آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب ٻيو: ڪوئٽه شهر کي گيس ملڻ

85-1984ع جو زمانو آ، ادا شير محمد ڪوئٽه بدلي ٿي ويو، جو ان سال ڪوئٽه وارن کي سئي گيس جي لائين ڏيڻي هئي. ڪوئٽه جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ “چشما” نالي کي به گيس ملڻي هئي. ادا شير محمد سان اتان جو رهاڪو هڪ پٺاڻ ملڻ آيو ۽ ڳالهين ۾ کانئس پڇيائين ته صاحب اوهان ڪٿان جا آهيو؟ ۽ نالو ذات ڇا آهي؟ ادا شير کيس ٻڌايو ته ذات لاڙڪ آهي ته ڇوٽ ۾ چيائين ته سکر ۾ هڪ لاڙڪ صاحب هو جنهن وٽ هو ٺيڪيداري ڪندو هو، اهو اوهان سڃاڻو ٿا؟ ته ادي شير کيس ٻڌايو ته: “اهو منهنجو بابا هو”. ته ادي شير محمد ٻڌايو ته ان پٺاڻ کيس ڀاڪر ۾ وجھي چيو ته: “هو منهنجو به بابا هو”. ۽ هن کان گھڻو ڪجھ سکيو، اڃان به هن وقت تائين جڏهن به ڪا مشڪل پيش ايندي آهي ته صرف اکيون بند ڪري تصور ڪندو آهيان ۽ ان کان دعا وٺندو آهيان ته مونکي گھڻو ڪجھ ملي ويندو آهي”، پوءِ ادي شير محمد کي پنهنجي ڳوٺ جي دعوت ڏنائين.
اهو ڳوٺ “چشمو” بلوچستان جو مشهور ۽ معروف ڳوٺ آهي. ڪوئٽه شهر جر بلڪل ڀر ۾ آهي. هتان جا بزرگ جهڙوڪ حضرت خواجه فيض الحق، حضرت خواجه محمد عمر جان ۽ حضرت خواجه عبدالحئي، سنڌ ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. هت سنڌ ۾ به سندن مريد ۽ خليفا موجود آهن، ۽ پنهنجن خليفن جي دعوتن تي شڪارپور، ميرو خان، ٻيڙو چانڊيو ۽ جيڪب آباد ۾ سومرا خاندان وٽ سياري جي موسم ۾ ايندا آهن.

سائيءَ جي بيماريءَ ۾ ڪوئٽه وڃڻ.
ساڳئي سال مونکي سائيءَ جي بيماري ٿي پئي. ادا شير محمد به ڳوٺ آيل هو. مونکي چيائين ته هل ڪوئٽه اتي موسم به سٺي آهي ۽ پاڻي به. مونکي به هئي گرمين جي موڪل سو ان سان گڏجي هليو ويس. ڳوٺ ۾ اسانجو عزيز جنهن کي عام طرح ماما بخشو سڏيندا هئاسين، جو اسانجي مامي سڳوريءَ جو مائيتو ڀاءُ هو، تنهن کان سائيءَ جا ٻه شيشا وٺي ڇڏيا هئا اهي به کڻي ورتم. ماما بخشي کي اهو نسخو پير نَوَل گھوٽ کان جيڪو نوشهري جو وڏو پير طريقت ۽ ان سان گڏ وڏو حڪيم هو، مليل هو، ۽ انهيءَ بيماريءَ لاءِ اڪسير هو.
بهرحال دوا به ڪوئٽه مان ورتم ۽ اهو نسخو به استعمال ڪيم. انهيءَ نسخي جو اهو اثر هو جو پيئڻ سان دست ٿي ويندا هئا ۽ اندر ۾ جيڪو ڪِنُ ڦِٿُ هوندو ته نڪري ويندو، يعني جيرو ويندو صاف ٿيندو، ۽ بيماري ڀڄي ويندي.
هڪ هفتي کانپوءِ بلڪل چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويس، ڇو ته هڪ ته واقع موسم سٺي، ٻيو پاڻي صاف، ٽيون کاڌو به پرهيز وارو جيڪو منهنجي ننڊي ڀاڀي جنهن کي آءٌ باجي ڪري سڏيندو آهيان، انهن ٽنهي منهنجي جان ۾ ڪافي ڦڙتائي آڻي ڇڏي.

ڪوئٽه جا نظارا.
