آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب چوٿون: امان جو مخدوم عثمان تي جاڳڻ دعا واسطي

امان سانئڻ بابا جي فتويٰ جو ٻڌي اڳئين ڏينهن شام جو چاچي رحيم بخش کي ساڻ ڪري ڊڀري جي عارف بالله حضرت مخدوم محمد عثمان درٻيلائي جي درگاه تي حاضري ڀري ۽ رات جو قران پاڪ جي تلاوت شروع ڪئي. امان ٻڌائيندي هئي ته: “ابا! ڪلام پاڪ پڙهي ٿڪجي پوان ته مزار جي اولهه پاسي اُٿي پوتيءَ جي پَلَوَ کي ٻنهي هٿن ۾ جھلي هي وائي پئي جھونگاريان ۽ نبي پاڪ کي مدد لاءِ سڏڙا ڪري پڪاريان:
“نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو تار منهنجو
آهيان نڌر نماڻي آڌار تنهنجو
نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو”........
امان وڌيڪ ٻڌائيندي هئي ته بيهي ٿڪجي پوان ته ساڳيو ڪلام پاڪ جو ورد شروع. ائين ڪندي ڪنهن مهل اک لڳي وئي ته خواب ۾ ڏسان ٿي هڪ شينهن سامهون اچي پنهنجو وات ڦاڙيو ۽ اوڳرائي ڏيندي مکڻ جي چاڻي جهڙي سفيد شيءِ ٻاهر ڪڍي پاڻ هليو ويو، ۽ جاڳي پيس ته جامع مسجد مان فجر جي آذان به اچڻ شروع ٿي. امان چاچي رحيم بخش کي سڏي چيو ته: “ادا آذان ائي آهي اُٿ ته ڳوٺ هلون”.
مخدوم محمد عثمان سنڌ جي قديم علمي مرڪز درٻيلي ۾ 900 هجريءَ ڌاري مخدوم محمد شعيب عرف مخدوم لڌي جي گھر ۾ تولد ٿيو هو. هي بزرگ حضرت سعد بن ابي وقاص جي خاندان سان تعلق رکي ٿو. حضرت سعد بن ابي وقاص جي چوڏهين پيڙهيءَ ۾ “قاضي قلم” محمد بن قاسم سان سنڌ جي فتح وقت گڏ آيو هو، ۽ ملتان جي فتح بعد کيس درٻيلي جو قاضي مقرر ڪيو ويو هو. همايون بادشاه دهليءَ جو تخت وڃائڻ کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ آيو هو ته مخدوم محمد عثمان کان دعا گھرائڻ لاءِ درٻيلي آيو هو، ۽ مخدوم صاحب کيس اهڙي دعا ڪئي هئي ۽ ان دعا جي اثر سان همايونءَ دهليءَ جو تخت وري حاصل ڪيو هو. اسانجي ڳوٺ وارا سڀ لاڙڪ هن بزرگ جي درگاه جا پيروڪار آهن.

ڪيس جي فتويٰ.
مقرر تاريخ تي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي اڳيان ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويا. جوابدارن جا مٽ مائٽ، پريس وارا، مطلب ته سڄي احاطي ۾ تر ڇٽڻ جي جاءِ باقي نه رهي. اسانجو ماسڙ قادر بخش جيڪو انهن ڏينهن ۾ قمبر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو، اهو پاڻ سان اتان جي تر جا وڏا زميندار هٿيارن پنوهارن سان گڏ وٺي آيو جن کي لڪائي بيهاري ڇڏيائين، ته اگر ڪيس هارائي وڃجي ۽ سزا لڳي وڃي ته بابا کي ڪورٽ مان هٿيارن جي زور تي کڻائي سگھجي ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي سگھبي. ۽ ظاهر ۾ کيس کٽڻ جي صورت ۾ پاڻ سان گڏ گلن جا هار به وٺي آيو هو.
تقريباً ٻارهين بجي جج صاحب ڪورٽ ۾ داخل ٿيو. ۽ مختصر فيصلي ۾ ائين ٻڌايائين ته:
”Prosecution is failed to prove its case. Hence all the accused are acquitted. Therefore the case stands dismissed”.
جج صاحب اهي الفاظ چئي وري پنهنجي چئمبر ۾ هليو ويو. سڀني جوابدارن جي منهن تي مسڪراهٽون اچي ويون ۽ گلن جي هارن سان سڀئي جوابدار مٿي تائين ڍڪجي ويا، ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ملي ويون. ڪورٽ جو سڄو فرش گلن جي پنن سان ڳاڙهو ٿي ويو. مٺايون ورهائجي ويون. اهڙي طرح سان چاچو قادر بخش بابا کي چاچا لقمان جي گھر وٺي آيو. هر طرف کان بابا کي مبارڪون ملي ويون.
الهه داد چنڊ جي پاڙي ۾ مڱڻهار ۽ دهلاري به رهندا هئا، انهن کي جو خبر پئي ته ازخود دهل ۽ شرنايون وڄائيندا در تي پهچي ويا. بس پوءِ ته وڏا شادمانا ٿي ويا. ماما حيدرآباد کان ڳوٺ لاءِ ماڻهو موڪليو جيڪو رات جو اچي پهتو ۽ اُها خير ۽ خوشيءَ واري خبر ملي ته هت امان به سڄي ڳوٺ جي زائفن کي گھرائي سهرا ڳارائي کين وٽي وٽي کنڊ جي ڏني جيڪي دعائون ۽ مبارڪون ڏيندي گھر روانيون ٿينديون ويون.

سنڌ يونيورسٽيءَ جو اشتهار:
ڪجھ ئي ڏينهن کانپوءِ بابا ۽ ٻيا سڀ پنهنجن پنهنجن نوڪرين تي بحال ٿيا ۽ اسان به ساڳي طرح ماني مڇي کائڻ جهڙا ٿياسين. پر بابا جي سرير ۾ اُهي خوشيون اسان ڪونه ڏٺيون، جيڪي اڳم موجود هيون. چند مهينن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اخبار ۾ اشتهار ڇپيو ته کين ڄام شوري جي ڪيمپس لاءِ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي ضرورت آهي. سو درخواست ڏني. وائيس چانسيلر جيڪو انهن ڏهاڙن ۾ ڊاڪٽر رضي الدين صديقي هو، بابا کي جھٽ پٽ کڻي ليٽر ڏنو. بابا به هڪدم اچي سنڌ يونيورسٽيءَ کي جوائن ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي خدا حافظ ڪيو.