آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب ٻيو : P. T استاد ۽ انجون پروليون

ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاه ۾ صبح جو ٻئي يا ٽئي پيرڊ ۾ P. T ٿيندي هئي. هڪ رٽائرڊ فوجي، جيڪو پنجابي هو، پر سنڌي به روان ڳالهائيندو هو. ڏاڊو ڪڙڪ ۽ روب تاب وارو هو. مگر دل جو صاف ۽ ڪنهن به قسم جو تعصب ڪونه رکندو هو. ڪا به غلطي ٿيندي ته نالو وٺي پري کان رڙ ڪري ان جي نشاندهي ڪندو.
ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس به وٺندو هو. ۽ اسان وري کانئس بادشاهن، ديون ۽ پرين جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ فرمائش ڪندا هئاسون. اهڙيون ته ڳالهيون ٻڌائيندو هو جيڪي اڳم اسان ڪونه ٻڌيون هيون. ان کان علاوه ڪڏهن پاڻ ڳجھارتون ۽ پروليون ڏيندو هو، جو اسانجو ننڊڙو دماغ صفا چڪرائجي ويندو هو. مثلاً چوندو هو ته:
جيترو ڇڪيس ته وڃي گھٽبي
مڙس ٽنگيو پيو آهي زال پئي گھمي.
ماءُ ڄائي ناهي پٽ ٿو ڪوٺا ٽپي
سوڙهي گھٽيءَ مان نانگ ٽپائي ڏي.
ديسي ڪپڙو آني وال
هيڏڙي تر جيتري وڏن جا ٿي پٽڪا لاهي.

جواب.
(i) ٻيڙي (ii) تالو ڪنجي (iii) دونهون (iv) ابداڻي ۾ اڳٺ
(v) They see cup of row on a wall
(vi) جون.
مطلب ته ان وقت ۾ استادن ۾ علم هو. ۽ هر ڪو پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ماهر هو. هن اسڪول ۾ ٻه برانچون هيون. هڪ مين برانچ ۽ ٻي ولس برانچ سڏبي هئي. ولس برانچ مين برانچ کان ڪافي پري هئي. پر خواجه صاحب هڪ گھڙي ڏس ته مين برانچ ۾ ٻي گھڙي ڏس ته ولس برانچ ۾. مجال آهي جو ڪو ڪلاس خالي هجي!. ڪو به استاد ٻاهر ورانڊي ۾ نه هوندو. سڀ استاد هوشيار ۽ ڪمٽيڊ هئا.
چوٿين درجي ۾ اسانجو ڪلاس ٽيچر امان الله نالي هو. تمام هوشيار ۽ معتبر هو. ڪلاس ۾ جيڪي اسان شاگرد هئاسين ان ۾ شير محمد انڙ، غلام سرور کيڙو، علي محمد هيسباڻي، محمد اشرف، محمد اسحاق، شوڪت علي شاه، رشيدالله شاه، غلام قادر ميمڻ، ۽ ٻيا به کوڙ سارا جن جا نالا هاڻي وسري ويا آهن. غلام سرور کيڙي جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ايندو. شير محمد انڙ جو والد قاضي احمد شهر جو وڏو زميندار هو. شير محمد بعد ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. شوڪت حسين شاه نواب شاه شهر جي ڀرسان خير شاه ڳوٺ جو هو. سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ وزير پڻ.
محمد اشرف هي پنجابي هو. ڪرڪيٽ جو اوپننگ کلاڙي هو. ٻيا به پنجابي گڏ پڙهندا هئا، پر سڀني سان ڀائپيءَ وارو سلوڪ ۽ دوستي هئي، ڪنهن سان به تعصب نه هو. کل خوشيءَ سان هڪ ٻئي جي عزت ڪبي.
استاد امان الله: استاد امان الله هر هفتي پڙاهيل سبق مان ٽيسٽ وٺندو، اگر ڪنهن سٺيون مارڪون نه کنيون ته اسانکي مار به ڏيندو، پر گھڻو ڪري لڪڻ کڻي چتڙن تي وهائي ڪڊندو، پر ان کان اڳم چوندو “مڪڙي ڪٽيانءِ؟”. جڏهن هڻي بس ڪندو ته سڀ شاگرد وٺي ٽهڪ ڏيندا ۽ هو به کلي ڏيندو. هوندا جو هئاسين لسڙاٽ. هميشہ سفيد ڪپڙا پائيندو هو ۽ مٿي ۾ جناح ڪيپ.
