باب پهريون: بابا سان ڌمڪي آميز حجت
هڪ ڏينهن منهنجي زمين جو هاري محمد دائود سيال مونکي ڳولي اچي نوشهري پهتو. خوش خيرعافيت معلوم ڪرڻ کانپوءِ مون کانئس نوشهري اچڻ جو پڇيو. چيائين ته حج تي وڃڻ جو ارادو آهي، فارم ڀرائيندس، ۽ وڌيڪ چيائين ته کيس ڪجھ پئيسن جي ضرورت آهي. مون سندس ڪم ڪيو ۽ اچانڪ دل ۾ مونکي به اهڙو خيال آيو ته ڇو نه بابا کي ڌمڪي ڏيان! يا شادي ڪرائي يا حج تي وڃڻ جي اجازت ڏئي.
مان هاريءَ سان گڏ ڳوٺ آيس. ۽ بابا کي چئي ڏنم! ته پاڻ چيائين ته: “ارادو پڪو اٿئي يا نه؟”. مون چيو ته: “بابا سائين پڪو آهي، پر اگر شادي ڪرائيندو ته پوءِ حج تي ٻئي سال!” بابا منهنجي ڳالهه سمجھي ويو ۽ ٺهه پهه چيائين ته: “حج ته ڀلو ڪم آهي پهرئين ترجيح ان کي هجڻ گھرجي”. منهنجا ته خيالي پلاءُ اڌورا رهجي ويا، ڀيلڙو منهن ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو فارم ڀريم. ڪڻو نڪتو ۽ تياري شروع ڪيم. حج جا، پاڻيءَ واري جهاز ۾ ڊيڪ جا پيسئا هئا =/8400 روپيه. حج تي جيڪو ويندو هو انهن ڏينهن ۾ ٻه طريقا هئا، هڪ هوائي جهاز انجي ٽڪيٽ جا پئيسئا هئا =/15000 روپيه، ۽ ٻيو طريقو هو پاڻيءَ وارو جهاز ان ۾ وري ٽي طبقا هئا، هڪ فرسٽ ڪلاس، ٻيو سيڪنڊ ڪلاس، ۽ ٽيون ڊيڪ. هتان وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ تقريباً چار مهينا لڳي ويندا هئا. مون به چار مهينا موڪل ورتي هئي.
27 رمصان تي سفينه عابد ۾ وڃڻو هو. هتان موڪلائي ڪراچي ويس، اتان جهاز ۾ سوار ٿي ويس. جهڙي ريت عوامي ايڪسپريس ۾ ڀرٿ هوندا آهن ان ۾ ائين ساڳيو طريقو آهي. ڪل 1200 مسافر جهاز ۾ هئاسين. گھڻا ته وڃي عرشي تي بسترا لڳائي سمهي پيا، البته مونکي ڊپ لڳي رهيو هو، سو هيٺ وڃي هڪ ڀرٿ تي بسترو لڳايم.
هيءُ سفر به عجيب هو. جيڏانهن نظر ڊوڙاءِ ته پاڻي پاڻي هو. اهڙي گهري پاڻيءَ ۾ ڪاريون مينهون ڏسي تعجب لڳو، پوءِ خبر پئي ته اهي وهيل مڇيون هيون.
اٺن ڏينهن کانپوءِ جده پهتاسين. اتي معلم جا ملازم اڳم ئي بيٺا هئا جيڪي مڪي پاڪ ۾ معلم جي جاءِ تي وٺي آيا. معلم جو نالو عبدالرحمان هو ۽ جنهن محلي ۾ معلم جي آفيس هئي اهو محلو “الجياد” سڏيو ٿي ويو.
