آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب ستون: قصو هڪ ٺيڪيدار جو

سکر ۾ امان به آيل هئي ۽ اسان کي گرمين جي موڪل هئي. بابا مونکي پاڻ سان گشت ۾ وٺي هليو، شڪارپور. رستي جو ڪم شروع هو. هڪ پٺاڻ جيڪو ٺيڪيدار هو بيٺو هو. انجي ڪم جي ماپ ڪرڻي هئي. SDO صاحب ميئرمينٽ بڪ هٿ ۾ کنيو بيٺو هو. بهرحال ماپ ٿي، جيڪا ميئرمينٽ بڪ ۾ چاڙهي وئي، ۽ اسين شام جو واپس سکر آياسين. ٺيڪيدار انهن ڏينهن ۾ گھڻو ڪري ڪوئٽه جا پٺاڻ هوندا هئا.
شڪارپور هونئن به آغا ۽ پٺاڻ قوم سان ڀريل آهي. انجو سبب سياسي ۽ انتظامي آهي، ڇو ته احمد شاه ابدالي کان ويندي شاه شجاع تائين شڪارپور هميشہ قنڌاري حاڪمن جي قبضي ۾ رهي آهي. ۽ گورنر اتان قنڌار کان ايندو هو، توڙي جو ڪلهوڙا يا ٽالپر حڪمران ٿيا، ته به شڪارپور سندن قبضي ۾ ڪونه ٿي. تنهن ڪري شڪارپور جا مفتي ۽ قاضي سڌو سنئون قنڌار يعني مرڪز کان مقرر ٿي ايندا هئا، ۽ ديني، مذهبي معاملا اڪلائيندا هئا.
شڪارپور جو مفتي ٻارهين صدي هجريءَ ۾ حاجي فقيرالله علوي مقرر ٿيل هو. جنهن وٽ پاڳارا خاندان جو جد امجد حضرت پير محمد راشد ۽ سندس ننڍو ڀاءُ علي مرتضيٰ شاه تعليم وٺندا هئا. ان کان علاوه کهڙن جا مخدوم قنڌاري حاڪمن جا نور نظر هئا ۽ انهن کي اوڏانهن شڪارپور جي پسگرادئيءَ ۾ زمينون جاگير طور مليل هيون. انتظامي لحاظ کان قنڌاري حاڪمن جون فوجون به موجود هونديون هيون. يعني اهو لازم هو ته اهي فوجون پٺاڻ هجن. ڳڙهي ياسين، سلطان ڪوٽ، ۽ همايون شريف جا رهواسي دراني، ڪي آغا ڪي پٺاڻ سڏبا آهن. هن دور ۾ به انهن درانين پٺاڻن، آغا ۽ علوي سيدن جو سڄي ضلعي تي تسلط قائم آهي.
آغا غلام نبي، آغا طارق ۽ سندس پوٽو آغا تيمور آغا سراج دراني ضلعي جي سياسي اُفق تي نمايان نظر اچي رهيا آهن. ڊاڪٽر افغان جنهن تعليم جي ميدان ۾ مشهوري ماڻي ۽ هڪ نعرو بڻجي ويو يعني “سنڌ جي جان ڊاڪٽر افغان” سو به هن ضلعي جو باشندو هو.
مطلب هر ڪم ۾ هي پٺاڻ قوم گھڻو اڳتي آهي جو هڪ ته سخت جان آهي ۽ ٻيو ته سنڌي ماڻهو هن ڪم کان لاتعلق آهي. سنڌي قوم صرف هڪ ٻئي جي چوري ڪرڻ ڄاڻي ۽ ٻيو پنڻ ڄاڻن. محنت مزوريءَ کان ڪوهين ڏور آهن. ٽيون هنن سنڌين وٽ ايترو پيسئو آهي ڪونه جو ٺيڪن ۾ سيڙائي ڇڏين. تنهن ڪري پٺاڻ جبلن تان هيٺ لهي سنڌ ۾ هر مزوري ڪري پيسئو ڪمائن ٿا.
