باب چوٿون: منهنجو جنم
اسڪول ۾ داخل ٿيڻ
امان ٻڌائيندي هئي ته هڪ لڱا بابا ڳوٺ آيو مونکي هٿ ۾ پٽي ڏسي امان کي چيائين ته اڪبر ماءُ هيءُ داخل ڪرايو اٿئي ڇا؟ اما هائو ڪئي ۽ بابا کي چيائين ته: “اڪبر جا پيءُ شيرل کي ڏاندن جو جوڙو وٺي ڏجانءِ جو ٽئي پٽ ته تون وٺي ويندين پاڻ سان، تنهن ڪري هڪڙو ته مون سان به هجي! ٻني ٻارو به ڪندو جيڪي ڳئون آهن انهن جو گاه پٺو به ڪري ڏيندو”: ته بابا وٺي ٽهڪ ڏنا ۽ مونکي ڀاڪر پائي چمي ڏئي چيائين ته: “نانا دل لڳائي پڙهجانءِ جو پڙهڻ اٿئي رڪ جا چڻا چٻاڙڻا”.
ننڍا ٻار جيئن ڪندا آهن مان به ائين ڪندو هوس. روز پٽي ڪڏهن مٽيءَ ۾ خراب، ڪڏهن هٿ مان ڪري پوي ته سڀ اکر خراب سو صبح وڃان اسڪول ته استاد ٽڪڻ تي هڻي چماٽون. اهڙي طرح اڪثر استاد جي مار پيو کائيندو هوس. موٽي اچي امان کي ٻڌايان ته اها ڏئي ڌڙڪا، پوءِ ٻئي ٽئين ڏينهن امان پٽيءَ کي ميٽ هڻي ساڳيا اکر لکي ڏيندي هئي. هڪ دفعي چيائين ته: “ائين ڇو ٿو ڪرين، سڌرندي ڪونه؟”.
آخر ڇهن مهينن کانپوءِ ڇاونجاه اکر ياد ڪري ورتم ۽ ڪچي پهرئين ۾ داخل ٿيس. اسان چار ڄڻا ڪلاس ۾ هوندا هئاسين، يعني مان، عبدالستار چنڙ، عطا محمد چنڙ ۽ نصرالله لاڙڪ. اسان چارئي ڄڻا آخري درجي تائين گڏ پڙهياسين.
ڳوٺ ۾ جيڪي ٻهراڙيءَ جون رانديون ڪيون وينديون آهن، ڪندو هوس. مثلاً اِٽي ڏڪر، ونجھ وٽي، ڪوڏي ڪوڏي، بلورن سان راند، لاٽون وغيره وغيره. بلورن ۾ سٺو هوشيار هوس تنهن ڪري چڱن ڀلن کان کٽي ويندو هوس، پوءِ دٻا ڀرجي ويندا هئا جو وڃي ڏاڏي رحمت ۽ ڏاڏي جنت جي گھر لڪائي رکي ايندو هوس. اهي مونکي گھڻو پيار ڪنديون هيون ۽ هئس به سندن دادلو جو سندن گھر ۾ ڪو به ننڍو ٻار ڪونه هوندو هو تنهن ڪري اتان چوري ٿيڻ جو ڪو به انديشو ڪونه هو.
ڳوٺ جي چوڌاري هوندا هئا انبن، نارنگين ۽ مالٽن جا باغ. هئا سڀ مائٽن جا. پر ننڍي هوندي جون حرڪتون ڪندا هئاسين، يعني چوريءَ وڃي انبن جي منڌ ۾ انب پٽيندا هئاسين. پوءِ مالهي ڏسي وٺندو هو ۽ پويان پوندو هو ته ٻِڌا ٽپا ڏئي ڀڄي ويندا هئاسين. نيٺ شام جو ايندي گھر دانهن ته پوءِ کائيندا هئاسين مار، پر وري ساڳيا چگھ ساڳيا لاٽون.
ڳوٺ ۾ امان سان گڏ مان ۽ ادا شيرل رهندا هئاسين. باقي ادا اڪبر ۽ بدر بابا سان رهندا هئا جو اهي انگريزي اسڪول ۾ هئا.
هت ڳوٺ جي گرمي مشهور جيڪا ڏهه مهينا هلي. ٻهراڙي لائيٽ وغيره ڪانه هئي. اسان ميلياڻين جا ڪل چار گھر هئا، ۽ هڪ کهي هئي جتان چئن گهرن جون زائفون پاڻي ڀرينديون هيون. کهي کنيل هئي پڦي فتان جي گھر جي حد ۾. بس پوءِ جيڪا دلو يا مٽ کنيو آئي پڦي فتان جون ٻه ٽي گاريون به واپسي ۾ پَلَوَ ۾ ٻڌي کنيو ويندي. نلڪا هئا ڪونه. هڪ اهو ئي ذريعو هو جو پاڻي ڀربو هو. صبح کان ويندي سومهڻيءَ تائين پيو پاڻي هلندو. باقي سياري ۾ مڙئي گھٽ ته پڦي به گھٽ. سندس طبيعت تمام سٺي، دل جي نرم مزاج، چرچو ڀوڳ به ضرور ڪندي. امان کي ڀاڄائي ڪري سڏيندي هئي. بابو سائين به سندس سڳو سؤٽ ٿئي ۽ امان به سڳي سؤٽ ٿئي، اهو ئي سبب هو جو امان کي ڀاڄائي چوندي هئي. اسان سڀني ڀائرن سان سندس ڏاڍي دل هوندي هئي. صبح جو ڌنئرو ضرور ڏيندي هئي، جيڪو کائي اسڪول ويندا هئاسين.
