باب ٻيو: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ
آخر درخواست لکي اسلامڪ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ٽرانسفر ڪرائي هليو ويس. اسلامڪ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ڊاڪٽر اي. جي. هاليپوٽو هو. ٻيا پروفيسر هئا سيد پناه علي شاه، احمد علي خواجه، محمد سعيد، امام بخش ملاڻو اقبال احمد. استاد عبدالرزاق ۽ فضل الرحمان نوان ليڪچرار ٿي آيا هئا، ۽ منهنجا ٻئي ڪلاس وٺندا هئا. سائين امام بخش ملاڻو سوٽيل بوٽيل هو ۽ تمام گھٽ ڳالهائو هو. پوءِ ستت ئي قاضي يار محمد به اپائنٽ ٿي آيو.
مون سان گڏ ڪلاس ۾ صرف هڪ ڇوڪري هئي، ۽ استاد فضل الرحمان پڙهائي رهيو هو. منهنجي اچڻ سان استاد پڇيو “آپکا داخلا ہے”. ته مون هائو ڪئي، مون کان نالو وغيره پڇي استاد پڙهائڻ شروع ڪيو. پر هيءُ استاد جوانيءَ ۾ گذاري ويو. سائين عبدالرزاق به نوجوان هو، ذات جو ميمڻ هو. اصل ۾ مٽياري پاسي جو هو. پن جي ٻيڙي پيئندو هو. کلڻو ۽ هميشہ سلوار قميص ۾ ايندو هو ۽ جناح ڪيپ ۾ ايندو هو.
اسلامڪ ڪلچر ۽ رليجن ڊپارٽمينٽ گڏيل هئا. رليجن ۾ صرف ڇوڪريون هيون. ڪجھ جا نالا ياد آهن، مثلاً زرينه ميمڻ، هنجو والد سائين شفيع محمد ڊاڪٽر هاليپوٽي کان ٻئي نمبر تي سينئر هو. ٻي ڇوڪري هئي رفيعه پانڌياڻي، ٻه ٻيون هيون پر انهن جا نالا ياد نه آهن. جيڪا مون سان اسلامڪ ڪلچر ۾ هئي انجو نالو هو رئيسه الرحمان ذات جي زيدي هئي يعني مهاجر هئي. رنگ سندس سانورو، قد جي پوري پني هئي. هميشہ ڪارو گائون پائي ايندي هئي. اهو ڪارو گائون سڀني شاگردن لاءِ لازمي هو، جو پائي پوءِ ڪلاس ۾ وڃبو هو. ڪلاس کانپوءِ اهو گائون اڪثر ڪلهي تي رکيل هو.
هڪ ميجر سبجيڪيٽ کان علاوه انگلش لازمي به لازمي هو. باقي ٻه سبجيڪيٽ مائنر ۾ هئا، هڪ هو مسلم هسٽري ۽ ٻيو هو سنڌي.
مسلم هسٽريءَ جا ڪلاس جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون بورڊ آفيس جي مٿان ٿيندا هئا. ان بلڊنگ ۾ ايڪانامڪس، پوليٽيڪل سائنس ۽ ڪامرس جا ڪلاس ٿيندا هئا. يعني هي بلڊنگ بسنت هال جي نالي سان به مشهور آهي.
ڪمپلسري سبجيڪيٽ اٽينڊ ڪري بسنت هال جي مٿان مسلم هسٽريءَ جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ وڃبو هو. هيءُ ڪلاس ميڊم عزيزه چنا وٺندي هئي. جهڙو هئس نالو تهڙو هئس سندس قرب. اصل ۾ هر شاگرد کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي هئي. واقع هوءَ هر شاگرد کي عزيز هئي. گھڻو ڪري ساڙهي پائي ايندي هئي. ڇا ته هو سندس خوبصورت چهرو ۽ وڻندڙ مسڪراهٽ. ڪو به شاگرد کان سوال ڪندي ته “ادا” يا “پٽ” چئي مخاطب ٿيندي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن نالي سان به سڏيندي هئي. مونکي وري ذات سان سڏيندي هئي. مهتاب اڪبر راشديءَ جي وڏي ڀيڻ هئي.
