باب ڇهون: ڪاليجي استادن جو تاريخي ماڳن تي گھمڻ
گاجي شاه:
هيءَ مزار پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي آهي. هيٺ کان مٿي تائين پٿر جا ڏاڪا ٺهيل اٿس. وچ صحن تي چبوترو ٺهيل هو. پر زماني جي گردش ۾ وقت جي وهڪرن سان چبوتري جي ڇت ختم ٿي وئي هئي. صرف ٺل اڃان بيٺل هئا. ۽ اها شاهدي ڏئي رهيا هئا بقول ڪنهن اردو شاعر جي ته: “کھنڈرات بتاتے ہیں کہ عمارت تھی شاندار”. رات جي ٽائيم ۾ جن عورتن کي جِنُ وٺندو آهي ۽ ڪنهن به قيمت تي انهيءَ چيليءَ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي ته پوءِ هت ان چيليءَ کي وٺي اچبو آهي ۽ خوب جاڳڻ ڪرائبو آهي، پوءِ جِنُ ان عورت کي ڇڏي ڏيندو آهي. ۽ پري چوٽيءَ تي گاجي شاه جي مزار جي پيرانديءَ کان ڪڪڙ وانگر ٻانگ ڏئي هليو ويندو آهي.
انهيءَ چوٽيءَ تي 10-8 ڏاڪا مٿي گاجي شاه جي مزار موجود آهي. مزار جي اندر هالن جي کٽ رکيل آهي ۽ ان تي ڀلو بسترو وڇايل هوندو آهي يعني مزار جو متولي جڏهن ايندو آهي ته ان کٽ تي اچي ويهندو آهي، ۽ موجود زائرين کي زيارت ڪرائيندو آهي. مزار جي ڀرسان هڪ ننڊڙو کٻڙ جو وڻ بيٺل آهي، جنهن جي ٿڙ کان ويندي ڏارين جي پڇڙيءَ تائين ڪلف، پاجاريون، ڏاندريون، گڏيون، مطلب ته عجيب عجيب شيون ٻڌل آهن، هر سوالي جنهن جي مراد پوري ٿئي ٿي، اهو اِها ڪاروائي ڪري وڃي ٿو.
عورت کي جِنُ جو چنڀڙي وڃڻ ڪيترو صحيح آهي ۽ ان ۾ ڪيتري صداقت آهي، اهو الله پاڻ ٿو ڄاڻي، باقي منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ هڪ ڳالهه ضرور آهي، فارسيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته جڏهن به ڪو ڳالهه ٻڌائيندو آهي ته پاڻ کي آزاد ڪري چوندو آهي؛ “گفتن بگردن راوی”يعني ڪوڙ سچ روايت ڪندڙ تي. سو ان مزار تي چوڻ واري هڪ همراه چيو ته سائين “هنن رنن کي جِنُ وغيره هٿ جو چنڀڙيل آهي”. هنن رنن سان سڄو وقت جھنگ ۾ پنهنجا مرد گڏ هوندا آهن ۽ وتندا آهن مال چاريندا، تنهن ڪري پنهنجي يار سان ملڻ لاءِ هنن رنن کي وقت ملي ڪونه، سو هيءُ ناٽڪ ڪنديون آهن، ۽ پوءِ پنهنجي مردن کي رات جو چانهه ۾ نشي جون گوريون پياري وڃي سڄي رات ڪن رهاڻيون پنهنجي يار سان، جيڪو لڪي اچي ويهندو آهي ۽ بانسري پيو وڄائيندو آهي. پوءِ جڏهن وڏي عصر ڪڪڙ ٻانگ ڏيندا ته اها عورت اچي مائٽن جي ڀرسان سمهي پوندي، ڪاڏي ويو جِنُ، ڪاڏي وئي لهر، ۽ ڪاڏي ويو ڪنڌ جو لڏڻ. بس زمين ريج ٿي، سندس گرمائش نڪتي ۽ زمين زمينن جهڙي.
