آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب ٻيو: لاهورين جو رويو

گرمين جون موڪلون ختم ٿيون ته اسان ٽئي ڀائر يعني مان، ادا بدر، ۽ شير محمد حيدرآباد لاءِ ڳوٺ کان ڊڀري جي ريلوي اسٽيشن تي آياسين. ريل گاڏي محراب پور کان ساڊي ڏهين بجي ايندي هئي. منهنجي طبيعت صحيح نه هئي جو دست ٿي پيا هئا، پر وڃڻو هو جو بابا جو خط چاچا رحيم بخش ڏي اچي چڪو هو. امان ماني پچائي ڏني ۽ ڪجھ ڀينڊيون به تري ڏنيون ته پڊعيدن تي کائجو، جو اتان حيدرآباد ٽن ڪلاڪن جو سفر هو. ريل آئي ۽ مان وڃي مٿين ڀرت تي سمهي پيس. ريل جي پٽڙي هوندي هئي ڪچي سو ان جي لوڏن تي منهنجي پيٽ جي ورزش خود بخود پئي ٿي، سو آرام سان ليٽيو پيو هوس.
ٻن ڪلاڪن تائين دست في الحال ته بند ٿيا، وچم ۾ ٺاروشاه، مچر، نوشهرو فيروز، ڪلهوڙا ۽ آخر ۾ پڊعيدن تائين ته آفاقو ٿيو. پڊعيدن جي اسٽيشن تي لهي انتظار ڪيوسين. انهيءَ زماني ۾ هر ريلوي اسٽيشن تي ننڊيون ڪئبن ٺهيل هونديون هيون جن تي انگريزي ۾ Water Hutt لکيل هوندو هو، تن ۾ پاڻيءَ جا ڀريل مٽ رکيل هوندا هئا، جن مان پاڻي پيئبو هو.
اسان ٽئي ڀائر هڪ سيمينٽ جي ٺهيل بينچ تي ماني کاڌي سين ۽ پاڻي پيتوسين ته پري کان ڪراچي ايڪسپريس جو گھنڊ وڳو. انهن ڏهاڙن ۾ جيڪا ايڪسپريس گاڏي هوندي هئي پري کان ئي گھنڊ وڄائينديون اينديون هيون. بهرحال گاڏي آئي. سامهون جيڪو گاڏو اچي بيٺو ان ۾ چڙهڻ لاءِ ڀڳاسين ته دروازو بند ٿيل هو. اندر ويٺلن دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، گھڻيون ئي دانهون ڪيوسين پر ويٺلن تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو. نيٺ دريءَ مان اسان ٽئي ڀائر اندر گاڏي ۾ داخل ٿياسين. سڄو گاڏو کچاکچ ڀريل هو. ڪجھ مسافر هيٺ مٿي ستا پيا هئا. کين عرض ڪيوسين ته چيائون: “اسين لاهور سي آ رهي هين! بس ويچارا ٿي پٽ تي ويهي رهياسين. اهو اڪثر پنجابي ائين چوندا هئا ۽ خود بالم ٿي ستا پيا هوندا هئا. سندن دِلين ۾ ڪنهن لاءِ به رحم يا همدردي ڪونه ڏٺي سين! اهو ڇا لاءِ ائين آهي؟ ۽ ڇو آهي؟ تنهن لاءِ بس ائين کڻي چئي سگھجي ٿو ته بي رحم آهن. ۽ ٻيو ته پاڻ کي اُتم سمجھندا آهن.
بي رحم انهيءَ ڪري جو بابر بادشاه کان اڳ يا پوءِ جيڪي به افغان فوجي دهليءَ تي قابض ٿيڻ لاءِ ايندا هئا ته رستو ۽ گس اهو ئي هو. لازماً پنجاب تي حملو ڪندا هئا ۽ انهن ماڻهن جو جاني توڙي مالي ۽ سماجي استحصال ٿيندو هو. ٻيو ته راجا رنجيت سنگھ هڪ سک حڪمران هو ۽ هن مسلمانن کي تاراج ڪري ڇڏيو هو، ايستائين جو هن مسلمان گھراڻن مان زوريءَ شاديون ڪيون. لازماً انهن پنجابين جي دل ۾ ڌارين لاءِ نفرت هوندي، تنهن ڪري هي پنجابي هر غير پنجاپيءَ کي نفرت سان ڏسندا آهن، پوءِ اهو سنڌي هجي، بلوچ هجي، پٺاڻ هجي يا بنگالي، ۽ واقع اها فطري ڳالهه به آهي. جڏهن راجا رنجيت سنگھ مري ويو ته سندس سک زالن سان گڏ مسلم زالن کي به هار سينگار ڪرائي ستي ڪيو ويو يعني باه جي شعلن جي حوالي ڪيو ويو ۽ اهي به سڙي ٻري ويون.