ولس برانچ بس هڪ قسم جو گلستان هو. جنهن ۾ هر قسم جا گل ٻوٽا، ۽ رنگبرنگي گلن جا نمونا پوکيل هئا. گلاب جا ته ست اٺ قسم هئا. خوني گلاب کان وٺي ڪاري گلاب تائين. پر مجال آهي ڪو شاگرد ڪو پٽي.
شام جو شهر جا سفيد پوش پنهنجن ٻارن ۽ زالن سان موٽرن ۽ ٽانگن ۾ چڙهي ايندا ۽ واس وٺي واپس ويندا. ۽ ويندي ويندي خواجه صاحب جي تعريف ڪندا. هي سڀ ڪجھ واقعي خواجه صاحب جي محنت ۽ شوق هو جو هِتان هُتان ٻج هٿ ڪري ايندو هو. گلن جي وچم چار فٽ رستو ٺهيل هو ۽ ننڊيون ننڊيون ڪاٺ جون پلون ٺهيل هونديون هيون. بس هڪ قسم جو بهشت هو.
آغا طارق جو ذڪر: شڪارپور کان به هڪ پٺاڻ نالي آغا محمد طارق به اچي داخل ٿيو. خانداني ٻار ٻيو پٺاڻ ائين لڳندو هو ته ڄڻ غلمان هجي. سندس والد آغا غلام نبي سر ساهنواز ڀٽي جو يار ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو. هت نواب شاه ۾ خواجه صاحب جي اسڪول جي تعريف ٻڌي پنهنجي پٽ کي داخل ڪرايائين. ۽ رهندو به خواجه جي گھر ۾ هو. 1988ع واري دور ۾ محترمه بينظير جي دور حڪومت ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ راندين جو وزير ٿيو. ايترو ته خوبصورت هو جو جڏهن به گروپ فوٽو نڪرندو هو ته هن جو منهن جي اڳيان ترورا اچي ويندا هئا، يعني ڪيميرا به سندس حسن ۽ خوبصورتيءَ کي هضم نه ڪري سگھندي هئي.
لياقت علي جتوئي: ٻيو به هڪ شاگرد خواجه صاحب جي گھر ۾ رهندو هو. اهو هو لياقت علي جتوئي. سندس والد محترم عبدالحميد جتوئي کيس ميهڙ کان وٺي اچي هت نواب شاه ۾ داخل ڪرايو هو. هي جوان به وزير، وزير اعليٰ ٿيو ۽ مرڪزي حڪومت ۾ پاڻي جو وزير ٿيو، ۽ سنڌ جي خدمت ڪئي. مطلب ته هن اسڪول مان جيڪي شاگرد پڙهي نڪتا انهن وڏو نالو ڪمايو، ۽ تاريخ جو حصو بڻجي ويا.
خواجه صاحب هڪ بهترين تعليم دان ۽ مهتمم هو. تعليم جي ميدان ۾ هن پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو. سندس اهي خدمتون تاريخ ۾ محفوظ آهن، ۽ رهنديون، ڇو ته جڏهن به ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاه جو ذڪر ڇڙي ويندو ته خواجه جي نالي کي سرفهرست وٺبو آهي. هاڻي هن دور ۾ نه اهي استاد آهن، نه رهبر ۽ نه وري شاگردن کي پيار ڪرڻ وارا. اگر آهن ته استاد جي صورت ۾ بگھڙ، ڦورو. نتيجو اسان سڀني جي اڳيان آهي.
ولس برانچ ۾ چوٿين درجي تائين ڪلاس هئا، باقي پنجون، ڇهون ۽ مئٽرڪ مين برانچ ۾ ڪلاس هئا. اسان چوٿون پاس ڪري مين برانچ ۾ آياسين. اسانجو ڪلاس ٽيچر استاد عبدالفتاح وسطڙو هو. هي استاد مچر جو هو. تمام هوشيار، کلڻو، ۽ هميشہ پينٽ شرٽ ۽ مٿي ۾ جناح ڪيپ پاتل هوندي هيس.
سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو سوَلو ۽ سليس هو جو جيڪو ڪجھ پڙهائيندو هو ته ياد ٿي ويندو هو. موڪلون ڪرڻ ڳوٺ امان ڏي اچبو ۽ ختم ٿيڻ تي ريل گاڏيءَ ۾ ڊڀري کان چڙهبو نواب شاه لاءِ ته سائين عبدالفتاح مچر اسٽيشن تان چڙهندو. کيس ملبو ته ڀاڪر پائي ملندو ۽ سڀني لاءِ پڇندو. اڃان تائين کيس ديوتا جي حد تائين ياد ڪندو آهيان.
مان نوشهري فيروز ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي آيس ته پاڻ اڪثر ملندو هو. کيس پيرين پئي ملندو هوس ته ڀاڪر پائي ملندو ۽ پيرين پوڻ لاءِ منع ڪندو ۽ چوندو ته نه ابا! هاڻي توهان استاد آهيو! ائين نه ڪيو!

صبح جو اسيمبليءَ ۾ قومي ترانو ڳائڻ
حيدرآباد مان بابا جي بدلي ٿي وئي ڪوئٽه. ڇو ته انهن سالن ۾ ون يونٽ هو. تنهن ڪري وري آياسين نواب شاه. اهو زمانو 1961 جو آهي ۽ مان پنجين انگريزيءَ ۾ آهيان. جيڪي هم ڪلاسي هئا انهن جو ذڪر خير گذريل صفحن تي ڪري چڪو آهيان.
انهيءَ سال هڪ ميوزڪ ٽيچر، نالي محمد ڪامل پيرزادو اپائنٽ ٿي آيو. اسيمبليءَ ۾ قومي ترانو هارمونيم جي سرن تي ڳائڻ لاءِ شاگردن جي چونڊ ڪئي وئي. ۽ استاد جي نظر ۾ ٽن شاگردن کي چونڊيو ويو. هڪ مان، ٻيو غلام سرور کيڙو ۽ ٽيون غلام قادر ميمڻ.
هي استاد به تمام سٺو، محبت ڏيڻ وارو ۽ سنگيت جي سرن وانگر مٺڙو ڳالهائڻ وارو هو. پهريان ٻه ٽي ڏينهن اسانکي لطيف هال ۾ ٽنهي ڄڻن کي هن سکيا ڏني. اسان صبح جو هارمونيم جي سرن تي قومي ترانو ڳائيندا هئاسون. پر جمعي جي ڏينهن تي مرحوم ڪشنچند بيوس جي پرارٿنا ڳائيندا هئاسون. مسلمانن جو ملڪ، اسڪول ۾ سڀ مسلمان، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ هندن جي، ان مان اندازو بخوبي لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت مذهبي ڪٽرپڻي يا هندو مسلم جي فرق کي ڪا به اهميت ڪونه هئي. صرف ڳالهه هئي اتحاد، سهپ ۽ انسانيت جي. ورنه اڄ ڪلهه جيڪي فرق اسان ڏسون ٿا، يا اخبارن ۾ پڙهون ٿا ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. هر روز اخبارن ۾ سرخيءَ سان خبر ڇپيل اچي ٿي ته اڄ ڦلاڻي هندو واپاريءَ کي اغوا ڪري ويا ۽ هيترا پيسئا ڏئي ڀنگ ڀري گھر پهچي ويو. يا ڦلاڻي هندوءَ جي نياڻي اغوا ڪري ويا. تنهن ڪري ڪٽنبن جا ڪٽنب انڊيا پيا وڃن. پر سٺ واري ڏهاڪي ۾ ائين ڪونه هو. اڄ به مونکي اُهي ٻول انهيءَ پرارٿنا جا ياد آهن ۽ پنهنجي منهن پيو جھونگاريندو آهيان ته اکين مان ڳوڙها لار ڪري وهي ويندا آهن. هڪ ٻه بند اڃان به ياد آهن جيڪي هن ريت هئا:
پـــــيـــــارا قـــــــدرت وارا ســڀ ڪـــن تــنهــنــجي ســـاراه پـيـــارا
پيارا قدرت وارا
چــنــهــب چــتــن ۽ چـيـهـن کـولي، ڪـوئل مـٺڙي ٻولي ٻولي
مـــــور نـــــچــــــن نـــامــيارا، نرمــــل جــــــــوتي نــــــور نـــــظـــــارا
پيارا قدرت وارا
ڪوٽان ڪوٽ بڻائي ڌرتيون سهسين سج چنڊ تارا ڪتيون
جـــن جــــو انــت نــه پـــارا سـڀ ڪــن تـنـهـنـــجي ســــاراه پـيــارا
قدرت وارا، پيارا قدرت وارا.