صبح ٿيو استاد، مزار کان هيٺ لهي جھنگ جي خيال سان هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي وياسين، ته ڏٺوسين ته هڪ اڏ (ڪسي مثل) سفيد پاڻي سان ڀريل وهي رهي هئي. طهارت وغيره ڪري ڏندڻ ڪري، پاڻيءَ ۾ ڪپڙا لاهي وهنجڻ شروع ڪيوسين. گوڏيون هيون ڪونه سو هڪ ٻئي کي ڏسي کلي رهيا هئاسين.
فارغ ٿي ارادو ڪيوسين ته هلو ته ڏسون ته پاڻي اهڙو صاف شفاف ڪٿان ٿو اچي. ڏهن منٽن کانپوءِ ڏٺوسين ته هڪ پهاڙيءَ سان جيڪا سطح زمين کان ٽي-چار سوَ فٽ مٿي هئي پاڻي اتان آبشار جيان ڪري رهيو هو. وري خيال ڪيوسين ته پهاڙيءَ تي چڙهجي ۽ انهيءَ چشمي کي به ڏسجي. ڪي استاد هيٺ بيهي نظارو ڏسي رهيا هئا ڪن الهه تهار ڪري پهاڙيءَ تي چڙهڻ شروع ڪيو. ڪلاڪ کانپوءِ ان جاءِ تي پهتاسين ۽ چشمي تي نظر ڪئي سون ته ڏهه فوٽ هيٺ اهو چشمو هو جنهن مان پاڻي نڪري رهيو هو.
قدرت واري جي ڪاريگري جو جبل جي چوٽيءَ مان پاڻيءَ جو نڪرڻ هڪ سمجھڻ واري لاءِ ڪافي دليل آهي ته خالق اڪبر ڪيڏو نه ڪارساز ۽ طاقت وارو آهي، تڏهن ته مالڪ حقيقي پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمايو آهي ته: “منهنجي خدائيءَ کي اي انسان ڏسڻو اٿئي ته زمين تي گھمي ڦري ڏس”. پوءِ به اگر ڪو مالڪ کي نٿو سڃاڻي ته اِها ان جي ناداني چئبي. ورنه حقيقت ته پڌري پٽ پئي آهي. رب پاڪ بلاشبه ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي پر ٿورو فڪر ڪبو ته ڏسڻ ۾ به اچي ٿو. قانون جا شاگرد توڙي وڪيل ڄاڻن ٿا ته جڏهن ڪو اکين ڏٺو شاهد نه هوندو آهي ته Circumstantial Evidence کي قانوني مڃتا طور قبول ڪيو ويندو آهي.
ڪنب:
گاجي شاه کانپوءِ ٻي منزل واهي پانڌيءَ کان پنج ڇهه ڪلوميٽر پري “ڪنب” هئي. واپسيءَ ۾ پوليس چوڪي ٽنڊو رحيم کان ٿيندي “هليلي” ۾ آياسين. هيءَ جاءِ به ڏسڻ وٽان هئي. ٽنڊو رحيم جي پوليس چوڪي سنڌ بلوچستان جي دنگ تي واقع آهي. “هليلي” ۾ وڏو قبرستان آهي. قبرن تي نظر ڦيرائي سون ته اندر قبرن ۾ ستل انساني هڏاوان پڃرا پيل نظر آيا. هي قبرستان پنجاهه ايڪڙن ۾ ڦهليل هو. مقبرا به اڏيل هئا. بلوچن ۽ سنڌين جي وچم هن جاءِ تي لڙايون لڳيون هونديون ۽ انساني جانين جو زيان ٿيو هوندو. ڪنهن ڪنهن قبر ۾ ٻه-ٽي انساني پڃرا پيل هئا. هڪ مقبري ۾ اندر جھاتي پائي ڏٺوسون ته پاريهل ۽ ڪبوتر سوَن جي تعداد ۾ ڀڙڪو ڏئي اُڏري ويا. سندن وٺين جي ڪري قبرون ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿي آيون. اهڙا مقبرا ويهارو کن هئا. شايد انهن مقبرن جا مقيم سنڌي لشڪر جا ڪمانڊر هئا تڏهن ته انهن جي لاشن کي عزت ۽ احترام سان دفنائي سندن مٿان مقبرا اڏرايا ويا هئا.