معلم جو ملازم خانه ڪعبه وٺي هليو. مين گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيم ۽ جيئن ئي نظر بيت الله تي پئي ته اکين مان ڳوڙها لار ڪري وهي پيا. زبان مان اوڇگانرون نڪري ويون، منهنجا قدم لرزي رهيا هئا، ڇو ته مون جهڙو گندو بندو ۽ سامهون خالق اڪبر جو گھر. مون ۾ اها همٿ ئي نه هئي جو اڳتي وڌان، کن پل لاءِ پنڊ پاهڻ ٿي پاڻ کي محسوس ڪيم. ڇا ته دهشت منهنجي مٿان طاري ٿي وئي. پر نيٺ پاڻ کي سنڀالي بيت الله وڃڻ لڳس. معلم جي ملازم کي هڪ عصا هٿ ۾ هئي ۽ اسان سڀني کي حجر اسود جي سامهون بيهاري دعا سلام پڙهي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ان جيڪي دعائون پڙهيون اسان انجي پٺيان پڙهندا وياسين. ائين ست چڪر پورا ڪرائي، باب ابراهيم تي نفل پڙهائي صفا ۽ مروا تي وٺي هليو. اتي به ست چڪر هڻائي زم زم پياري معلم جي جاءِ تي وٺي آيو. ان کان بعد ۾ اسان احرام لاهي پنهنجا ديسي ڪپڙا پاتا.
مقدس جاين جي زيارت:
غار ثور ۽ غار حرا، حضور پاڪ جو گھر ڏسڻ جنتِ المعليٰ، مسجد جن ڏسڻ جو شوق ٿيو، ڇو ته اهي سڀ جايون تاريخي حيثيت رکن ٿيون. غار حرا اها جاءِ آهي جتي نبي پاڪ تنهائي ۾ وڃي خدا جي عبادت ڪندو هو. ۽ نبي پاڪ تي حضرت جبرائيل انساني صورت ۾ اچي ڀاڪر پائي اهو سڀ ڪجھ سندس سيني مبارڪ ۾ اوتي ويو جنهن حضور پاڪ کي سراسر نور ڪري ڇڏيو ۽ دنيا جا سڀ علوم سندس اندر ۾ پيوست ڪري ويو.
غار ثور به ڏٺم. هي اها جاءِ جتي نبي پاڪ حضرت ابوبڪر جي رفاقت ۾ مڪي پاڪ کان رات جي اونداهيءَ ۾ هجرت ڪئي ۽ انهيءَ غار ۾ رات بسر ڪئي.
منهنجي به هئي جواني سو هڪ ئي ڏينهن ۾ اهي ٻئي جايون ڏسي مالڪ پاڪ جا شڪرانا بجا آندم ۽ اتيئي پنهنجو سر نوائي الله پاڪ جي وڏائي بيان ڪيم ۽ سندس ٿورا مڃيم جو بابي سائينءَ کي ڏنل ڌمڪيءَ مونکي هي پاڪ جايون ڏيکاريون. ورنه اگر بابا سائين منهنجي ڌمڪيءَ کان مرعوب ٿي شادي ڪرائي ها ته هي جايون جهڙوڪ بيت الله، صفا مروا، زم زم جو کوه، نبي پاڪ جو گھر، جنت المعليٰ، غار حرا، غار ثور، ان کان علاوه جيڪو کوه حضرت عثمان يهوديءَ کان خريد ڪيو ۽ عوام الناس لاءِ وقف ڪيو، انهن جي زيارت نصيب ڪانه ٿئي ها!
حضرت عثمان جي کوه تي اهڙو نطارو ڏٺم جو شرم کان ڪنڌ جھڪي ويو. انڊونيشا جا نوجوان مرد ۽ عورتون صرف ڪڇو ۽ انگي پائي غسل ڪري رهيا هئا ۽ پاڻي پي وضو ڪري پاڻ کي پاڪ صاف ڪري رهيا هئا. منهنجي خيال ۾ پاڪستاني مردن توڙي عورتن ۾ حيا ۽ شرم آهي، باقي ٻين جا ڪم لٿا پيا آهن. 2009ع ۾ ايران ويو هوم ته اتي به سنڌي ماڻهو جيڪي فقه جعفريه جا طالب العلم هئا چون پيا ته هنن ايرانين کي ڏسڻو هجي ته سندن گھرن ۾ ڏسو، ڇو ته سندن اڌ جسم ڪپڙن کان آجو هوندو آهي.