بهرحال ريل نواب شاه، شهدادپور ۽ ٽنڊي آدم کي پوئتي ڇڏيندي ساڊي ٽين بجي حيدرآباد پهتي. اسان ٽئي ڀائر ٻاهر آياسين ته ٽانگن وارا هوڪا ڏيئي رهيا هئا ته “مارڪيٽ مارڪيٽ”. اسان ٽانگي ۾ چڙهي ويٺاسين جو انهن ڏينهن ۾ رڪشا وغيره حيدرآباد ۾ ڪونه هئا. گاڏي کاتي چوڪ تي لهي پياسين، جنهن کي اڄ ڪلهه “حيدر چوڪ” چيو ويندو آهي، اتيئي ٻيا ٽانگن وارا بيٺل هئا جيڪي “راڻي باغ” ۽ “گدوءَ” جا هوڪا ڏئي رهيا هئا. تن ۾ ويهي راڻي باغ جي مين گيٽ تي لٿاسين. سامهون ڪمشنر صاحب جو بنگلو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪمشنر صاحب نياز حسين هو، جنهن جي نالي پٺيان “نياز اسٽيڊيم” ٺهيل آهي. ان روڊ سان پنڌ ئي پنڌ C-9 بنگلي تي آياسين جنهن ۾ اسانجي رهائش هوندي هئي. اندر داخل ٿياسين ته بابا آفيس مان اچي چڪو هو. تنهن سان پيرين پئي ملياسين ته چيائين ته ڳوٺ سڀ خير هو وغيره وغيره. وري چيائين ته: “سڄو ڏينهن شاخ ۾ تڙڳي تڙڳي صفا لوش ٿي ويا آهيو”؟ واقع شاخ ۾ سڄو ڏينهن پيا وجھندا هئاسين. گرمين ۾ انب وغيره چاچي پريل جا ڪجھ ڪچا ڪجھ ٽپڪا کائي وري هڪ جيڏن کي چٽيندا هئاسين، تنهن ڪري واقع لوش ٿي ويا هئاسين.
1958 جي مارشل لا: اسانکي صبح جو يعني ٽنهي ڀائرن کي ڊرائيور نالي انيس ڪار ۾ جيڪا شورليٽ 1957ع ماڊل هئي تنهن ۾ اسڪول ڇڏي ايندو هو. ادا بدر انهن ڏينهن ۾ فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هو، ۽ شيرل سنڌي ٽرينگ ڪاليج فار مين جي پرائيمري اسڪول ۾ پڙهندو هو. وري موڪل واري ٽائيم ۾ کڻڻ به ايندو هو. ائين سيپٽمبر جو مهينو گذري ويو ۽ آڪٽوبر شروع ٿيو. مونکي چڱي طرح ياد آهي رات جي ماني کائي واندا ٿياسين ته بابا ريڊيو آنِ ڪيو. ان مهل رات جا اَٺ ٿيا هئا. ريڊيو تنهن زماني ۾ سِمين هو ۽ ميڊ اِن جرمني هو. خبرون انگريزيءَ ۾ شروع ٿيون ۽ اڌ منٽ کانپوءِ بابا هڪ وڏي دانهن ڪئي ۽ چيائين ته: “اڙي ڀيڻا وري مارشل لا”!
