آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب پهريون: سکر ۾ پڙهڻ

ڳوٺ مان 1955ع ۾ چوٿون پاس ڪيم ته بابا منهنجو ۽ ادا شيرل جو اسڪول مان نالو ڪڍرائي سکر ۾ داخل ڪرايو هو. اسان چار ڀائر ۽ پنجون ماما مريد علي گڏ رهندا هئاسين.
پاڪستان 1947ع ۾ وجود ۾ آيو هو مگر جيڪي به انجنيئر بئراج ڪالونيءَ ۾ رهندا هئا، انهن تي انگريزن جي صحبت جو اثر اڃان باقي هو. سوٽ بوٽ، ٽوپلو سندن روز مره جي پوشاڪ هئي. صبح جو نائڪ بنگلي تي ايندو، انکي ڳاڙهي رنگ جو پٽڪو مٿي تي ٻڌل هوندو هو. جنهن مهل بنگلي کان بابا ناشتو ڪري ٻاهر نڪرندو ته نائڪ بابا کان اڳئين ڏينهن جي ٽپال جا فائيل وٺندو، جيڪي اڳئين ڏينهن جي شام جو بابا نيڪال ڪرڻ لاءِ کڻي ايندو هو. پوءِ بابا اڳيان ۽ پٺيان نائڪ، ائين بابا وڃي آفيس ۾ وهندو ته نائڪ بابا جي آفيس ٻاهران رکيل بينچ تي وهندو.
اونهاري ۾ به بابا کي سوٽ بوٽ ۽ اُس کان بچڻ لاءِ ٽوپلو، ٽاءِ ۽ سوٽي ڪپڙي جو ٺهيل ڪوٽ پاتل هوندو هو. بابا مونکي ۽ ادا اڪبر کي ٻين ڀائرن جي نسبت گھڻو ڀائيندو هو. ڇاڪاڻ ته مون تي سندس ناني جو نالو رکيل هو ۽ ادا اڪبر تي وري اسانجي ڏاڏي جو نالو رکيل هو، انهيءَ ڪري مونکي نانا ۽ ادا اڪبر کي بابا ڪري سڏيندو هو.
شام جي وقت ۾ ٻيا انجنيئر ڪچهري لاءِ ايندا هئا. هڪ شام جو هڪڙو ماڻهو بابا سان ملڻ لاءِ آيو. کيس سلوار قميص، ڪوٽ، مٿي تي جناح ڪيپ پاتل اچي سهڙيو. مون کان بابا جي پڇا ڪيائين، چيائين ته پٽ صاحب آهي؟ مون هائو ڪئي ته چيائين پٽ اوهانجو نالو؟. مون نالو ٻڌايو ته وري چيائين ته پٽ خانڻ بابا کي چئو ته هري دلگير ملڻ لاءِ آيو آهي لاڙڪاڻي مان. مون بابا کي ٻڌايو ته بابا چيو ته ها ها ملونس ٿا. آءُ بابا جي پٺيان پٺيان هلندو آيس. ٻئي پاڻ ۾ بغلگير ٿيا. هيٺيون مٿيون ڳالهيون پئي ڪيائون جيڪي مون ويٺي ٻڌيون. آخر موڪلائڻ مهل بابا کي هڪ ڪتاب ڏنائين ۽ پاڻ موڪلائي هليو ويو ۽ بابا ان ڪتاب جي پنن کي ويو اٿلائيندو. پوءِ بابا کان مون پڇيو ته بابا هي چاچا ڪير هو؟ ته بابا ٻڌايو ته هي ايريگيشن ۾ انجنيئر آهي لاڙڪاڻي ۾. انجنيري سان گڏ شاعري به ڪندو آهي. آهي هندو پر سندس خيال ۽ ويچار آهن اسان مسلمانن جهڙا، تنهن ڪري ڪپڙا به اسان جهڙا پائيندو آهي. هي جيڪو ڪتاب ڏنو اٿس سو سندس شاعريءَ تي مشتمل آهي. ان ڪتاب کي مون به پڙهڻ شروع ڪيو. سندس هيءَ رچنا مونکي ڏاڍي وڻي جيڪا مون ياد ڪري ڇڏي. هن مهل وسري وئي آهي پر ڪجھ ڪجھ ياد آهي جيڪا مان پنهنجي پنهنجي منهن پيو ڳائيندو هوس. ڪجھ هن طرح هئي:
“شيش محل ۾ شير ڏٺوسين، جنهن جا روپ هزار
پنـهنجن پاڇن ساڻ لڙي پيو، گوڙ ڪري گـجڪار
شيش محل ۾ ٻالڪ هڪڙو، جنهن جا روپ هزار”.