دمشق وڃڻ:
ڳالهه جو نڪتي آهي ته ڪندو ٿو هلان. اسان ايران کان پوءِ شام وياسين. ڇو ته مون مولاين جي سالار (قافلي جي اڳواڻ) کان واعدو ورتو هو ته عراق بجاءِ اسانکي شام وٺي هلندين ته توسان هلبو ورنه نه! ته ان واعدو ڪيو هو ته ائين ئي هلبو. مون ان ڪري اهو شوق ڏيکاريو جو قران پاڪ ۾ شام ملڪ کي “پاڪ ڌرتي” جي لقب سان منسوب ڪيو ويو آهي. تهران مان پيپر ويزا ملي ۽ اسان پنهنجي گھر جا ڪل ست ماڻهو جهڙوڪ آءٌ، عبدالاحد، سميع، سميع جي والده، سنڌو ۽ سنڌوءَ جي والده، سالار جي قيادت ۾ تهران تي ايئرپورٽ پهتاسين. صبح جو ڇهين بجي جهاز ۾ سوار ٿياسين. جهاز ننڊو هو جنهن ۾ ڏيڊ سو مسافر سوار هئا. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ جهاز دمشق انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو سامان هٿ ڪري اميگريشن لاءِ لائن لڳائي سون. هڪ ڪائونٽر VIP هو، اتي اسان مسافرن مان هڪ پيسنجر ڳاڙهو ڳٽول پينٽ شرٽ ۾ ملبوس پنجيتاليهه سالن جي لڳ ڀڳ وڃي بيٺو. اچانڪ هڪ عورت حسين جميل پينٽ شرٽ پاتل وار کليل، ڇاتي اڀريل ان مرد کي اهڙو ته چنبڙي وئي ۽ چمين جو وسڪارو لائي ڏنو جو اسانجي دماغ جو کوپڙو ئي ڦري ويو. پر ان جوڙي کي ڪو به احساس نه ته هو ايئرپورٽ تي ڏيڊ سو ماڻهن جي سامهون چمي چٽ ڪري رهيا آهن. بلاشبه ٻئي شامي هئا، پر خبر نه آهي ته مسلمان هئا يا عيسائي، يا يهودي.
هي دمشق جو شهر تمام پراڻو ۽ تاريخي آهي، جهڙي ريت مڪو پاڪ، جيروشلم ۽ فلسطين. حضرت ذڪريا جو کوه، بي بي زينب جو آخري آرام گاه، نبي پاڪ جون ٻه حرم، حضرت بلال بانگو، حضرت امام حسين جو سر مبارڪ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه حضرت آدم جو فرزند حضرت هابيل نبي الله جي قبر به اتي موجود آهي. هي زيارت گاه دمشق کان ٽيهه ڪلوميٽر پري آهي، ۽ هڪ پهاڙيءَ تي آهي ۽ هڪ فوجي چوڪي به موجود آهي ڇو ته عين سامهون اسرائيلي فوج جي چوڪي آهي.
يهودي عورتون جين پائن سو به گوڏن تائين. ٽنگون اگھاڙيون، قميص کي ٻانهون ڪونه هونديون، مٿو کليل، سينو اڀريل، سگريٽ به پيئنديون ۽ اهو به ظاهر ظهور. دمشق جي اوڀر ۾ آهي اردن جو ملڪ. حضرت هابيل جي بلڪل سامهون آهي لبنان ملڪ. مون اتي پهاڙن جي چوٽين تي به ڪڻڪ پوکيل ڏٺي. هر چوڪ تي، اتان جي صدر بشارالاسد جو قدآور مجسمو ڏٺو ۽ سندس والد حافظ اسد جو به مجسمو ڏٺو.
