آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب ٽيون: جنرل ايوب خان جو Decade of Development

1968ع ۾ جنرل محمد ايوب خان ڏهه سال وڏي دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. ۽ انهيءَ ڏهه ساله ترقيءَ جا ملڪ ۾ جشن ملهايا ويا. جيڪي به ملڪ ۾ اخبارون هيون انهن خاص پرچا ڪڍيا ۽ هر اخبار جي پهرئين صفحي تي هن صاحب ۽ سندس ڪابينه جي وزيرن جا فوٽو ڇپبا رهيا، پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪ الله جي من ۾ ٻي”. سو ٻي طرف سندس ترقي جنهن کي انگريزي ۾ Decade of Development سڏيو ٿي ويو، هن خلاف سڄي ملڪ ۾ جلسا، جلوس ۽ آخر ۾ کيس ايوب خان هاءِ هاءِ جي جملن سان سڏيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو به هڪ قسم جو وڏو سياستدان هو، تنهن موقعي جو فائدو ورتو ۽ جنرل ايوب خان کان جدا ٿي بيهي رهيو.
1968ع جي مئي جون ۾ امتحان ٿيڻا هئا، ۽ هي سال اسانجو آخري سال هو، يعني ايم. اي فائنل. سرڪار سڀني سرڪاري توڙي سرڪاري ادارن جي اعليٰ عهديدارن ۽ وائيس چانسيلرن کي هدايتون ڪيون ويون هيون ته شاگردن کي پڙهائي طرف متوجه ڪجي ته جيئن هو امتحان جي تياري ڪن ۽ هڙتالون نه ڪن. پر هڙتالون ۽ جلسا جلوس روزمره جو معمول بڻجي ويا هئا.
جنرل ايوب خان خلاف ملڪ ۾ جيڪو ڏڦيڙ ۽ افراتفري ڦهلجي وئي هئي ان ملڪ جي ترقي ۽ ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو هو. بهرحال جنرل ايوب خان نوابزادي نصرالله جي معرفت سياستدانن جي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ جنرل صاحب اڳيان مطالبا رکيا ويا جيڪي هن ريت هئا:
ڊفينس آف پاڪستان رولز ۽ ايمرجنسي ختم ڪيا وڃن
تمام شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي
سڀني سياسي ليڊرن کي آزاد ڪيو وڃي
شاگردن جا امتحان تڪڙ ۾ ورتا ويا آهن ۽ شاگردن جي اڪثريت ناپاس ٿي آهي، تنهن ڪري کين پنج سيڪڙو گريس مارڪون ڏنيون وڃن.
مان ڇا ڪندو هوس جو صبح جو نماز پڙهي نثار ٻٽ کي ستل ڇڏي جبلن ڏانهن هليو ويندو هوس ۽ هر پيپر جي نوٽس کي جيڪي تقريباً ڏهه کن هوندا هئا ڪنهن ديوي يا ڄانڱوري ٻير جي ڇانوَ ۾ برزبان ياد ڪندو هوس. منهنجو حافظو هونئن به ٺيڪ ٺاڪ هوندو آهي. مطلب ته چئني پيپرن جي سوالن کي جيڪي چاليهه کن ٿيندا صفا حفظ ڪري ڇڏيا. بهرحال امتحان ٿيا. نتيجو نڪتو ته خادم حسين ميمڻ ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو ۽ نثار ٻٽ فيل ٿيو ۽ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ٻي پوزيشن سان پاس ٿيس.
جنرل ايوب خان ٻين مطالبن سان گڏ هيءُ به مطالبو مڃيو هو، تنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ سڀني يونيورسٽين جي شاگردن کي پنج سيڪڙو گريس مارڪون مليون، نتيجي ۾ منهنجا ٻئي دوست يعني خادم ۽ نثار به سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿي ويا ۽ ليڪچرار ٿيڻ لاءِ اهل بڻجي ويا.
جنرل يحيٰ خان ٻن سالن کانپوءِ چونڊن جي تاريخ ڏني، ۽ چونڊون ٿيون. هن پاسي ذوالفقار علي ڀٽو سڀ سيٽون کٽي آيو ۽ ٻئي پاسي يعني ايسٽ پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان اڪثريت سان کٽي آيو. پوءِ جيڪو ٿيو اهو ڏاڍو المناڪ ۽ افسوسناڪ ٿيو يعني دنيا جي گولي تي هڪ نئون مسلمان ملڪ بنگلاديش جي نالي سان ظاهر ٿيو.
هن نئين پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو نئون سربراه ٿيو. ۽ پنهنجي پارٽيءَ کي مضبوط ڪرڻ ۾ لڳي ويو. نتيجي ۾ ملڪ جي هر حصي مان ماڻهو، وڏيرا، جاگيردار، سرمائيدار، ڪاخانيدار سندس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا ويا. هر طرف جيئي ڀٽو جا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا.