غلام سرور کيڙو: غلام قادر ميمڻ ته جوانيءَ ۾ ئي رباني راه ورتي، باقي مان ۽ غلام سرور کيڙو پيا ٿا جيئون. کيڙو صاحب تنهن وقت کان اڄ تائين اهو پراڻو رشتو نڀائيندو اچي. پاڻ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ٿي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿي رٽائر ڪيائين. الله اڃان به کيس دراز عمر عطا ڪري. تمام بهترين انسان، يارن جو يار، غمخوار، همدرد ۽ نياز نوڙت سان ملندو آهي. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي:
“ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ اچي پوءِ بهار جي”
جهڙو 59-1958 ۾ سنهڙو سيپڪڙو هو اڄ به ساڳيو هڏن جي مٺ. سڀ دوست کيس چوندا هئاسين “All bones no muscles”. ته کلي پوندو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو پر ڪڇندو ڪونه، ايڏي سهپ.

ماما سان ميلو گھمڻ:
ماما اسانکي پڊعيدن وٺي هليو، اهو چئي ته هلو ته اوهانکي ميلو ٿو گھمائي اچان. ماما پڊعيدن جي پاسي مقاطعي تي زمين جو ڪجھ ٽڪرو کنيو هو، اهو به ڏيکارڻ لاءِ هيءُ پروگرام ٺاهيو هئائين. ريلوي اسٽيشن جي اُوڀر ۾ راڄپرن جو ڳوٺ هو. هن ڳوٺ جو زميندار ڏاڊو سخي مڙد هو، ايستائين جو ڊاڪٽر ڪامل راڄپر کي پڙهايو به ان ئي هو. ڊاڪٽر ڪامل کي مان سڃاڻندو هوس، ڇو ته هو ڊاڪٽري جنهن زماني ۾ پڙهندو هو ته مان به فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هوس ۽ هو شاگرد ليڊر هو. وڌي وڃي سيڪريٽري هيلٿ ٿيو.
هن ڳوٺ جا زميندار ماما جا دوست هئا، جو ڪورٽن ۾ فوجداري توڙي ديواني ڪيسن ۾ پيشون ڪاٽڻ ايندا هئا.
ميلي ۾ مٺايون جام رکيل هيون. ان کان سواءِ ڊراءِ فروٽ جا دوڪان، بوتلون، شربت جا دوڪان، کدڙن جا ناچ گانا، موت جو کوه، چوڏول، مطلب ته هر طرف پيهه لڳل هئي. ماڻهو هيڏي هوڏي گھمي ڦري رهيا هئا، ۽ کدڙن جا ناچ گانا، سندن ڊانسون ڏسي کين ڪجھ پيسئا ڏئي خوش ٿي رهيا هئا. اتي ئي هڪ ڪڃريءَ جو شاميانو به لڳل هو. ۽ اشارن اشارن ۾ شوقينن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري رهيون هيون. بعد ۾ انهن ڪجھ لوڪ ادب مان هڪ لوڪ گيت ڳايو، جيڪو مون اڳم ڪڏهن به ڪونه ٻڌو هو، جيڪو هن ريت هو:
جــهــڙي اڇـي مـڊم، تـهڙي پائـلي
پــائــلي ڙي الا! مــونکي مارن مـڪـي تــه پـگھار مان پائلي
ته وري ٻيءَ ڪڃريءَ ورائي چيو ته:
جهڙو گورو صاحب، تهڙي پائلي
پائـلي ڙي الا! مونکي مارن ته مڪي پگھار منجھان پائـلي ....
جهڙي ريت ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ “ٽنڊو” سندن چوڪيءَ جي رکوالي جي نالي پٺيان سڏبو هو، مثلاً ٽنڊو سائين داد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ساڳي ريت “پڊ” وري ڪلهوڙن جي دور ۾ ساڳي معنيٰ ۾ مروج هو. اهو “عيدن” ڪلهوڙن جي دور ۾ اصل هنڱورجا جي هڪ ڪراڙ يا سيٺئي جو پٽ هو، جنهن کي سندس پيءُ اتي زمين ڏئي آباد ڪيو هو.
هي شهر انگريزن جي دور ۾ وڏي ترقي ڪري ويو، جو هت ريلوي اسٽيشن قائم ٿي ۽ جنگشن به.