شيخ سعدي رح به دمشق ويو هو. پنهنجي مايه ناز تصنيف “بوستان” ۾ انجو ذڪر ڪيو اٿس. اتان جي آبهوا ۽ حسناڪيءَ کان گھڻو متاثر ٿيو. پر هڪ سال جي ڏڪار هتان جي ماڻهن کي ڏاڍو ڏکارو ڪري ڇڏيو، ايستائين جو عاشقن کان عشق ئي وسري ويو. شيخ سعدي رح اهو نقشو هن ريت چٽيو آهي:
چنان قحط سالي شد اندر دمشق
کـه يـاران فـرامـوش کـردنـد عشق.
مديني پاڪ کي ڏسڻ:
ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار. ڳالهه پئي هلي مڪي پاڪ جي ۽ مان الائي ڪٿي وڃي نڪتس. ان ڏينهن مڪي پاڪ ۾ هئاسين خوب طواف ڪياسين ۽ زم زم پي دل ۽ دماغ کي تازو توانو ڪيوسين. نائين ڏينهن اسانکي معلم ٻڌايو ته تياري ڪيو جو عشا جي نماز کان پوءِ مديني پاڪ اسانکي موڪليو ويندو. عشا جي نماز کانپوءِ بس ۾ سوار ٿي هلياسين. بدر جي ميدان جي زيارت ٿي. هي اها جاءِ آهي جتي مڪي جي قريشن ۽ حضور پاڪ جي وچم پهرئين جنگ لڳي. هن جنگ جو ذڪر قران پاڪ ۾ به آهي. قريشن کي شڪست ملي سندن سرڪرده پهلوان مارجي ويا. هونئن به ڏٺو وڃي ته ڪوڙ جي پاڙ هوندي ڪانهي. سچ هميشہ سوڀارو ٿيندو آهي، پر خبر نه آهي ڇو انسان ڪوڙ تي سنڌرو ٻڌي بيهندو آهي. فجر جي نماز مهل مديني جي حدن ۾ بس داخل ٿي ۽ نبي پاڪ جي شهر جي خوشبوءِ سان گڏ صبح جي ٿڌڙي هير ايمان تازو ڪري ڇڏيو. ۽ اها ٿڌڙي هير ويلڪم ويلڪم ڪري آجيان ڪري رهي هئي.
نبي پاڪ جي روضي جي بلڪل ڀرسان جاءِ ملي. پاڻ کي تازو توانو ڪري آخري نبي صلي الله عليہ وسلم کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ روانا ٿياسين. ان وقت مان پاڻ کي هڪ ننڊڙو، بندرو، ڪارو ۽ ڪوجھو پيو سمجھان. هڪ گھڙي مٿي آسمان ڏي نهاريان ته ذري پاڻ ڏي نهاري رب پاڪ جا شڪرانا بجا آڻيان. پاڻ کي ئي پئي چيم: “خانو! ڇا تو ۾ اهڙي اهليت آهي جو پاڻ کي خدا جي پياري ۽ آخري نبيءَ جي آڏو پيش ڪري سگھندين؟”. توکي شرم نه ايندو! سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي صحيح، پر ڪنهن اردو شاعر فرمايو آهي ته:
يــه سب تـمـهـارا ڪرم هـي آقـا
که بات اب تڪ بني هوئي هي.
حضور پاڪ تي سلام پيش ڪرڻ لاءِ باب جبرئيل کان داخل ٿبو آهي ۽ باب سلام کان ٻاهر نڪربو آهي. تمام آهستي درود پڙهندو هڪ ٻئي جي پٺيان هلبو آهي، تڪڙ نه ڪبي آهي، ڇو ته هي ادب جي جاءِ آهي. اگر ڪنهن کي تصديق ڪرڻي آهي ته “سورة الحجرات” پڙهي ڏسي ته ڄاڻ ملي ويندي.