1990ع ۾ مان جڏهن Ph D ڪري ڊگري صحيح ڪرائڻ لاءِ ڄام شوري يونيورسٽيءَ ويس ته پاڻ ڊين آف فيڪلٽي هئي، منهنجي ٽيچر هئي سو سندس آفيس ۾ گھڙيس ته مونکي ڏسي چيائين ته “خان محمد لاڙڪ”! ڇا ته سندس ياداشت تيز هئي. مان ادب ۽ احترام خاطر ساڻس جھڪي مليس ته ماءُ واري حيثيت ۾ ڳراٽڙي پائي ملي. مون کان حال احوال وٺي فارم صحيح ڪري ڏنائين. سچ پچ هڪ نوبل ليڊي هئي. هن وقت جڏهن هي قلم کنيو آهي ته هن فاني دنيا ۾ آهي به الائي نه! الله کيس پنهنجي پناه ۾ رکي جو مان سندس پيرن جي پڻي هڪ دعا ئي ڪري سگھان ٿو.
زرينه ميمڻ M.A ڪرڻ کانپوءِ اسلامڪ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار ٿي وئي. رفيعه پانڌياڻي هوشيار هئي. سندس مائنر سبجيڪيٽ هئا انگلش ۽ ٻيو هو سائيڪالاجي يعني نفسيات. انهيءَ ڪلاس ۾ سندس ڪلاس فيلو هو محمد علي جيڪو ذات جو شيخ هو. بعد ۾ سندس ان سان شادي ٿي. ۽ ٻاهرين ملڪ مان لئبرري سائنس ۾ Ph. D ڪري آئي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪريءَ ۾ لڳي، ۽ ڊاڪٽر رفيعه جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي.
جيئن اڳم ٻڌائي چڪو آهيان ته منهنجو ٻيو سبجيڪيٽ سنڌي هو، اتي چئرمين هو سائين علي نواز جتوئي ۽ ٻيا استاد هئا سائين محرم خان، سائين حبيب الله مرزا ۽ سائين عبدالجبار جوڻيجو.
جوڻيجي صاحب مونکي پارٽ ون ۽ ٽو ۾ سائين محرم خان پڙهايو. سن 2015ع ۾ روضي ڌڻي چيئر وارن سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي هال حيدرآباد ۾ سيمينار ڪرايو ۽ مونکي به دعوت ڏني اتي ويس. روضي ڌڻي چيئر وارا جتي به سيمينار ڪرائيندا آهن ته مونکي دعوت ضرور ڏيندا آهن، ڇو ته مان پهريون ماڻهو آهيان جنهن پير محمد راشد تي سائين قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ Ph. D ڪئي آهي. هال پير سائين جي مريدن سان ڀريل هو. ڪجھ ڄاتل سڃاتل چهرا به هئا. ٿوري دير کان پوءِ سائين عبدالجبار جوڻيجو به Stick جي سهاري هال ۾ داخل ٿيو، ته منهنجي دل ۾ جيڪا محبت ۽ سڪ سندس لاءِ سمايل هئي تنهن وهڻ نه ڏنو ۽ ٽپ ڏئي ڊوڙ ڀري سندس پيرن کي ڇهيو ۽ ساڻس مليس ته پاڻ سڃاڻي ورتائون ۽ نالو وٺي پنهنجي ڀاڪر ۾ جھلي ڪيتري دير چميون ڏيندا رهيا. منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ان مان مون اندازو لڳايو ته سچي استاد جي دل ۾ پنهنجي شاگرد لاءِ ائين محبت جو درياءُ ڇوليون هڻندو آهي.
رئيسه منهنجي اڪيلي ڪلاس فيلو هئي. بس ڪلاس ختم ٿيو ته مان ٻاهر ۽ هوءَ گرلس ڪامن روم ۾. پارٽ ون ۾ هڪ ئي ڪلاس ڊپارٽمينٽ ۾ ٿيندو هو. ٻيا هئا مائنر ۽ هڪ ڪمپلسري، تنهن ڪري رئيسه سان ڳالهائڻ ڪونه ٿيندو هو. ۽ نه ئي ڪو شوق هو. وڏي ڳالهه ته هوءَ اردو ڳالهائي ۽ مان سنڌي. ويندو هوس هميشہ پينٽ شرٽ ۾، سو هڪ دفعي سندس ڀڻڪو ٻڌي ورتم جو چيائين ته: “بڑا مغرور ہے”. مون ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو. خادم حسين سان به هڪ ڇوڪري پڙهندي هئي. سندس نالو اڄ به ياد اٿم. نالو هئس اقبال احتشام. هڪ ئي پاڙي جون هيون ۽ هڪ ٻئي جون سهيليون هيون. اسانکي به سڃاڻي ويون ته هي ٻئي ڄٽ ٻهراڙيءَ جا آهن. هڪ دفعي پارڪ ۾ ٻئي بيٺيون هيون، رئيسه مون کي سڏيو. مان ويس ته هروڀرو هيٺ مٿان جي ڳالهه ڪري مونکي چيائين ته: “آپ اپنے دوست کو بلائیں”. مون خادم کي چيو ته ابا وڃ تون به حاضري وڏي سرڪار وٽ لڳرائي اچ.