ذڪر سيد عبدالله شاه
سيد عبدالله شاه جي والد جو نالو سيد مراد علي شاه هو. کيس پهرئين گھر مان اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري هن اسانجي ڳوٺ مان سيد عالم شاه جي همشيره سان نڪاح ڪيو. سيد مراد علي شاه جي پهرئين بيبيءَ تي هڪ قسم جو پهاڙ ڪريو ۽ ائين ان بيبيءَ سڳوريءَ رب کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو. نتيجي ۾ رب پاڪ سندس ٻڌي ۽ کيس عبدالله شاه تولد ٿيو. ۽ هيڏانهن اسانجي ڳوٺ واري بيبيءَ مان سيد ابراهيم شاه ڄائو.
سيد ابراهيم شاه ۽ سيد عبدالله شاه جو اسانجي ڳوٺ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سيد عبدالله شاه ۽ ابراهيم شاه جو مامو سيد عالم شاه هڪ درويش صفت انسان هو. سندس جسم ڀريل، منهن تي چاپهين ڏاڙهي رکيل هوندي هئي. مون به کيس ڏٺو. سندس ٻانهن ۾ الله پاڪ اهڙي ته طاقت رکي هئي جو چڱا خاصا ملهه جا پهلوان ساڻس زور آزمائي نه ڪري سگھندا هئا. اسانجي خاندان سان خاص ڪري ماما شاهنوز، بابا سائين ۽ چاچي رحيم بخش سان سندن نيازمندانه تعلقات هوندا هئا. اسان جڏهن گرميءَ جي موڪلن ۾ ڳوٺ ايندا هئاسين ته ڏاڍي پاٻوه سان ملندو، ڀاڪر پائيندو ۽ مٿي تي هٿ رکي دعا ڪندو. چاچي رحيم بخش سان سندس دوستيءَ وارو پير هوندو هو. گھڻو ڪري پنهنجي مريدن ڏي گھوڙيءَ تي چڙهي ويندو هو. گھوڙيءَ کي گاه ۽ چارو کارائڻ لاءِ وتندو هو ٻنن سان ڊڀ ڊاه لڻندو پر ڪڏهن به بنا اجازت ڪنهن سان اهڙي حجت ڪانه ڪندو هو. البته چاچي رحيم بخش سان اهڙي حجت ڪندو هو ۽ کانئس جوئر جو گاه جي وڏي ڀري لڻي اڪيلي سر کڻي ايندو هو، يا وري جوئر ختم ٿي ويندي هئي ته ڪڙٻ جا ٽي چار بند چاچي کان وٺي ايندو هو. مطلب ته وڏو خوديءَ وارو هو.
ڳوٺ جو پرائيمري اسڪول جنهن ۾ اسان پڙهندا هئاسين سندس گھر جي ڀرسان هوندو هو. گھر وري ڇا هو؟ بس هڪ قسم جو ڇپر ڇانوَ هو. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ ڪيترو مسڪين هو، پر تنهن هوندي به اسان کيس ڪنهن در تي بيٺل ڪونه ڏٺو.
سيد عبدالله شاه جڏهن به اسانجي ڳوٺ ايندو هو ته کيس ململ جو پهراڻ ۽ رنگين ريشمي گوڏ ٻڌل هوندي هئي، ۽ هٿ ۾ رنگين رومال ۽ ان رومال ۾ پن جون ٻيڙيون هونديون هيون جيڪي هو پيئندو هو. پوءِ ايل. ايل. بي ڪري وڪيل ٿيو پر نه جهڙو. ڪنهن سماجي مسئلي ۾ اهڙو ته الجھي پيو جو پريشانيءَ واري عالم ۾ ڪيترا ڏينهن اسانجي ڳوٺ ۾ رهيل هو. پوءِ اسانجي ڊپٽي قادر بخش سندس مدد ڪئي ۽ وڏي جدوڪهد کانپوءِ انهيءَ غرداب مان نڪري پار ٿيو.
سال 1971ع ۾ سيد عبدالله شاه ڀٽي جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. هتان ئي سندس ڀاڳ چمڪيو ۽ پهريان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، پوءِ وزير ٿيو ۽ واهڙ، باجارا جھانگارا کان نڪري ڪراچي ۾ آيو ۽ اتان اقتدار جي ايوان ۾ پهتو. پهريان خوراڪ کاتي جو وزير ٿيو ته اسانجي عزيز استاد حاجي الهه ڏني سيد عالم شاه کي سفارش طور وٺي سيد عبدالله شاه جي ڳوٺ ويو ته جيئن سندس پٽ محمد يوسف کي فوڊ کاتي ۾ انسپيڪٽر ڪري. هي نوجوان بي. ايس. سي پاس هو. سيد عبدالله شاه پنهنجي مامي سيد عالم شاه کي مانُ ڏنو ۽ هي نوجوان فوڊ انسپيڪٽر ٿي ويو.