سلام پيش ڪيم، درود ابراهيمي ۽ درود تنجينا پڙهندو ويس. هڪ مسلم لاءِ ان کان وڌيڪ ڪا به جاءِ ناهي جتي ايمان کي تقويت ٿي ملي. پوءِ مسجد نبويءَ ۾ ڪي گھڙيون هڪ ڪنڊ ۾ خاموشيءَ سان ويهي رهيس. ڏاڍيون بابا ۽ امان لاءِ دعائون گھريم، خاص ڪري بابا لاءِ جنهن جي هڪ اشاري هي مقدس ڌرتي ۽ پاڪ جايون ڏيکاريون، جهڙوڪ مسجد قبا، مسجد قبلطين، باغ سلمان فارسي، حضرت ايوب انصاريءَ جو گھر، احد جبل. هن جبل جي دامن ۾ فتح ٿيل جنگ شڪست ۾ تبديل ٿي وئي هئي، ڇو ته جنهن لڪ تي حضور پاڪ مسلمانن جي جٿي کي تاڪيد ڪري بيهاريو هو ته ڪنهن به صورت ۾ ان لڪ کي خالي ناهي ڪرڻو، پوءِ جنگ جي ڪهڙي به صورت حال هجي! پر غلطيءَ وچان ان مسلم جٿي ان لڪ کي خالي ڇڏي ڪافرن جي سامان کي مال غنيمت سمجھي ميڙڻ شروع ڪيو. خالد بن وليد جيڪو ڪافرن جو سپہ سالار هو ان صورت حال کي پنهنجي لاءِ سازگار سمجھي ان ئي لڪ مان مسلمانن تي اهڙو ته ڀرپور حملو ڪيو جو مسلمانن جون وايون بتال ٿي ويون. مسلمانن جو وڏو نقصان ٿيو. حضور پاڪ جو ڏند مبارڪ شهيد ٿي ويو. حضرت حمزه شهيد ٿي ويو ۽ ٻيا به کوڙ سارا سرڪرده پهلوان شهيد ٿي ويا. هي سڀ ڪجھ ان ڪري ٿيو جو مسلمانن خدا جي نبيءَ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، ان جي برعڪس دنيا جي مال متاع کي ترجيح ڏني.
خانداني خدمتگار شهداد سان ملڻ:
منهنجي سعودي وڃڻ کان اڳم حاجي شهداد اسانجي ڳوٺ جي سيده جيجي، جنهن کيس پنهنجو پٽ بڻايو هو، کي عمرو ۽ حج ڪرائڻ جي نيت سان وٺي آيو هو. هن کان اڳم حاجي محمد ادريس به هت مديني ۾ آيل هو. چوندا آهن ته جنهن به حاجيءَ سان ملڻو هجي يا ڳولڻو هجي ته مغرب جي نماز تي توهان کي گھربل ماڻهو مسجد نبوي ۾ ملي ويندو. مونکي به حاجي شهداد ۽ حاجي ادريس ملي ويا. هڪ ٻئي سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي، خاص ڪري حاجي شهداد سان، ڇو ته هو ننڊو ٿي وڏو ٿيو هو اسان جي گھر. ڄام شوري ۽ ڪوئٽه کان وٺي هن مهل تائين. سندس والده ناني متڻ به هن خاندان سان سڄي ڄمار ساٿ نڀايو. پنهنجي ڳوٺ کان صبح جو سوير ايندي ۽ مغرب کان پوءِ ويندي، يا ته رات به رهي پوندي. مٿي ۾ سور ٿيندو يا موسم تبديل ٿيڻ ڪري جسم آڪڙجي پوندو ته ويٺي زور ڏيندي. اسان به کيس ناني ڪري سڏيندا هئاسين. سڄي زندگي هن ئي خاندان ۾ گذاري رباني راه ورتائين ۽ اسانکي ڄڻ ته ڇورو ڪري وئي. سندس زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مان ساڻس ملڻ لاءِ نواب شاه ويو هوس ته مونکي ڀاڪر ۾ وجھي روئي ڏنو هئائين ڇو ته اسان کي ننڊڙي هوندي کان هنج تي کڻي گھمايو هئائين.