1965ع جي جنگ:
سال 1965ع شروع ٿيو ۽ اسانجا امتحان اپريل مئي ۾ ٿيڻا هئا، پر اچانڪ صبح جو خبرن ۾ فوجي نغما ريڊيو تي وڄڻ شروع ٿي ويا. هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي وئي. اخبار تن ڏينهن ۾ عبرت هوندي هئي. سيال ڪوٽ، ڇهڀ، ڪوٽلي، جوڙيان، لاهور سيڪٽر تي ٽينڪون ۽ گولاباري شروع ٿي وئي. هوائي جهازن جي بمباري به شروع ٿي وئي. ميڊم نورجهان جا ملي نغما “ڪرنيل ني جرنيل ني” ميري ڊول سپاهيا” جهڙا نغما اسانجي دلين کي پڻ گرمائي ڇڏيو ۽ بارڊر تي وڃي وطن لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وياسين.
صبح جو اخبار توڙي ريڊيو تي شهرين لاءِ آرميءَ طرفان هدايتناما جاري ڪيا ويا ته بليڪ آئوٽ ڪيو. رات جو گاڏي نه هلايو وغيره وغيره. بابا به گھر جي در، درين ۽ روشندانن کي ڪارو رنگ هڻائي ڇڏيو. مطلب ته لائيٽ ته هوندي هئي، پر جيئن ٻاهر ڪنهن کي خبر نه پوي. هي به ريڊيو تي خبرون اينديون رهيون ته دشمن ڇاتا بردار فوج لاهيندو آهي، تنهن ڪري اڻ واقف کي گھر ۾ اچڻ نه ڏنو وڃي. انهن ڏينهن ۾ اسان LMC ڪالونيءَ ۾ رهندا هئاسين.
انهيءَ جنگ ۾ ڳڀرو جوان عزيز ڀٽي، ميجر طفيل احمد شهيد ٿي ويا ۽ ٻيا به ڪيترا پنهنجي پيٽ سان بم ٻڌي هندستاني ٽينڪن جي هيٺان سمهي پيا ۽ خود ته شهيد ٿيا پر دشمن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. بلاشبه دشمن جو به نقصان ٿيو ته هيڏانهن به ٿيو. آخرڪار جنگبندي ٿي ۽ اسانکي به ساه پيو. اها جنگ ٿورو وقت هلي پر جيڪا نفرت هئي ان ۾ گھٽتائي ڪانه آئي، ويتر وڌي وئي، ۽ تيز کان تيز ٿيندي وئي. انجو سبب آهي. 1947ع کان اڳم هڪ ملڪ هو، پر چوڏهين آگسٽ 1947ع تي ٻه ملڪ وجود ۾ آيا، تنهن ڪري هندستان سهپ، رواداري، امن ۽ سلامتيءَ سان رهڻ اسان کي نه ڏنو آهي، ڇو ته هن پاڪستان کي دل سان تسليم ئي نه ڪيو آهي، ۽ هميشہ ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ هوندو آهي ته پاڪستان کي معاشي نقصان ۽ ڌڪ هڻان.
جنگ کانپوءِ اخبار ۾ اشتهار آيو فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ ٿيڻ لاءِ. مون ۽ شيخ مجيب ٻنهي اپلاءِ ڪيو، ڪراچي وياسين. امتحان ٿيو شيخ مجيب الرحمان سليڪٽ ٿي ويو، پر مان رهجي ويس. شيخ مجيب الرحمان چاچي شيخ عبدالرحمان جو فرزند هو. چاچا عبدالرحمان بابا جو دوست هو ۽ انجنيئر هو.
شيخ مجيب اسان جي عزيز محمد اسماعيل لاڙڪ جي آزاديءَ ۾ وڏي مدد ڪئي، جو هو آزاد به ٿيو ۽ نوڪريءَ تي بحال به ٿيو. پر هن دوست جي زندگي ڪا ٿوري هئي جو جوانيءَ ۾ گذاري ويو. ان وقت هو ميجر هو.