“ڪنب” وارو رستو سڄو پٿريلو آهي ۽ رستي ۾ وڏا گول گول پٿر گھڻي انداز ۾ پيل هئا، ان جو سبب هي هو ته برسات جي منڌ ۾ برسات پوڻ ڪري مٿان جبلن تان اهي پٿر پاڻي جي زور وهڪري جي ڪري لڙهندا آيا هئا. اڌ مني ڪلاڪ جي مسافريءَ کانپوءِ هڪ وڏي پهاڙ ڪراس ڪئي سون ته هڪ ڍنڍ نظر آئي جيڪا سڄي پاڻيءَ سان ڀريل هئي. اهو پاڻي برسات جو هو، ۽ کوڙ ساريون مڇيون به نظر اچي رهيون هيون. جيپون اتي بيهاري هيٺ لٿاسون ۽ هڪ ڪاٺين جي ٺهيل پل ڪراس ڪئي سون. سامهون هڪ جھڳي نظر آئي، جنهن مان هڪ شخص، جيڪو ٻروچ ٿي لڳو نڪري آيو. ان کان حال احوال ورتوسين. ائين لڳو ته هو انهيءَ حال ۾ خوش هو. وڌيڪ اهو به ٻڌايائين ته سندس گذر جبل ۾ پيدا ٿيندڙ “پيس” جنهن مان ڇٻيون، تڏا ٺهندا آهن ڪپي اُٺ ڀري واهي پانڌيءَ ۾ کپائيندو آهي، ان کان علاوه رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا به سندس گذران جو وسيلو آهن، ۽ ساوا مرچ به پوکيندو آهي جنهن مان پڻ سندس گھر جو ڪچو سيڌو سامان هفتي جو ملي ويندو آهي. اسان کانئس پڇيو ته هتي ته جيڏانهن ٿي نظر ڪجي پٿر ئي پٿر آهن ساوا مرچ ڪٿي ٿو پوکين؟ ته چيائين ته اچو ته اوهانکي مرچن جو فصل ڏيکاريان! ٿوروئي پنڌ تي 10x12 فٽ جي ايراضيءَ تي مرچن جو فصل پنهنجي جوڀن تي تيار هو. ۽ ساوا مرچ جا ٻوٽا، جن ۾ مرچ جھجھي انداز ۾ بيٺل هئا ۽ گلن سان ٽمٽار هئا ڏسي حيرت ٿي. کانئس پڇيو سين ته انهن ٻوٽن کي پاڻي ڪٿان ٿو اچي؟ سامهون هڪ وڏو پٿر جيڪو ست فٽ ويڪرو ۽ ڏهه فٽ ڊگھو هو، تنهن ڏي اشارو ڪري چيائين ته سائين؛ “منهنجي هن باغ کي پاڻي اهو پٿر پياريندو آهي”. اسان سڀني کي تعجب لڳو جڏهن ڏٺوسين ته ان پٿر جي بلڪل تري مان پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو نڪري رهيو هو. پٿر جي چوڌاري گھمي ڦري ڏٺوسين ته اهڙي ڪا به شيءِ نظر نه آئي جنهن مان ڪو اندازو لڳائي سگھون! مون نعمت الله سومري، اڪبر لغاري ۽ يامين جماليءَ کي چيو ته ادا ڏسو ڪاريگر جي ڪاريگري، هڪ اڪيلو پٿر جنهن جي چوڌاري ڪو به اهڙو ذريعو نه آهي، پر سندن بي جان مان هڪ جان بخشيندڙ پيو نڪري، اهوئي خدا آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ گاڊ، هنديءَ ۾ ڀڳوان، عربيءَ ۾ الله ٿو چيو وڃي.