هر حاجي مديني ۾ صرف چاليهه نمازون پڙهندو آهي ۽ پوءِ سندس واپسي ٿيندي آهي يعني ڪل اٺ ڏينهن رهائيندا آهن. حاجي شهداد اهي اَٺئي ڏينهن منهنجي خدمت ۾ گذاريو ۽ اهڙي خدمت ڪئي جو ڳالهه ڪرڻ کان وڏي آهي. روزانو اننناس جو دٻو، يا صوفن جو مربو، يا ڪاري ڊاک جو جوس يا زيتون جنهن جو ذڪر قران پاڪ ۾ آهي، انجو فروٽ ۽ ان کان علاوه ريال به آڇيندو هو ته جيترا کپن ته کڻان، پر مون ڪونه کنيا. جو مون وٽ پنهنجا پيسئا هئا.
اسانجون چاليهه نمازون پوريون ٿيون ۽ واپسي لاءِ تياري ڪئي سون. بسون “بيرعليءَ” تي عشاءَ جي نماز کانپوءِ اچي بيٺيون. “بير علي” مديني پاڪ جي ريلوي اسٽيشن آهي، پر صرف پٽڙيون آهن ۽ پليٽ فارم. ريل بند آهي. اِها ريل جي پٽڙي ترڪن پنهنجي دور حڪومت ۾ ترڪي کان مديني تائين وڇائي هئي، پر ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ ترڪيءَ کي شڪست ٿي ۽ انجو قبضو ختم ٿي ويو. وري جو لارينس آف عريبيا هن خطي ۾ نازل ٿيو تنهن ته عربن کي ويڙهائي سندن طاقت کي نيست نابود ڪري ڇڏيو.
ايرانين جو طريقو:
مغرب جي نماز جو ٽائيم ٿيڻ وارو هو حرم جي مين گيٽ تي پهتس ته ايرانين جو جٿو به اچي رهيو هو. پر حرم ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ ان زيارت گاه جتي پنجن تنن تي چادر لٿي هئي وڃي رهيا هئا. ڏاڍو تعجب لڳو ته ائين ڇو؟. آذان به اچي رهي هئي هو پنهنجي سالار جي پٺيان اوڏانهن وڃي رهيا هئا. 2003ع ۾ وري جڏهن پنهنجي گھر واريءَ سان حج تي وڃڻ ٿيو ته اها جاءِ سعودي حڪومت بلڊوز ڪري ڇڏي ۽ جنت البقيع جي چوڌاري ديوار ڏياري ڇڏي ۽ عورتن جو وڃڻ ممنوع ڪري ڇڏيو، ڇو ته “جنت البقيع” ۾ خاتون جنت بي بي خديجة الڪبريٰ ۽ امام حسن مدفون آهن، اتي ايراني روڄ راڙو ڪندا هئا.
آخري نبيءَ کان موڪلائڻ:
حضور پاڪ کان موڪلاڻي لاءِ هٿ کنيم ۽ وري اچڻ لاءِ عرض رکيم. اکين مان بوندن وسڻ شروع ڪيو، ۽ سڏڪا، آهون ۽ داهون جاري رهيون ته ڪنهن بزرگ جا چيل هي الفاظ ياد اچي ويا ته: “رو رو اها مهل اٿئي روئڻ جي ۽ روئي پرچائڻ جي، الائي ڪهڙي مهل ڪهڙي ۽ پوءِ هجين نه!”. ۽ مون به اکڙين کي لطيف جي هن بيت سان تشبيهه ڏني:
وسڻ اکڙين جيئن، جي هوند سکئين مينهن
ته هـونـد راتـو ڏيـنـهـن، بس بوندون نه ڪرين.