پاڪستان ٺهيو ۽ ون يونٽ جڙيو ته سنڌ جي زميندارن ۽ وڏيرن جي ٻيگھي مچي وئي ڇو ته اهي اسيمبلين ۾ پهچي ويا، ڪي وزير ٿيا ته ڪي وزير اعليٰ ته ڪي وري مشير تن ته آفيسرن تي حڪم هلائڻ شروع ڪيو. جيڪو آفيسر نه مڃي تنهن کي ڪر سسپينڊ. سو هي فقير منش انسان پاڪستان ۽ سنڌ امڙ کي سڏڪن سان سلام ڪري الوداع ڪري هندستان هليو ويو.
سکر بيئراج جي پرينءَ ڀر به ڪجھ آفيسرن جا بنگلا هئا جيڪي بئراج جو انتظام هلائيندا هئا. اتي به هڪڙو عباسي صاحب انجنيئر هو. سندس ننڍو ڀاءُ الطاف ادا بدر سان پڙهندو هو. شام جو روز ادا بدر وٽ ايندو هو ۽ ويٺا ڪچهري ڪندا هئا. اهو بعد ۾ P.C.S پاس ڪري ايڪسائز کاتي ۾ آفيسر ٿيو ۽ ڊائريڪٽر ٿيو. پر سندس حياتي ڪا رب ٿوري لکي هئي جو حيدرآباد ويندي هٽڙيءَ ڀرسان پل جو موڙ ڪاٽيندي سندس گاڏي وڃي پل سان ٽڪرائي ۽ انتقال ڪري ويو.
ننڍي هوندي کان شاعري ڪندو هو. ۽ سندس شعر ٻارن جي رسالي “گل ڦل” وغيره ۾ ڇپبا هئا جو کڻي اچي اسانکي ڏيکاريندو هو. نوجوان نسل لاءِ سندس شاعري اتساه ڏيندڙ هئي. پاڻ هڪ دفعي تازي شاعريءَ مان ڪجھ ٻڌايائين جيڪي اسان ڀائرن ۽ بابا کي پڻ ڏاڍي وڻي.
هيءُ گھراڻو سنڌ ۾ لکيو پڙهيو طور سڃاتو وڃي ٿو. الطاف عباسيءَ کان ٻيا به ٻه وڏا ڀائر هئا، هڪ ته اڳم ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته انجنيئر هو. جو پوءِ ايريگيشن ۾ سيڪريٽري ٿيو ۽ ارسا جو ميمبر ٿيو. هن صاحب به سنڌ پاران وڏي وڙهت ڪئي ۽ ٻين ميمبرن کي پنهنجي علمي لياقت جي آڌار تي انگن اکرن تحت خوب سمجھايائين پر هو پنهنجي هٺ تي قائم رهيا جو انهن کي ته سنڌوءَ جو پاڻي کپندو هو، تنهن ڪري ڪنهن به ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. ۽ نه وري ٿيندا. ڇو ته انهن جو عشق ته پاڻي سان آهي ۽ پاڻي هوندو ته زمينون سرسبز ٿينديون ۽ پوءِ امير ٿبو.
ٻيو سندن ڀاءُ ڊاڪٽر هو تنوير عباسي. هيءُ به پنهنجي دور جو وڏو شاعر، اديب، نقاد ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. جنهن جي ادبي خدمتن کي سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن به وساري نه سگھندا.
ڊاڪٽريءَ جي پيشي سان سچو ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد هو. مرڻ کان اڳم هن وصيت ڪئي هئي ته سندس جسم کي ميڊيڪل ڪاليج جي ليباٽريءَ ۾ عطيي طور ڏنو وڃي ته جيئن نئون نسل پريڪٽيڪل ڪري سگھن، ۽ سندن علم ۾ واڌارو ٿي سگھي. پر ائين نه ٿي سگھيو جو سندن پونيرن اها ڳالهه قبول نه ڪئي.