خير اسان صبح جو اسڪول وياسين ته سڄي رستي ۾ ڏٺوسين ته فوجي، فوجي گاڏين ۾ گشت ڪري رهيا هئا. ريڊيو اسٽيشن تي به فوجي بيٺا هئا. اسڪول جي موڪل ٿي گھر آياسين. بابا تن ڏينهن ۾ ڊان اخبار گھرائيندو هو. تنهن ۾ جنرل ايوب خان جو فوٽو ڏٺوسين. فوجي ڊريس ۾ سندس فوٽو پرڪشش هو، وڏي روب تاب وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. منهن ويڪرو، منهن تي ٿورا شهپر، اکيون گول ۽ ڪاريون جنهن مان هرڪو ائين چئي رهيو هو ته: “لڳي ته مڙس ماڻهو ٿو”، پر اڳتي ڏسجي ڇا ٿو ڪري”!
فوجي حڪومت جي اچڻ سان سڄي ملڪ ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو. فوجي به هوشيار آهن سو هنن ان ۾ وڌيڪ خوف پيدا ڪرڻ ۾ هي اضافو ڪيو ۽ حڪم نامو جاري ڪيائون جنهن ۾ ذخيرا اندوزن ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن کي آخري موقعو ڏنائون ته انهن وٽ جيڪو به مال گودامن ۾ رکيل آهي کلي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ هر چوڪ تي مارشل لا ڪورٽن جي وسيلي انهن کي سخت سزائون ڏنيون وينديون. نتيجو اهو نڪتو جو گودامن جا دروازا کلي ويا ۽ خدا جي مخلوق خريداري ڪرڻ ۾ ائين لٿي جيئن ماڪڙ لهي پوندي آهي ۽ ٻنهي هٿن سان سستي اگھ تي مال خريد ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي، ۽ هر طرف کان ايوب خان زنده باد جا فلڪ شگاف نعرا ٻڌڻ ۾ آيا.
اسان وٽ ڊان اخبار سان گڏ سنڌي اخبار عبرت به ايندي هئي، جيڪا اسان ٻار پڙهندا هئاسين. ان اخبار ۾ اهڙيون خبرون ڇپبيون هيون. ادا اڪبر جيڪو فرسٽ ايئر انجنيرنگ ۾ اين. اي. ڊي ڪاليج ۾ پڙهندو هو، اهو به آيل هو. پاڻ سان گڏ مونکي به وٺي هليو. راحت سئنيما جي ڀرسان هڪ وڏو ڪپڙي جو گودام هو، ۽ ماڻهن جي وڏي رش هئي. ۽ ماڻهو ڪپڙو خريد ڪري رهيا هئا، سوٽي، اوني، ريشمي، ۽ گرم ڪپڙي جا انبار لڳا پيا هئا. ادا اڪبر مونکي به پاڻ سان گڏ قميص ۽ ڪوٽ جو ڪپڙو وٺي ڏنو. ٽي روپيا وال قميص جو ڪپڙو ۽ پنج روپيا ڪوٽ جي ڪپڙي جو وال مليو، ۽ گودام جي ڀرسان هڪ درزيءَ جو دوڪان هو تنهن کي سلائي لاءِ ڏنوسين. ڪوٽ جي ڪپڙي تي Made in England لکيل هو ۽ قميص تي Export quality ميڊ اِن پاڪستان لکيل هو. مون ڪيترا سال اهو ڪوٽ پاتو. گرم اهڙو هوندو هو ڄڻ ته مون پنهنجي جسم سان ٽانڊن جي سگري لڳائي ڇڏي آهي.
عبرت اخبار ۾ حيرت انگيز خبرون پڙهبيون هيون. هڪ ڏينهن هيءَ خبر پڙهي سون ته ڪجھ ماڻهن پنهنجي ناجائز دولت سان ڀريل پيتيون عوامي پارڪن ۾ ڦٽي ڪري ويا. ڪجھ ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻي خبر به اخبار ۾ پڙهي سون جنهن ۾ لکيل هو ته سمنڊ جي ڪناري سان تري ۾ سون جو وڏو ذخيرو برآمد ڪيو ويو آهي. مطلب ته ملڪ ۾ امن امان قائم ٿي ويو. ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي ۽ ماڻهن ۾ سڪون جي لهر ڇانئجي وئي. کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون ملڻ لڳيون. قانون جي بالادستي قائم ٿي وئي ۽ چوري چڪاري ختم ٿي وئي. شهرن ۾ رستن ۽ روڊن تي ڇڻڪار ٿيندو هو ۽ رستي جي ٻنهي پاسي کان سيڙهي لڳل هوندي هئي ۽ هرڪو واه واه پيو چوندو هو.