آخر انهن کي به سمجھائي ڇڏيم ته جيترو سهڻو پيارو آهي، اوتروئي ٻاجھ ڪندڙ آهي، گھرائيندو ضرور ۽ پوءِ ملڻ ٿيندو.
طواف دوران ڊاڪٽر هاليپوٽي کي ڏسڻ:
مديني پاڪ کان موٽي وري اچي عمرو ڪيم. اها منهنجي خوش قسمتي هئي، ڪا به تڪليف ڪانه آئي، مڙيئي مالڪن جا قرب هڪ ڏينهن ائين فرض نماز ادا ڪري طواف ڪرڻ شروع ڪيم ته ٽئين چڪر ۾ ڊاڪٽر هاليپوٽي تي نظر پئي ۽ هن به مونکي ڏسي ورتو. هو منهنجو استاد هو ۽ سندس مسز پروفيسر امينه هاليپوٽو پڻ. ڇو ته جڏهن سائين ڪاڏي ٻاهر ويندو هو ته پنهنجي مسز کي چئي ويندو هو. اها گھر ۾ اسان کي صبح جي ٽائيم ۾ حضرت عبدالقادر جيلاني جو تصنيف ڪيل تصوف تي ڪتاب “قول الجميل” پڙهائيندي هئي. پاڻ طواف ڪري ويهي رهيو. مون جڏهن طواف پورو ڪيو ته هڪ ٻئي سان بغلگير ٿي وياسين. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ مبارڪون ڏنائين.
مونکي پاڻ سان گڏ وٺي هليو هڪ جاءِ تي، ۽ چيائين ته توکي هڪ ماڻهوءَ سان ملاقات ڪرايان ٿو. ان جاءِ ۾ هڪ ڪمري ۾ هڪ بزرگ ستل هو، پر جبو عربي هئس. ذري اکيون پٽي ذري بند ڪري. اسان ٻئي سندس پيرن کي هٿ لائي پيرانديءَ کان ويهي رهياسين. بزرگ ستو ئي رهيو. هڪ ماڻهو آيو ۽ پليٽ ۾، ڄمون جهڙو ميوو، ڊاڪٽر صاحب جي اڳيان رکيو ڊاڪٽر صاحب مونکي اشارو ڪيو. هڪ داڻو ڊاڪٽر صاحب کنيو ۽ هڪ مون به. ڊاڪٽر صاحب ڪافي دير کانپوءِ بزرگ کي بيٺي سلام ڪيو ۽ مون به. هيٺ لٿاسين ته سائينءَ مون سان تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته: “هي بزرگ شيخ منظور حسين السنڌي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، نقشبندي طريقي جو وڏو پير آهي، سعودي جا عرب به سندس مريد آهن ۽ خليفا به.
هي بزرگ اصل ۾ خيرپور ضلعي جي تعلقي صوڀي ديري جو آهي. پر ايتري رياضت ۽ عبادت ڪئي اٿس جو رب جي پيارن ٻانهن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اصل ۾ ذات جو سامٽيو آهي. ناز اسڪول خيرپور مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ استاد مقرر ٿيو. پر سندس دل ۾ جيڪا اڃ هئي تنهن کيس وهڻ ڪونه ڏنو. رب جي ڳولا ۾ ڪافي ڪشالا ڪڍيائين، ايستائين جو هندستان جي شهر رامپور ويو، جتي اها هستي کيس ملي، جنهن سندس اندر کي اُجاري ڇڏيو. ۽ هاڻي هي بزرگ شيخ منظور حسين سنڌي ثم مدني جي نالي سان مشهور آهي.