ڌڻي پاڪ به تڏهن ته چيو آهي ته “جاندار مان بي جان ۽ بي جان مان جاندار آءٌ پيدا ڪندو آهيان”. وڌيڪ مثال ڏيندي الله پاڪ فرمائي ٿو ته “سڪل کجور جي ککڙيءَ مان کجيءَ جو وڻ، سڪل ڪڻڪ جي داڻي مان اَنُ ڪير ٿو اُپائي؟”. مون آسمان طرف نهاري رب پاڪ کي ۽ سندس خلقيندڙ صفت کي سلام ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ سجدو ڪيو ۽ لطيف سرڪار جي هن بيت کي اُچاري سندس وڏائي ۽ بزرگيءَ جي واکاڻ هن ريت ڪئي:
الله الـــــصـــمـــد ســـا ڪـــــري جــــــا چــــــاهـــــــي
انهيءَ منجھ آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
رني ڪوٽ:
هڪ ٻه مثال ٻيا به پيش ڪيان ٿو. پنهنجن دوستن سان رني ڪوٽ، بڊو جبل، ڀت جبل، ڪائي ۽ نيئنگ شريف گھمڻ جي ارادي سان موري مان نڪتاسين. پهرئين توجهه رني ڪوٽ کي ڏني سون جو اهو ڪوٽ تاريخي حيثيت ماڻي چڪو آهي. رني ڪوٽ ۾ سج لٿي پهتاسين، ڪوٽ جي مرڪزي دروازي کي ڏسي تعجب لڳو جو اڌ گول جي دائري وانگر هو، ۽ ٻه-ٽي ور وڪڙن جي اسٽائيل تي مشتمل هو. اندر ڏهن منٽن جي پنڌ تي هڪ ننڊڙو ڪوٽ ساڳي طرز تي ٺهيل هو، ۽ ٻه ڪمرا جيڪي ضلعي ڪائونسل وارن جا ٺهرايل هئا ۽ انهن ڪمرن جي ڇت تي پاڻيءَ جي ٽانڪي رکيل هئي.
ٿوري دير ۾ ريسٽ هائوس جو چوڪيدار آيو ۽ ملي ڏاڍو آڌر ڀاءُ ڪيائين. کانئس پڇا ڪئي سون ته هن ٽانڪي ۾ پاڻي ڪٿان ٿو اچي ته چيائين ته سائين هيٺ موٽر لڳل آهي، ۽ چشمي جي پاڻيءَ کي اهو موٽر ڇڪي ٽانڪيءَ ۾ پهچائيندو آهي. صبح جو ان چشمي طرف روانه ٿياسين ۽ ان ڪسيءَ جو پاسو وٺندا چشمي تائين پهتاسين ته ڏسي دنگ رهجي وياسين. زمين زمين جهڙي پر سندس اندر ۾ اهڙو ته پاڻيءَ جي پريشر تي سوراخ ٿي ويو هو جنهن مان پاڻي نڪري خود بخود ڪسيءَ جي صورت اختيار ڪري ويو هو. پاڻي بلڪل صاف شفاف ۽ معدنياتي جزن سان ڀرپور هو، جو ٻن ٽن دوستن ته ٻُڪَ ڀري پيئڻ شروع ڪيو، ۽ وارن ۽ منهن کي ڌوئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
مونکي ائين لڳو، جيئن ڪنهن جي ڪالر ۽ ڳلي کي ڇڪي ان جي قميص کي ڦاڙبو آهي، ساڳيءَ ريت ان حقيقي مالڪ انهيءَ زمين جي سيني کي ڦاڙي ان مان پاڻيءَ جي چشمي کي زوريءَ وهڻ تي مجبور ڪيو آهي. رب پاڪ کي اها خبر هئي ته اهڙي جابلو علائقي ۾ ڪنهن وقت ڪوٽ اڏبا ۽ انسان رهندا، تنهن ڪري هن اڳم ئي انسان جي جياپيءَ لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. ته جيئن انکي پريشاني نه ٿئي ۽ تڪليف نه اچي. واقع رَبُ رَبُ آهي ڇو ته رَبَ لفظ جي معنيٰ ئي آهي کارائيندڙ، پياريندڙ، ۽ جياريندڙ. آءٌ هي مذڪور پيش ڪري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيئن پڙهندڙ ٿورو فڪر ڪري ته هيءُ حضرت انسان هن جهان ۾ نڌڻڪو ٿي ڪونه آيو آهي، بلڪ هن جو ڪو ڌڻي سائين آهي، جيڪو هن جو هر وقت خيال رکندو ٿو اچي.
