باب ٻيو: C.S.S جو امتحان ڏيڻ
اهو ليڪچرار صاحب اصل ۾ ڊڀري جي ڀرسان سندس ڳوٺ هو. ذات جو سهاڳ هو، پر نالو سندس وسري ويو آهي، ڇو ته گھڻا سال ٿي ويا آهن، منهنجي خيال ۾ اڌ صديءَ کان به مٿي عرصو ٿي ويو آهي. بهرحال منجھند جي مانيءَ لاءِ ميس ۾ ويس. ميس وارن کي اڳم ئي چيل هو. ماني آئي اڃان کائي رهيو هوس ته سامهون واري ٽيبل تي ٽي نوجوان ويٺل هئا جيڪي پڻ سنڌي ڳالهائي رهيا هئا. آخر هڪ مون ڏي آيو ۽ مونکان نالو ۽ ذات پڇيائين. مون ٻڌايو، ته ڇوٽ ۾ چيائين ته امان بچان تنهنجي ڇا ٿئي؟ مون چيو ته بچل جي نالي سان ڳوٺ ۾ گھڻيئي آهن توهان الائي ڪهڙيءَ کي ٿا سڃاڻو! ته چيائين ته غلام محمد لاڙڪ جيڪو مختيارڪار هو انجي گھر واري. ته مون چيو ته اها ته منهنجي ناني ٿئي!. ته چيائين ته نه نه تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ڇو ته نه ادي شهناز جي شادي ٿي آهي ۽ نه ٻين جي، تون وري ڪهڙي امان بچان جي ڌيءُ جو پٽ آهين!. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو نيٺ مون کانئس پڇيو ته ڀلا توهان به ته تعارف ڪرايو!. ته پنهنجي پيءُ محمد صديق ميمڻ جو نالو کنيائين ۽ چيائين ته هو به مختيارڪار هو. پنهنجي ماءُ جو به نالو ٻڌايائين ۽ ائين به چيائين ته امان کي امان مٿلي ڪري سڏيو ويندو آهي. بعد ۾ مونکي معلوم ٿيو ته ناني بچان انهن ٽنهي ٻارن کي پاليو هو ۽ اهي ٽئي ٻار نانيءَ سان گڏ رهندا هئا.
بهرحال منهنجا امتحان ٿيا. ڪجھ مهينن کانپوءِ رزلٽ نڪتي، مان فيل ٿيم آمريڪن هسٽريءَ ۾. باقي ممتاز راڄپر پاس ٿي ويو. ريلوي ۾ آفيسر ٿي ويو. ان سان منهنجي پراڻي ياري هئي جو هو به پن جون ٻيڙيون پيئندو هو. اصل ۾ ڪرونڊيءَ جو هو.
ڀائرن جي شادي.
وڏن ڀائرن جي سال 1969ع ۾ شادي طئي ٿي. مون به بابا کي چيو ته بابا مون به M.A پاس ڪئي آهي ۽ وڏو ٿي ويو آهيان، نوڪري ناهي ته ڇا آهي؟ هيءُ به بار لاهي ڇڏ! ته وڏا ٽهڪ ڏنائين ۽ ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيائين. ادا اڪبر جو سهرو ٿيو خانصاحب غلام محمد ۽ ادا بدر جو چاچو محمد لقمان. ادا اڪبر مڙئي هو ڪجھ طبيعت جو تيز، تنهن ڪري خانصاحب غلام محمد پيو نٽائيندو هو. هڪ ڏينهن بابا شام جو مونکي وٺي هليو ۽ چيائين ته ابا! اچ ته هلون اڪبر لاءِ تاريخ وٺڻ. وياسين ۽ بابا ڳالهه چوري. تنهن تي خانصاحب چيو ته “سليمان تون ذمو کڻ”. بابا ورندي ڏني ته ادا رک الله تي! ته خانصاحب چيو ته هان ڌيءُ ڏيان توکي ۽ رکان الله تي. ائين ڪونه ٿيندو.