سنڌي اخبار ۾ عجيب و غريب خبرون پڙهندا هئاسين. مثلاً هڪ خبر هيءَ پڙهي سون ته هڪ عورت جيڪا ويهه سال اڳم اغوا ٿي وئي هئي اُها ٻارن سوڌو جيڪي ڇهه هئا اصلي مالڪن کي واپس ڪرائي وئي.
اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان چنڙن جو ڳوٺ آهي، اتان جا ماڻهو گھڻو ڪري غريب ۽ مسڪين آهن ۽ هارپو وغيره ڪري گذران ڪندا آهن، انهن کي ملٽري چوڻ ڪونه ايندو هو. تنهن ڪري چوندا هئا “مليڪري”. وڌيڪ ائين به چوندا هئا ته: “ادا مليڪري اچي وئي آهي سو سڄي ملڪ ۾ اصل باه ٻري پئي آهي شينهن ٻڪري هڪ ئي گھاٽ تان ٿا پاڻي پين”!
ڏاڏيءَ جو انتقال ۽ ڏاڏي صالح جو آپريشن:
انهيءَ سال اسانجي ڏاڏي هوا گذاري وئي. بابا ۽ اسان ڳوٺ هليا وياسين. ٽيجھي کان پوءِ بابا پاڻ سان گڏ ڏاڏي صالح کي ۽ ڏاڏي جنت کي به پاڻ سان وٺي هليو جو ڏاڏي صالح کي ٻنهي ڪلهن جي وچم زخم ٿي پيو هو. اسانجي بنگلي جي ڀرسان هڪ پنجاپي ڊاڪٽر جيڪو ايل. ايم. سي ڪاليج جو سرجن هو رهندو هو.
ڏاڏي صالح کي جيڪو زخم ٿي پيو هو، تنهن لاءِ ڏاڏو چوندو هو ته ابا اها ٻلي آهي جيڪا گوشت وڃي ٿي کائيندي. هاڻي مون پنهنجي ڀاڻج کان ان بيماريءَ جي باري ۾ پڇيو، جو هو، هن وقت نيورو فزيشن آهي. ته ان ٻڌايو ته انهيءَ بيماريءَ کي ميڊيڪل ۾ Motor Neuran disease چئبو آهي. بابا انهيءَ ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو ته ڊاڪٽر چيو ته هن مهل ئي مريض کي وٺي اچو. ڏاڏي صالح کي ڊاڪٽر ڏسي چيو ته آپريشن ٿيندو. ٻئي ڏينهن آپريشن ٿيو ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ ڏاڏو صالح گھر آيو. مزيد هڪ هفتي کانپوءِ ڊاڪٽر ڳوٺ وڃڻ جي اجازت ڏني. پاڻ ڪا به في وغيره ڪونه ورتائين، اٽلو کيس جيڪي دوائون ميڊيڪل ريپ ڏئي ويندا هئا ڏاڏي کي ڏنائين ۽ چيائين ته اچڻ جي ضرورت ڪانهي. اهو هو ڊاڪٽر جو خلوص ۽ همدردي. اڄ ڪلهه ته ڊاڪٽر ڪاسائي ٿا ڏسجن. غريب مسڪين ويو نه آهي ۽ ڪٺو نه آهي. ڊاڪٽرن ۾ ڪو به همدرديءَ وارو جذبو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. بس پئسن جي بات آهي. پنهنجا خانگي ميڊيڪل سينٽر کڻي کوليا اٿن.