هن تاريخي قلعي جي باري ۾ متضاد ڳالهيون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ اچن ٿيون. چوڪيدار ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر الانا ۽ کوڙ سارن محققن جي حوالن سان سٺي معلومات ڏني پر اهو به ٻڌايائين ته ڪير به فيصلو نه ڪري سگھيو آهي ته اهو قلعو ڪنهن ٺهرايو ۽ ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾ ٺهي راس ٿيو، باقي ايترو ضرور ٻڌايائين ته سائين جي. ايم. سيد به هت ايندو هو ۽ ٻه-ٽي ڏينهن رهي پوندو هو ۽ پاڻ سان کوڙ سارا ڪتاب ۽ ڪاغذ کڻي ايندو هو ۽ ويندو هو لکندو اڪيلائي ۾.
منهنجي پنهنجي خيال ۾ هن قلعي جي اندر وڏي چوٽيءَ تي جيڪو قلعو ٺهيل آهي انجو نالو “شيرڳڙه” ٻڌايو ٿو وڃي ۽ جيئن اڳم ٻڌايو اٿم ته اولهه طرف وارو گيٽ آهي انکي موهن گيٽ سڏيو ٿو وڃي، تنهن ڪري ائين ٿو سمجھان ته هن قلعي کي تڏهن ٺهرايو ويو جنهن وقت فارسي زبان سنڌ ۾ رائج هئي، ۽ هندو به هن سڄي خطي ۾ موجود هئا. بلاشبه سنڌ کي مغلن کان ڊپ هو ۽ قندار کان به ڊپ هو، تنهن ڪري سنڌ جي گادي ٺٽي کي بچائڻو هو. انهيءَ خيال کان هن جاءِ کي، جتي هن وقت قلعو ٺهيل آهي، منتخب ڪيو ويو هوندو، ۽ نه صرف محفوظ بلڪ فوجي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي جبلن جي وچم هي قلعو اڏرايو ويو ۽ اهو مشورو به ڪنهن فوجي جنرل ڏنو هوندو. منهنجي پنهنجي راءِ ۾ باغبان وارو علائقو جنهن جنرل جي سپرد ڪيو ويو هو، اهو شهيد مخدوم بلاول هو، تنهن ڪري مخدوم جي مشوري کي اهميت ڏني وئي هوندي. ۽ اهو دور سمن جو هو. تاريخدان ته اهو به ٻڌائن ٿا ته هي قلعو پارٿين ۽ سميرين جي دور جو آهي. والله اعلم بالصواب.
بڊو جبل:
انڊس هاءِ وي تي واپس اچي سيوهڻ طرف آياسين. ۽ اتان ٽرن ڪري پڪي رستي تي چڙهياسين، جيڪو بڊو، ڪائي ۽ نيئنگ شريف وڃي ٿو. ۽ ان کان علاوه ڀت جبل، طرف به وڃي ٿو. جھانگارا باجارا کي پوئتي ڇڏيندا آخرڪار “بڊي” جبل تي چڙهڻ شروع ڪيوسين. ويگن جو ڊرائيور پهرئين ٿرڊ گيئر ۾ گاڏي ڇڪي. ٻن منٽن جي وقفي کانپوءِ سيڪنڊ گيئر ۾، پندرهن ويهن منٽن جي وقفي کانپوءِ آخرڪار فرسٽ گيئر ۾ گاڏي هلائي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هي جبل زمين جي سطح کان ڪيترو اوچو هو.