ادا شير محمد آچر جي ڏهاڙي چيو ته هل توکي “اُڙڪ” ۽ “حنا ليڪ” گھمائي اچان. اُڙڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پاڻي آبشار جي صورت ۾ هيٺ زمين تي ڪرندو آهي ۽ ان پاڻيءَ تي آبادگارن پنهنجا ميوات جا باغ لڳائي ڇڏيا آهن جهڙوڪ صوف، خوباني جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ زردالو چوندا آهيون، ڏاڙهون، توت ۽ زعفران، تن کي پاڻيءَ سان سيراب ڪندا آهن. اسان اُتي پهتاسين ته تمام گھڻي انداز ۾ ماڻهو موجود هئا، ۽ آبشار جي هيٺان ڪپڙن سوڌو تڙ ڪري رهيا هئا. پاڻي تمام ٿڌو هو جو پيئڻ به مشڪل هو، پر ٻڪ ڀري انهيءَ قدرتي پاڻيءَ جو مزو ورتوسين.
صوفن جا ٻه-ٽي قسم ٿيندا آهن، هڪ پشم جهڙا نرم ۽ ٻاهرين کل رنگين جنهن کي هاڻي گولڊن سڏيو ويندو آهي، ٻيو خوني گلاب وانگر ڳاڙهو هوندو آهي جنهن کي سمرقندي چوندا آهن، ۽ ٽيون صوفي ٻير کان به ننڊا ٿيندا آهن. انهن صوفن جو وڻن ۾ لڏڻ ايترو ته دل کي وڻندڙ محسوس لڳو جو دل باغ بهار ٿي وئي، ۽ قدرت جا اهڙا حسين نظارا ڏسي ڄڻ ته دماغ جھومڻ لڳو ۽ سچ پچ ائين لڳو ته اسڪاچ وسڪيءَ جا ٻه-ٽي پيگ پيتل هجن. ٿڌي هوا تي وڻن ۾ لٽڪيل صوف ۽ زعفران جا هڪ ٻئي کي لڳي ائين ٿي مونکي لڳو ته وليم ورڊس ورٿ جي لکيل نظم (poem) ڊيفوڊلس جيڪا مئٽرڪ ۾ پڙهي هيم ورجائي رهيو آهيان. جنهن ۾ شاعر اهو ٻڌائي ٿو ته ڏس! ڪهڙيءَ ريت اهي ڊيفوڊلس هوا جي لڏڻ تي هڪ ٻئي کي پيار وچان نچي چميون ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪري خوش ٿي رهيا آهن. ۽ ان سان گڏ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ٽهڪڙا ڏئي رهيا آهن. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هو جڏهن به غمگين ٿيندو آهي ۽ ان منظر کي اکيون ٻوٽي ياد ڪندو آهي ته سندس گوندر گم ٿي ويندا آهن.
مان به جڏهن ڏکارو ٿيندو آهيان ۽ اهو اُڙڪ جو منظر ياد ڪندو آهيان ته هڪ نئون اتساه ملي ويندو آهي، ۽ هڪ نئين جوت ملي ويندي اهي. اُڙڪ وارو منظر هن دور جي شاعر اسحاق راهيءَ شايد اکين سان ڏٺو هوندو تڏهن ته بي ساخته چئي ڏنائين ته:
گـــل اهـــڙي طــرح ٿــا هـــوا ۾ لــــــڏن
ڪو ها پيو ڪري ڪو نا پيو ڪري
ڳــالــهــيون تــه الائـي ڪـهـڙيـون اٿـن
ڪو ها پيو ڪري ڪو نا پيو ڪري.
ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪو گھوراڙو گھٽيءَ ۾ هوڪا ڏئي صوف وڪڻندو هو ته امان ننڊا صوف وٺي ٻوڙ ۽ ڀاڄيءَ ۾ پچائي کارائيندي هئي ته ٻوڙ يا ڀاڄي ڏاڊي لذيذ ٿي پوندي هئي.
اهي دلڪش نظارا ماڻهوءَ کي ڏسڻ کپن ۽ ٿورو سوچڻ به گھرجي ۽ خاوند جي ڪاريگري ڏسي ان جي واکاڻ ڪرڻ کپي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان انسان جو اندر اُجرو ٿي پوي ٿو ۽ اندر ۾ جيڪو حياتيءَ جو ڏيئو ٻري رهيو آهي ان ۾ نئين جوت اچي وڃي ٿي، ۽ پوءِ انسان صاف شفاف ۽ روشن ٿي ويندو آهي. تڏهن ته رب پاڪ بار بار پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمايو آهي ته منهنجي زمين تي اي انسان گھمي ڦري ڏس ته توتي هر بار نوان نوان راز کلندا.