ساڳيو حال ڪورٽن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن به ڪو جوابدار جي صورت ۾ ماڻهو اچي ٿو ته وڪيل، منشي، ڪلارڪ انهيءَ جي چمڙي به لاهي ٿا وٺن. سرڪاري آفيسن ۾ هوبهو ساڳيو کيل کيڏيو ٿو وڃي. ڪم ڪار لاءِ جنهن به آفيس ۾ وڃبو ته ڪير به هڪ نظر مٿي کڻي ڪونه نهاريندو. بس ڏوڪڙ جي راند آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو ماڻهن مان ماڻهپو وڃي ٿو نڪرندو، هر طرف بگھڙ ويٺا آهن جيڪي وتن ٿا ماڻهن جو ماس روڙيندا.

ڊاڪٽر لاءِ جوئر جا ڦلا:
جوئر جا لاڀارا ٿيا، هارين سنگ ميڙي ڳاه ڳاهيو ۽ اَنُ کڻي اچي پنهنجن گندين ۾ نم جا پن روڙي وجھي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان اَنَ ۾ گھُڻُو ۽ سويءَ جو حملو ڪونه ٿيندو آهي، ۽ جهڙو اَنُ رکبو اهڙوئي سڄو سال صاف ۽ ثابت پيو هوندو آهي.
چاچو رحيم بخش ڳوٺ کان آيو ۽ پاڻ سان گڏ جوئر جا ڦلا کڻي آيو، جيڪي کيس ڏاڏيءَ جنت ڏنا هئا ته ڪجھ اسان کائون ۽ ڪجھ ان ڊاڪٽر کي ڏيون جنهن ڏاڏي صالح جو علاج ڪيو هو. شام جو ئي اسان اُهي ڦلا کڻي ڊاڪٽر جي بنگلي تي وياسين. ڊاڪٽر ڏسي پري کان چيو: “آ‏‏ؤ بیٹا آؤ، کیسے آنا ہوا”. اسان کيس ڦلا ڏنا ته ڏسي وڏي خوشيءَ وچان چيائين ته: “جوار کےپھلے گاؤں سے آئے ہیں کیا؟”. اسان هائو ڪئي. پاڻ پهرئين سٽ ۾ ويو کائيندو ۽ تعريف ڪندي چيائين ته؛ “آج آپ نے مجھے تو اپنا گاؤں یاد دلادیا، جب میری ماں پھلے تیار کرتی تھی اور اس کے پہلو میں بیٹھ کر کھاتا جاتا تھا، جب میں تمہاری طرح بچا ہوتا تھا”. وڌيڪ چيائين ته: “اب میرا گاؤں ہندستان میں ہے اور میری ماں وہاں دفن ہے۔ جب پاکستان بنا ہم لوگ اپنے ابا کے ساتھ لاہور چلے آئے اور اپنا بچپنا وہاں چھوڑ آئے”. ائين سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ سندس هٿن کي ڏٺم ته اهي به ڏڪي رهيا هئا. پوءِ هڪ ٿڌو ساه کڻي اسان کي ڀاڪر ۾ وجھي چيائين ته: “بیٹا گاؤں سے، اپنے گھر کی مٹی سے جو خوشبو آتی ہے ماں سے آتی ہے اسلئے کون کافر اپنی مٹی اور ماں بھول سکتا ہے۔ اور ایک بات یاد رکھو جب سرسوں کا ساگ گاؤں سے آئے مجھے بھی کھلانا ورنہ معاف نہیں کرونگا”.
جڏهن هن عمر کي مان به پهتو آهيان ته مون به اهوئي محسوس ڪيو آهي. سعودي، ايران، دمشق ۽ امام حسين رضه جي شهر ڪربلا وڃڻ ٿيو. پر نيٺ پنهنجي ملڪ وطن ۽ گھر جي سڪ اهڙي لڳندي آهي جو سوچبو آهي ته گھڻو ئي ڏٺم هاڻي پَرَ لڳن ته اُڏامي گھر وڃان، ۽ ڳوٺ جي مٽيءَ کي چمان.
ڊاڪٽر صاحب جا ٻار ٻچا لاهور ۾ رهندا هئا. پاڻ ايل. ايم. سي ڪاليج ۾ پروفيسر هو ۽ سرجن هو. انگلينڊ جي FRCS هو. تمام هوشيار ۽ انسان دوست هو. کيس ڊاڪٽر خان ڪري سڏيو ويندو هو. ون يونٽ ٺهڻ جي ڪري هت بدلي ٿي آيو هو.