“بڊو” ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ ان جي باري ۾ ٻڌائيندڙن اهو ٻڌايو ته ماڻهون به بڊا ٿيندا آهن، يعني انهن جي چمڙي تي اهڙا ته نشان اڀري ايندا آهن جو اهو ماڻهو بدنما لڳندو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي سونهن يا جاذبيت ڪونه هوندي آهي، ۽ هر ڪو ان کي هٿ لڳائڻ ته ڇا پر هٿ ملائڻ به پسند ڪونه ڪندو اهي. واقع هن جبل تي لهڻ سان پتو پيو ته سندس چوٽيءَ تي اهڙا ته بدنما داغ هئا ۽ هيٺ جيڪي پٿر پيل هئا انهن ۾ به ڪنهن قسم جي ڪا سونهن نه هئي بلڪ هٿ ۾ کڻڻ سان کرنڊ کرنڊ محسوس ٿي رهيا هئا. مطلب ته هن جبل کي جنهن به انهيءَ نالي سان منسوب ڪيو آهي صحيح ڪيو. پٿرن ۾ ننڊا ننڊا سوراخ هئا، ذولاجيءَ جي استادن انهن کي هٿ ۾ کڻي ٻڌايو ته هي زمين جڏهن سڄي سمنڊ هو ۽ ڌرتي اڃان وجود ۾ ڪانه آئي هئي ته هيءُ جبل به پاڻيءَ ۾ هوندو. لازماً سمنڊ جا جيوڙا پنهنجي جياپيءَ لاءِ انهن پٿرن کي کائيندا هوندا. ۽ وڌيڪ ائين به انهن استادن ٻڌايو ته اهي پٿر زمين جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ به هزارين سالن جي وقفي کانپوءِ هن صورت ۾ آيا آهن، ۽ انگريزيءَ ۾ انهن کي Fossil سڏي رهيا هئا.
جڏهن اسان ڪرچاٽ گھمڻ ويا هئاسين ته اتي جھنگلي جيوت کاتي وارن جو ميوزيم ٺهرايل هو. انهيءَ ميوزيم ۾ اهڙي قسم جا وڏا وڏا پٿر وزن ۾ ڏهه ڪلو جا هوندا، شيشن ۾ بند پيل هئا ۽ انهن ۾ به ساڳي قسم جا سوراخ هئا، ان وقت به دوستن خاص ڪري پروفيسر يامين جماليءَ هڪ چڱو خاصو ليڪچر ڏنو هو.
حقيقت ۾ اسان سنڌي ماڻهو تحقيق ڪرڻ کان پاسو ڪيون بيٺا آهيون، ۽ وتون ٿا ڏوڪڙن جي پٺيان ڀڄندا. پروفيسر جمالي تمام سٺو ذولائجي جو استاد آهي، پر هو تحقيق کان خبر نه آهي ڇو پري آهي، ورنه اهڙا ماڳ مڪان جاچي اتي ڏينهن اڌ ويهي ريسرچ ڪري مقالي جي صورت ۾ مواد ترتيب ڏئي ليڪچر ڏئي ته اسانجي ايندڙ نسل کي سٺي ڄاڻ ملي سگھي ٿي.