سائين ڊاڪٽر هاليپوٽي مونکي ٻڌايو ته هو ٻئي ڏينهن تي واپس پاڪستان وڃي رهيو آهي جو اسلام آباد وارن کيس نياپو ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب کان مون موڪلايو ته منهنجي کيسي ۾ هڪ ريال وجھندي سائينءَ فرمايو ته: “ابا هتان ويگن ايندي ۽ حرم حرم ڪندي تون ان ۾ چڙهي حرم تائين وڃ. مون کيس ريال موٽائي ڏيڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي ۽ ايترو به چيم ته سر مون وٽ پيسئا آهن، ته چيائين ته خير آهي خير! خير ويگن آئي مان ان ۾ چڙهي ويٺس ۽ ڪنڊٽر کي ريال اهو ڏنم. جنهن مهل حرم پهتس ۽ کيسي کي جاچيم ته منهنجا ٻئي کيسا خالي هئا، يعني منهنجا پيسئا جاءِ تي رهجي ويا هئا. واه ڊاڪٽر صاحب تنهنجي وسيع نظري!
مان حج ڪري واپس آيس ته خبر پئي ته کين اهو نياپو اي. ڪي. بروهيءَ ڪيو هو. بروهي صاحب جنرل ضياءُالحق جي منسٽريءَ ۾ لا منسٽر ٿيو هو. بروهي صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب علامه قاضي صاحب جا پوئلڳ هئا. پوءِ ڊاڪٽر صاحب اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چئرمين بڻايو ويو.
ائين راتين پٺيان ڏينهن ۽ ڏينهن پٺيان راتيون حج جا ڏينهن به ويجھا اچي ويا. ۽ آخرڪار اهي به ڏينهن اچي ويا. حج ڪيم. رب پاڪ جي ان جاءِ تي جتي آدم عليہ وسلام کي معافي ملي هئي ۽ سندس دعا قبول ٿي هئي مون به نماڻائيءَ سان دعا گھري. رب واقع رب آهي جو وري گھر واريءَ سان گڏ گھرايو ۽ 2003ع ۾ ٻيو حج ڪيم ۽ وري ٽيون گھمرو عمرو ڪيو هئم.
9 ڊسمبر تي ڪراچيءَ پهتس، سامان وغيره چيڪ ڪرائي ٻاهر نڪتم ته ادا شير محمد، ادا بدر ۽ امان بيٺل نظر آيم. ملياسين. اکين به خوشيءَ وچان وسڻ ڪيو شروع، پر خوشي جا ڳوڙها هئا، سڪي ويا. دل دل سان ملي ۽ ديدون ديدن سان ۽ عيدون ٿي ويون. واه مالڪ! تنهنجا کيل! اسانجي سمجھ کان مٿي آهن. ڪٿي مڪو پاڪ ۽ ڪٿي موليڏنو لاڙڪ ڳوٺ. جنهن کي چاهين تنهن تي مهربان! ڪراچيءَ ۾ خبر پئجي وئي ته ادا بشير جي شادي ٿي وئي.
خير سان ماني ٽڪي کائي ڳوٺ روانا ٿياسين. جده ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿڌ جو نالو ئي ڪونه هو، پر جيئن ئي نوشهري جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته سردي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان. رات جو تقريباً ساڍي يارهين بجي ڳوٺ پهتاسين. سڌو مسجد ۾ ويس ۽ خيريت سان موٽي اچڻ جو نفل پڙهي دعا گھريم. صبح جو سڀني سان ملاقات ٿي. دل خوش ٿي وئي. ڀلي پار کان جو آيس ته هر ڪو ملڻ اچي ۽ هٿن ۽ ڳلن کي چميون ڏنيون. واه مدينه ۽ مڪا تنهن جي عزت ۽ تنهنجي حرمت جو احترام. اهو ان ڪري جو مڪي پاڪ ۾ خدا جو گھر ته مديني ۾ رسول پاڪ جو گھر. گولڙا شريف جي بزرگ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي ته:
ڪٿي مهر علي ڪٿي تيري ثنا
گـسـتـاخ اکـيـان ڪـٿي جـا لڙيان.