بهرحال ڪافي مرليون بابا وڄايون، نيٺ ادا اڪبر جو ڪم ٿي ويو. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. ادا بدر کي به ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. ٻنهي ڀائرن جي شاديءَ جو بندوبست مون ڪيو. انهن ڏهاڙن ۾ ڊيڪوريشن جي هڪ ئي ڪمپني هئي “سيجا” ڪرسيون، شاميانا، ڪناتون، اسٽيج وغيره وغيره لڳارايم. رات گذري صبح ٿيو ته ڪمپنيءَ وارا آيا ۽ سڄو سامان کڻي ويا، ڄڻڪ هت ڪجھ هو ئي ڪونه. مار! جيڪو منڊل لڳو هو غائب ٿي ويو. امان، ماسيون، پڦيون، ماما، ماميون سڀ خوش. صبح جو آخري سنئوڻ اڃان باقي هو. يعني لائون.
هاڻي منهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر جو مٿو ڦريو. ننڊي ڀاءُ ادا بدر جي ڪنوار گھڻو ڪري پنهنجي مامي وٽ رهندي هئي. پر وڏي ڀاءُ جي ڪنوار به اتيئي رهندي هئي. تنهن ڪري لائن لاءِ سيج به اتيئي سجائي وئي هئي. مون وارو ڀاءُ صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيو، چئي: “منهنجي ڪنوار پنهنجي پيءُ جي گھر اچي ته لائن لاءِ ايندس ورنه؟”. امان پريشان، اسان پريشان ته هاڻي ڇا ڪجي! خانصاحب غلام محمد چيو ته: “مون ته سليمان کي چيو هو ته تنهنجو پٽ آهي ڏنگو اهو ضرور فساد ڪندو! پر سليمان چيو ته رک الله تي”. خانصاحب غلام محمد ڪڍيو کيسي مان پاسنگ شو سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ ٻاريو سگريٽ. سگريٽ مٿان سگريٽ، نيٺ پاڻ آڻ مڃئي ۽ سندس ننڊڙي گھر ۾ سيج بنائي ڪنوار کي آندو ويو. مون وارو ڀاءُ ڏاڍي شان سان آيو ۽ لائون جي رسم پوري ٿي.
هي پاڙو جنهن ۾ اسان جا مائٽ رهندا آهن “الهه داد چنڊ” جو پاڙو سڏبو آهي. جيجي زرينه بلوچ، سيد حيدر شاه سابق سيشن جج، ڊاڪٽر قاضي خادم، اسٽيشن روڊ تي ٺهيل نظاماڻي هوٽل جا مالڪ هن ئي پاڙي جا رهاڪو آهن. ان کان علاوه پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله لاڙڪ جو والد محمد ايوب لاڙڪ به هن ئي پاڙي جو رهواسي هو.
ٻئي گھوٽ ۽ ڪنوار ڳوٺ آيا ڪار ۾ چڙهي. بابا جي ڪار هئي 1957 ماڊل شورليٽ، جهڙي هئي ڪار تهڙا هئا گھوٽ ڪنوار. مون وارن ڀائرن به پاتا هئا فل سوٽ، اڳم ئي هئا شهزادا، ويتر جو لٿا ڪار مان ڪنوارن سان گڏ ۽ ماشاءَالله اُهي به هيون شهزاديون، هر طرف واه واه ٿي وئي. مان ۽ بابا اتي حيدرآباد ۾ رهجي پياسين جو ڊيڪوريشن ڪمپنيءَ وارن کي پيسئا ڏيڻا هئا، ۽ پوءِ آياسين سرفراز ڪالونيءَ ۾. ستاسين ته ننڊ اهڙي اچي وئي جو اٿڻ جو نالو ئي نه. شام جو ڇهه بجي اک کلي. ۽ ڪجھ ٿڪ لٿو، ۽ سرير ۾ ساه پيو.