اُڙڪ کانپوءِ “حنا ليڪ” تي آياسين. اها ڊنڊ آهي جنهن جي چوڌاري پهاڙ آهن. انهيءَ ڊنڊ ۾ هڪ ٻيڙي به بيٺل هوندي آهي. جنهن ۾ ملاح انتظار ۾ ويٺو هوندو آهي ته ڪو شوقين ان ۾ ويهي ته کيس ڊنڊ جو سير ڪرايو وڃي. ان ڊنڊ جي چوڌاري ساوڪ موجود هوندي آهي ۽ پنجن فوٽن جا پيچرا به سيمينٽ جا ٺهيل هوندا آهن جن تي ٻار، زالون ۽ مرد گھمي ڦري مزو وٺندا آهن. هيءُ خوبصورت نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. بهار جي منڌ ۾ انهن پهاڙن تي ايترو ته گاه ڦٽي پوندو آهي جو پهاڙ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا آهن. بلڪ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي، جو ٻڪرار ۽ ريڊار پنهنجن ڌڻن کي چارڻ لاءِ ڪاهي ويندا آهن، ۽ پوءِ ٻڪرار مٿي چوٽيءَ تي ڪانڀ ڪڊي ويٺو بانسري وڄائيندو آهي. اهو منظر به عجيب لڳندو آهي جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو.
پهاڙ تي چڙهي بانسري وڄائڻ ۾ شايد وڏو لطف ٿو اچي، يا ڪا ٻي مام رکيل آهي، يا وري هوا جي زور تي بانسريءَ جا سريلا آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، يا ائين به ٿي سگھي ٿو جو بانسري وڄائڻ وارو جڏهن پنهنجون آڱريون بانسريءَ جي سرن تي رکي ٿو ته هن کي دنيا ۽ دنيا وارن جو درد محسوس ڪونه ٿو ٿئي، ۽ پنهنجي دنيا جي رنگ ۾ رچي ريٽو ٿو ٿئي. منهنجي خيال ۾ پويون خيال صحيح آهي ڇو ته جڏهن روم باه ۾ ٻري رهيو هو ته روم جو بادشاه نيرو ننڊڙي پهاڙيءَ تي ويهي بانسري وڄائي رهيو هو، ۽ هن کي ڪو احساس ئي ڪونه هو ته روم ۾ باه وگھي ڪک پن سڙي رهيو هو.
بانسري واقع آهي ئي اهڙو ساز جو جڏهن ان کي وڄائجي ٿو ته ان جا سريلا آواز من جي اندر کي مست بنايو ڇڏين. ۽ وڄائيندڙ پنهنجي وجود کان ٻاهر نڪري اهڙين دلفريب ۽ دلڪش وادين ۾ انهن سريلن آوازن سان گڏ اُڏامندو ٿو وڃي جتي سندس من جي مراد پوري ٿي ٿئي. ۽ هن جو پريتم هن کي ملي وڃي ٿو.
هندو مذهب ۾ به هندن جو هڪ اهڙي قسم جو ڀڳوان آهي جيڪو ٽنگ ٽنگ تي رکي بانسري وڄائيندي ڏيکاريو ويو آهي. جنهن جي سريلي آواز تي جھنگ جا ننڊا وڏا جانور سندس آس پاس ويٺا هوندا آهن ۽ بانسريءَ جي مڌر آواز تي ڪنڌ جھڪايو ليٽيا پيا هوندا آهن. اهو صاف ٿو ظاهر ڪري ته تخليقار انهيءَ بانسريءَ کي تخليق ئي اهڙو ڪيو آهي.
مثنويءَ ۾ مولانا روم هڪ رباعي پيش ڪندي فرمائي ٿو ته ڏس! هن ڪاٺيءَ جي پُوري شيءِ کي جنهن جو اندر خالي آهي، پر ان مان ڪهڙا مٺڙا مٺڙا مڌر ۽ سريلا آواز ٿا نڪرن جنهن جي ٻڌڻ سان دل دماغ کي خمار اچيو وڃي، پر اي انسان! تون ته ان بانسريءَ وانگر پُورو به نه آهين، پوءِ به مٺڙو نه ٿو ڳالهائين!
هن برصغير ۾ بانسري وڄائڻ جو وڏو استاد ٿي گذريو آهي. سندس نالو هو استاد بسم الله خان. ڪمال درجي جو فنڪار هو. جڏهن مئٽرڪ ۾ پڙهندو هوس ته نواب شاه جي هر هوٽل ۽ مانڊڻيءَ تي ريڊيو وڄندو هو، “سيلون”. ريڊئي تان صبح جو پوڻين ستين بجي هڪ پروگرام هلندو هو جنهن ۾ بانسري جي سرن ۾ هندستاني فلمي گانن جي دهن تيار ڪيل هوندي هئي. انهيءَ دهن جو تخليقار بسم الله خان هوندو هو. واقع انهن دهنن ۾ اهڙو تاثير ۽ خمار هوندو هو جو کن پل لاءِ ٻڌندڙ وسامندو ويندو هو ۽ پنهنجن خيالن ۾ ايترو گم ٿي ويندو هو جو هوٽل جو بيرو کيس ڳل تي ٿپڪي هڻي چوندو هو ته: “پيارا پروگرام ختم ٿيو. هاڻي گھر وڃ!”