بڊي جبل تي سيد عبدالله شاه جڏهن سنڌ جو چيف منسٽر هو ته هڪ ٽي.بي اسپتال ۽ ڊاڪٽرن جي رهائش لاءِ بنگلا ۽ هڪ ريسٽ هائوس ٺهرائڻ جو منصوبو رٿيو هو، جن جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو هو ۽ ڇت تائين اڏجي چڪا هئا، پر اڃان اهي ٺهي راس ڪونه ٿيا هئا، پر چوڪيدار مقرر ٿيل هئا ۽ اهي به ٺيڪيدار جا ماڻهو هئا، جيڪي مالڪ جي سامان جي سنڀال ڪري رهيا هئا. تن ٻڌايو ته سائين جيئن ڪوٽڙيءَ ۾ ٽي.بي سينوٽوريم ٺهيل آهي ۽ هر مريض لاءِ الڳ الڳ هڪ ٻئي کان پري ڪمرا ٺهرايل آهن اهڙي طرز تي هتي به شاه صاحب جو پروگرام هو، پر هي پروگرام اڌ ۾ رهجي ويو جو سندس چيف منسٽري ختم ڪئي وئي ۽ پاڻ به گرفتاريءَ جي ڊپ کان آمريڪا هليو ويو.
بڊي جبل تي سيڙهيءَ سان هڪ گول دائري ۾ سرڪل ٺهيل هو. اسان سمجھو ته شايد شاه سيد عبدالله شاه هيليڪاپٽر ۾ آيو هوندو تڏهن هيليپيڊ ٺاهيو ويو هوندو!، پر اسان کي ڏسي ڏاڍو تعجب لڳو ته ان گول دائري ۾ کوٽائي ٿيل هئي ۽ ٽي-چار فٽ جو لوهي پائيپ مٿان بند ٿيل ڏسڻ ۾ آيو. ساڳن چوڪيدارن ٻڌايو ته هن جاءِ تي ڊرلنگ ڪري گيس ڳولي وئي آهي ۽ ڪمپنيءَ وارا سيل ڪري هليا ويا آهن. ۽ پوءِ سئي سدرن گيس ڪمپني جي حوالي ڪري ويا آهن. اها ڊرلنگ يا کوٽائي اٽليءَ جي هڪ نجي ڪمپني NCI ڪئي هئي.
قدرت واري جا ڪهڙا نه عجيب ڪرشما آهن جو جبل ته بڊو، پر سندس پيٽ ۾ اهڙو لڪل خزانو پوريل هو جو هر ذي الشعور ماڻهو سوچڻ تي مجبور آهي. واقع مون انسانن ۾ به ڪارا ڪوجھا ماڻهون ڏٺا آهن، ۽ اڃان به موجود آهن. مثلاً ڪنگ مارٽر لٿر جنهن آمريڪا ۾ ڪارن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ڪارن کي حق وٺي ڏنا. هن نسلي امتياز جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آمريڪا جي گورن سان مهاڏو اٽڪائي مارجي ويو هو، پر سندس اصول ۽ نڪتا اهڙا ته آدرش هئا جو آمريڪا جي گورن سندس خيالن ۽ تجويزن کي سامهون رکي سندس موت کانپوءِ قبول ڪيا.
محمد علي ڪلي به ڪاري نسل جو هو، مگر رب پاڪ سندس جسم ۾ اهڙي طاقت رکي هئي جو باڪسنگ جي ميدان ۾ کيس ڪير به مات ڏئي نه سگھيو. ان کان علاوه ڪونڊاليزا رائيس جيڪا آمريڪا جي فارين منسٽر هئي، اها به سياسي مدبرانه سوچ رکندڙ ۽ God Gifted عورت هئي ۽ مسلم دنيا توڙي غير مسلم رياست جا حاڪم کيس قدر جي نگاه سان ڏسندا هئا.
مطلب ته رب پاڪ اگر انهن ڪارن ڪوجھن کي سونهن کان وانجھيل رکيو ته انهيءَ ڪميءَ کي ٻي طرح سان اعليٰ بنايو آهي.
اسلامي تاريخ ۾ حبشي بلاول بانگو به ڪاري نسل جو هو ۽ بڊو هو، مگر سندس ڳلي ۾ اهڙو ته جادو هو ۽ آواز سريلو هو جو جنهن مهل آذان چوندو هو ته اتي موجود مسلمانن تي سڪتو طاري ٿي ويندو هو. سندس اهڙي ئي سحر انگيز آواز جي ڪري نبي ڪريم جن کيس مسجد نبويءَ ۾ مؤذن جهڙي اعليٰ منصب تي فائز ڪيو هو.
مون سندس مزار جيڪا هن وقت دمشق ۾ آهي، هر عام و خاص جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي، ڏٺي هئي، ۽ ٿوري دير لاءِ اکيون بند ڪري فڪر ڪيو هو ته دل ۽ دماغ ۾ عجيب هڪ قسم جون لهرون پيدا ٿي ويون هيون، ۽ کيس خاموشيءَ سان سندس عظمت جو قدر ڪري سلام پيش ڪيو هو.
ڄام شوري پل تي پلو کائڻ:
آخر ۾ اسان سڀ استاد ڄام شوري آياسين، انهيءَ خيال سان ته ڄام شوري جي پل تي پلو کائجي. اسان سڀني کي مڇي ته وڻندي آهي، پر پلو ته هر سنڌي ماڻهوءَ کي، پوءِ امير هجي توڙي غريب، زياده پسند ڪيو ٿو وڃي. هيءَ سنڌو ننديءَ جي اهڙي ته سوغات آهي، جو انگريز جن سنڌ جي سماجي، ثقافتي، ۽ معاشي تاريخ لکي، انهن به پلي جو ذڪر وڏي شَدَ مَدَ سان ڪيو آهي. E. B. Eastwick به پنهنجي مايه ناز تصنيف “نئين مصر جا پراڻا ورق” (Dry leaves from Egypt) ۾ پلي جو ذڪر ڪيو آهي.
جڏهن اسان ڄام شوري ۾ پڙهندا هئاسين ته LMC ڪالونيءَ ۾ هڪ پوڙهو پلا وڪڻڻ ايندو هو، ان کان وٺندا هئاسين، پر آچر تي خاص ڪري صبح جي ٽائيم ۾ ڄام شوري پل وڃي مڏيءَ تان پلو وٺندا هئاسين. قيمت وري ڪهڙي اهي ٽي روپيه يا ساڍا ٽي روپيه، پر تمام وڏي جا پنج روپيه.
شام جي وقت ۾ جڏهن آبڪلاڻيءَ جي منڌ شروع ٿيندي هئي ته حيدرآباد کان ماڻهو سير تفريح لاءِ پل تي ايندا هئا ۽ تريل پلا وٺي کائيندا هئا. حيدرآباد کان ايندي شام جو هر طرف کان تريل پلن جي خوشبوءِ ايندي هئي. اسان شام جو ڪونه ويندا هئاسين جو اسان وٽ ايترا پيسئا ڪونه هوندا هئا. بهرحال هاڻي ته اهڙو واءُ وريو آهي جو درياءُ جي اها فراواني ۽ دهشت ختم ٿي وئي آهي.
ڪراچي کان ايندي درياءُ تي نظر پوندي آهي ته اکين مان ڳوڙها لار ڪري وهي پوندا آهن. ڇو ته سندس پيٽ مان رڳو واري پئي اڏامندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جا برک اديب، شاعر، نقاد، ۽ ليکڪ درياءَ شاه کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪنهن شام اچي گل اڇلائيندا آهن ۽ سندس شان ۾ قصيدا پڙهي، دعائون گھري هليا ويندا آهن.
پر اهو ساڳيو پلو جيڪو ٽي روپيه ۽ ساڍا ٽي روپيه ملندو هو، هاڻي ٽي هزار ۽ ساڍا ٽي هزار ۾ ملي ٿو ۽ ماڻهو وٺي کائن ٿا. اڳم ته ائين چئي انڪار ڪبو هو ته مهانگو آهي. انهيءَ کي چئبو آهي ته: “پائيءَ پلو مهانگو ٽڪي سستو”. پوءِ اسان به سڀني پل تي ويهي مهانگو - سهانگو کاڌو.