هي پٺاڻ ٺيڪيدار ڪوئٽه کان اچي سنڌ ۾ ٺيڪيداري ڪري آفيسرن جي نظرن ۾ ڪافي مشهوري ماڻي چڪو هو. آچر جي ڏينهن تي بابا سائين اسان ڀائرن ۽ مامي مريد کي گرائونڊ فلور جي اڳڻ تي پاڙهيندو هو. سو اهو ساڳيو پٺاڻ صبح سان اچي نڪتو پنهنجي جيپ ۾. بابا سان اسلام عليڪم ڪري ادب سان مليو. بابا کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو ته هو شڪريه چئي ويٺو. هيٺان مٿيان جا احوال ڪري پنهنجي ڊرائيور کي اشارو ڪيائين. تنهن اشاري کي سمجھي ٻه وڏا آچار جا ڪولا يعني برنيون جيڪي منهنجي خيال ۾ ڏهه ڏهه سير جا هوندا، اچي رکيون. آچار جي خوشبوءِ سڄي ورانڊي کي کٽڙي مٺڙي خوشبوءِ سان معطر ڪري ڇڏيو. ۽ اسانجو وات سڄو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. بابا کيس چانهه ۽ بسڪوٽ کارائي آڌرڀاءُ ڪيو بعد ۾ بابا کيس چيو ته “خان! هي سامان ڪيترن پيسن جو آهي”؟. ته هن ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: “حاجي صاحب توهان لاءِ تحفي طور گھر ۾ تيار ڪرائي کڻي آيو آهيان” ته بابا وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس چيائين ته: “خان صاحب! مان تحفو ڪونه وٺندو آهيان، البته پيسئا ڏئي پوءِ کائڻ پيئڻ جي شيءِ کي واپرائيندو آهيان”. هاڻي اگر پيسئا وٺندي ته هيءَ شيءِ رکبي، ورنه توهان واپس کڻي وڃو ته بهتر آهي. پٺاڻ به سڄي مامري کي سمجھي ويو ته دال نه ڳرندي، سو ڊرائيور کي چيائين ته هي کڻي گاڏي ۾ رک ۽ پاڻ اُٿي پنهنجي کيسي مان پنجن روپين جو نوٽ ڪڍي ٽيبل تي رکي چيائين ته: “حاجي صاحب! مان به چانهه مفت جي ڪونه پيئندو آهيان” ۽ ائين چئي هليو ويو. هي هو ان دور ۾ وايو منڊل جنهنجو نتيجو اهو هو جو هر آفيسر ايماندار هو، ان سان گڏوگڏ ملڪ سان سچار، محنتي ۽ معاشري کي بنائڻ جو عزم رکندڙ. ۽ هاڻي هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته اسانجو معاشرو ڪٿي پهتو آهي ۽ ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي.
پنجن روپين وارو نوٽ ٽيبل تي رکيو پيو هو ته اچانڪ هڪ فقير به اچي پهتو ۽ خير وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين بابا اهو نوٽ کڻي ان فقير کي ڏنو ته فقير اشهد آڱر مٿي آسمان طرف اُڀي ڪري دانهن ڪئي ته “علي امام پڙدو ۽ پناه”.
ائين چئي فقير هليو ويو.
ڳالهين ڳالهين ۾ الائي ڪٿي اچي پهتو آهيان. در حقيقت ڳالهه هئي ان پٺاڻ ٺيڪيدار جي جيڪو بابا جي اڳيان پنج روپيه رکي هليو ويو هو. ڪافي سالن کان پوءِ مون جڏهن ايل. ايل. بي پاس ڪئي ۽ ماما سان نوابشاه ۾ ڪرمنل سائيڊ ۾ سندس جونيئر ٿي وڪالت شروع ڪئي هئي ته هڪ ڏهاڙي هڪ پٺاڻ ماما ڏي بابا سائينءَ جي چٺي کڻي آيو. ماما چٺي پڙهي. وري کانئس زباني احوال پڇيائين. تنهن تي ان پٺاڻ ڳالهايو ۽ چيائين ته هو ڪوئٽه جو آهي، سکر ۾ لاڙڪ صاحب وٽ ٺيڪيداري به ڪئي آهي ۽ سندس پٽ شير محمد سان ڪوئٽه ۾ ملڻ ٿيندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ٻه پٽ امان الله ۽ ثناالله ڀريا شهر جي پوليس گرفتار ڪيا آهن، جيڪي اوهان ڇڏرائي ڏيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته لاڙڪ صاحب ڏي سندس ڳوٺ ويو هوس، ۽ ان هيءَ چٺي اوهان لاءِ ڏني آهي.
ماما سڄي مامري کي سمجھي ويو. کيس ماني ٽڪي کارائي سون ۽ کيس اوطاق ۾ به رهايوسين. ٻئي ڏينهن صبح جو ماما پنهنجي منشيءَ کي ڀريا موڪليو ته پوليس کان ضروري ڪاغذ، ايف آئي آر جو نقل وٺي اچي ته سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪجي.
ڀريا جو ايس. ايڇ. او ماما جو واقف هو. شام جو منشي واپس آيو ۽ گھربل ڪاغذ وٺي آيو. مون سرسري طور ايف. آئي. آر پڙهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته امان ۽ ثنالله ٻئي سمگلنگ جي سامان ۾ گرفتار هئا. بهرحال ٻئي ڏينهن صبح جو ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي ۽ انهن جي ضمانت ٿي. اهڙو ليٽر ڪورٽ جو ۽ ماما پنهنجي چٺي صوبيدار ڏي لکي، پٺاڻ کي ڏني. شام جو ئي اهو پٺاڻ ٻنهي پٽن کي نواب شاه وٺي آيو ۽ ماما جو شڪريو ادا ڪري هليو ويو. ٿورو وقت ڪيس هليو، پر پوليس سمگلنگ جو سامان ڪورٽ ۾ پيش ڪونه ڪيو يعني پراپرٽي پوليس کائي وئي، تنهن ڪري ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو ۽ اُهي ٻئي همراه آزاد ٿي ويا.