امان کي جڏهن ادا اڪبر ۽ بدر جي سڪ لڳندي هئي ته بابا ڏي ويندي هئي ۽ منهنجو رهڻ چاچي رحيم بخش وٽ هوندو هو جت ڏاڏي ۽ چاچي فاطمه موجود هونديون هيون. انهن جي ڀرسان ڏاڏي محمد يعقوب جو گھر هو. جنهن جي گھر ۾ صرف پڦي فتان ۽ چاچو محمد پريل رهندا هئا. ڏاڏو يعقوب منهنجي سانڀر کان اڳم فوت ٿي چڪو هو. پڦيءَ جي والده به ستت ڏاڏي يعقوب کانپوءِ گذاري وئي، اها به مون ڪونه ڏٺي.
ٻيو گھر جيڪو حويلي جي اندر هو اهو ڏاڏي الهه اوڀائي جو گھر هو. ڏاڏو الهه اوڀايو زمين ناني جي مليل پئسن مان وٺندو ويندو هو ۽ سنڀال به ڪندو هو ۽ آباد به ڪرائيندو هو. قد ڪاٺ ۾ ڀريل، زمين کان علاوه ڊکاڻڪي به ڪندو هو. واندڪائي ۾ اها ڪرت به ڪندو هو ۽ کيس ان مان ڪافي روزي به ملندي هئي. کيس پهرئين شاديءَ مان ٻه پٽ هڪ محمد عمر ۽ ٻيو محمد ابراهيم ڄاوا. ۽ ٻي شاديءَ مان کيس ٻه پٽ هڪ ڪريم بخش ۽ ٻيو محمد طارق ڄاوا. پاڻ 1954ع ۾ وفات ڪري ويو.
امان هئي ٻهراڙيءَ جي، تنهن ڪري کيس هر هنر ايندو هو. ڀرت ڀرڻ جي کيس وڏي ڄاڻ هئي. ۽ سلائي به سٺي ڪندي هئي. اسان ٻارن کي گرمين جي منڌ ۾ پهراڻ سبي ۽ ان تي آر جي ڀرت سان ڀري پارائيندي هئي. مطلب پاڻ کي ڪڏهن به وانڌو نه ڪيائين. ڳوٺ ۾ لائيٽ ته هوندي ڪانه هئي. صرف وڃڻو ۽ پينگھي جو سهارو هو. جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ ٻن پهرن جو کيس ننڊ نه آئي ته ڀت جي پاسي ۾ کڻندي رنگ برنگي سڳا، سئي ۽ ان سان گڏ ننڍڙا شيشا ۽ پٽ جا ڌاڳا پوءِ ڀرت ڀرڻ ڪندي شروع. پهرئين ڪچو ڀريندي، اگر ڪچو ڀريل هوندو ته ويندي پڪو ڪندي.
پاڇو لڙندو يعني پنج بجا ٿيندا ته انهيءَ پنهنجي بجڪيءَ کي ڪندي بند. سندس هڪ جيڏيون به اچي ٿينديون ساڻس گڏ. ڪجھ هيٺ مٿي جون ڳالهيون، اوسي پاسي ۽ اوڙي پاڙي جي باري ۾ تذڪرا. بس ائين ٽپهريءَ جي ايندي آذان ته سڀ اٿنديون ۽ وڃي ڪنديون پنهنجو ڪم ڪار. ڪڏهن ڪڏهن ته ڀوڳن چرچن ۾ هڪ ٻئي سان چڙي به پونديون، پر ٻئي ڏينهن وري ساڳيون، ساڳي ڪرت يعني ٽوپو ٽڳو. ڪنهن جي دل ۾ غير نه هوندو ۽ نه ڪا ميار. ڀلا هيون جو پاڻ ۾ سڳيون سؤٽ.
سو ڳالهه پئي ڪيم امان جي ڀرت ڀرڻ جي. کيس هر قسم جو ڀرت ڀرڻ ايندو هو. پاڻ ٻڌائيندي هئي ته ڀرت جا ست قسم کيس ايندا آهن. (1) ڪچا ٽاڪا (2) ڪين ويز (3) هرمچو (4) اُڀي سئي (5) آر جو ڀرت (6) مڪو (7) ذري.
ڇهن سالن جو ٿيس ته امان مونکي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ادا شيرل اڃا ننڍو هو. بابا تڏهن ميرو خان ايريگيشن کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هو. ۽ ٻئي ٽئي مهيني مس ايندو هو. تنهن زماني ۾ سفري سهولتون ڪونه هيون. ريل گاڏي ميري خان کان ايندي لاڙڪاڻي، اتان پوءِ وڃبو روهڙي ۽ پوءِ ميل گاڏي پڪڙبي جا اچي لاهيندي محراب پور جتان فِيڊر ۾ چڙهي لهبو درٻيلو. اتان اچبو پنڌ؛ ائين اچي پهچبو هو ڳوٺ.