا مونکان عمر ۾ ڪجھ وڏي ٿي نظر آئي ۽ سندس سيني تي اهڙا آثار ظاهر ڏسڻ ۾ ٿي آيا اچي بيٺي، ۽ استاد کي آڱر جي اشاري سان سڏيائين. استاد ويو ٻاهر ۽ واپس اچي منهنجو نالو پڪاريائين ۽ مونکي چيائين ته: “آپ سے ملنے کے یئے یہ بچی آئی ہے؟”. مان حيران ۽ ڪجھ پريشان ٿيس ڇو ته مون کيس ڪونه ٿي سڃاتو ۽ نه اڳم ڏٺل هئي. ٻاهر نڪتس ته مون سان هٿ ملائي پنهنجو تعارف ڪرايائين. هوءَ انجنيئر جي ڌيءُ هئي ۽ سندس والد بابا وٽ انجنيئر هو. اسانجي سرڪاري جيپ جو ڊرائيور ڪجھ ٽائيم ان ڇوڪريءَ جي پيءُ وٽ به ڊرائيوري ڪري چڪو هو ۽ ان ئي ڇوڪريءَ کي ٻڌايو هو. مون به ساڻس هٿ ملايو، پر منهنجون واڇون ڇڪجي وڃي ڪنن سان لڳيون ۽ نڙي صفا خشڪ ٿي وئي، زبان مان ڪو به اکر نه نڪري. مڙئي مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو ته ٺهه پهه چيائين: “اس وقت آپ کلاس میں ہیں پھر آپ سے ملتی رہونگی!”۽ پنهنجو نالو به ٻڌايائين. جيڪو هن وقت وسري ويو آهي. هئي رنگ جي سانوري ۽ قد بت ۾ به پوري پُني، پر پرڪشش لڳي رهي هئي. سندس چپن تي مسڪراهٽ ۽ ڳالهائڻ جو انداز دل کي وڻندڙ هو جو اڄ تائين ياد آهي، حالانڪ اڌ صديءَ کان به وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، پر جيئن ته زندگيءَ ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ سان هم ڪلام ٿيڻ جو پهريون موقعو مليو هو، تنهن ڪري دل تي نقش ٿيل آهي. اها پهرئين ۽ آخري ملاقات هئي.
هڪ شام جو بابا اسانکي ايم. اي جناح روڊ تي وٺي هليو. ڀرسان ئي ڊراءِ فروٽ جو دوڪان هو، روڊ کان ست يا اَٺَ ڏاڪا هيٺ اهو مارڪيٽ هو. هر ائٽم مان ٿورو وٺي وري مٿي روڊ تي چڙهياسين، ۽ ڀرسان بوٽن واري جو دوڪان هو. اتي چڙهياسين ۽ بابا اسانکي چپلون وٺي ڏنيون، جيڪي اسپنج جون هيون ۽ پائڻ ۾ ايتريون نرم هيون جو ائين سمجھوسين ته پيرن ۾ آهن ئي ڪونه. اهي ملڪ ۾ نيون آيون هيون جن کي هاڻي هرڪو پائي ٿو ۽ پلاسٽڪ جون سڏجن ٿيون. ان وقت اهي چپلون افغانستان کان سمگلنگ ٿي آيون هيون. هاڻي ته اهي عام جام آهن.
پاڪستان جي هر صوبي جي ڪوئٽه سان واقفيت ٿي وئي آهي. سنڌ کان ڪوئٽه ۽ تفتان ويندي جيڪي شهر مون ڏٺا آهن انهن ۾ مستونگ، نوشڪي، نوڪنڊي، دال بدين، ماشڪيل اچي وڃن ٿا. انهيءَ روڊ کي لنڊن روڊ چيو ويندو آهي، يعني ڪوئٽه، ايران ۽ ترڪيءَ کان ٿيندو يورپ جي ملڪ جرمنيءَ کان ٿيندو لنڊن تائين پهچبو آهي. هي روڊ RCD جي نالي سان به سڏبو آهي.
تفتان ايران جي بارڊر سان لڳي ٿو ۽ ايران جي بارڊر سان لڳ مير جاوا جو شهر آهي. اصل ۾ هيءُ علائقو پاڪستان جو هو، مگر قلات جي واليءَ پنهنجي ڌيءُ خراسان جي سلطان کي سڱ ۾ ڏني ۽ هي علائقو مير جاوا جو پنهنجي ڌيءُ کي ڏاج ۾ تحفو ڪري ڏنو. تڏهن کان هي علائقو ايران جي صوبي خراسان سان ملي ايران جو حصو بنجي ويو.
ڪوئٽه کان زيارت وڃڻ لاءِ جيڪو رستو آهي اهو به مون ڏٺو آهي. وچ تي هڪڙو شهر ايندو آهي، ان کي ڪچلاڪ سڏيو ويندو آهي. زيارت ۾ قائد اعظم جي رهائش گاه موجود آهي، اها به مون ڏٺي. سندس جُتي، ٽوپلو، شيرواني، ۽ لڪڻ جنهن کي اڙدو ۾ ڇهڙي چئبو آهي پيل آهي.
هتي چيريءَ جا وڻ جام آهن ۽ ملڪ جي هر شهر ڏانهن موڪلي ناڻو ڪمائبو آهي.
ڪوئٽه ڏي اچڻ لاءِ ريل جي رستي به وڃڻ ٿيو آهي ته روڊ جي رستي به. ريل جي رستي مچ شهر کانپوءِ جبلن کي اندران ڪٽي سرنگھون ٺاهيون ويون آهن، ۽ هر سرنگھ جي مٿان نمبر پليٽ انگريزن لڳائي ڇڏي آهي جنهن تي Marry لکيل آهي. هر سرنگھ ڪلوميٽر يا ميل ڊيگھ ۾ ٿينديون.
ادا شير جو ننڊڙو بيمار ٿيڻ:
ادا شير محمد جو ڪوئٽه ۾ ننڊڙو بيمار ٿيو. کيس نمونيا جي بيماري لاحق ٿي پئي، سو ٻئي زال مڙس اسپتال ڀيڙا ٿيا. کوڙ ڏينهن ٿيا پر ننڊڙي جي طبيعت ڏينهون ڏينهن وڃي خراب ٿيندي. آءٌ هتان ويس ۽ ساڻن اتي اسپتال ۾ مليس. هڪ ٻه ننڊيون ڊاڪٽرياڻيون اينديون هيون ۽ ڀاڀيءَ سان پيون ڪچهري ڪنديون هيون. معلوم ٿيو ته ٻئي پنجاپڻيون هيون ۽ ڪچلاڪ جون هيون. دراصل ون يونٽ ٺهڻ ڪري اهي پنجاپ مان بلوچستان ۾ لڏي اچي آباد ٿيا هئا، جيئن هت سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو سابق چيف جسٽس، جسٽس افتخار احمد چوڌهري به پنجاپ جو هو، پر کيس ڊوميسائيل بلوچستان جو هو، ڇو ته سندس والد پنجاپ مان لڏي بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيو هو. چوڌهري صاحب بي. اي اتان ڪري حيدرآباد ۾ سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪيائين. ٿورو وقت هت حيدرآباد ۾ وڪالت ڪيائين ۽ بعد ۾ بلوچستان ويو ۽ ڪجھ وقت کانپوءِ بلوچستان صوبي ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ جج ٿيو ۽ وڌندو ترقي ڪندو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو.