آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب اٺون: ڳوٺ ۾ آچر جي موڪل ملهائڻ

آچر جو ڏهاڙو اسڪول کان ٿيندي موڪل ته ٿي ويندي هئي عيد. صبح جو ماني ٽڪي کائي هڪ جيڏا ٿينداسين گڏ، پوءِ نڪرنداسين گڏجي. ڳوٺ جي شاخ جي پڇڙيءَ ۾ ميل اڌ جي پنڌ تي هوندو هو وڏيري صفر جو باغ. جنهن ۾ انب، ليما، نارنگيون ۽ ڦاروَن جا وڻ هوندا هئا. وڏيرو صفر ذات جو اڄڻ هو ۽ اڇي مسجد جو رهاڪو هو ۽ پيرسن ماڻهو هو. جيڪو سڄو ڏينهن ويٺو هوندو هو، ڇو ته سندس کوه به موجود هو، ڏاندن جا ٻه جوڙا، ڪجھ ٻڪرين جا ڪن، هڪ ٻه ڳئون، هڪ ٻه مينهون ٻڌل هونديون هيون، جن کي گاه پٺو پيو ڏيندو هو.
کوه تي نار به چڙهيل هوندو هو، ۽ مالهه ۽ لوٽيون ٻڌل هونديون هيون. مطلب ته هڪ قسم جو ننڍڙو بهشت هو جنهن جو هي ڪراڙو مالڪ هو. اسانکي پري کان ڏسي اٿي بيهندو ۽ چوندو: “بات ڪر بات ڪر”. يعني ڇو آيا آهيو؟. ڪير آهيو؟.ڪنهن جو اولاد آهيو؟ اسان پورو تعارف ڪرائينداسين ۽ سبب ٻڌائينداسين ته چوندو: “کڻو لوٽيون ۽ ڦارورا پٽي ڏيو ته اوهان کي پيئسا ڏيندس”! پوءِ اسان کانئس لوٽين بابت پڇنداسين ته اشاري سان ڏسيندو ته انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ اٿوَ. پوءِ سڀ ڄڻا هڪ هڪ لوٽي کڻي وينداسين ڦارون ڏي. پڪل ۽ سٺا سٺا ڦاروا وينداسين کائيندا. جڏهن کائي ڍؤُ ڪنداسين پوءِ ڪچا پڪا پٽي وينداسين لوٽيون ڀريندا. ڪجھ پن به ٻهاري لوٽيءَ ۾ وجھي کيس ڏينداسين. ڪراڙو لوٽيءَ کي ڏسي ويندو پٽ تي هاريندو ۽ ڪچا جدا ڪندو، پن پري ڪندو، وري وجھندو لوٽيءَ ۾ ته لوٽي اڌ مس ٿيندي ته نهاري چوندو ته: “لاڙڪو ڪونه سڌرندؤ!” ته اسان چونداسين ته ڇو ڏاڏا؟. ته چوندو توهان ڊوه ٿا ڪيو، نٿا حلال ڪمايو ۽ نٿا حلال کائو؟. توهان سان خدا پڄندو! پوءِ هڪ هڪ آنو ڏيندو. اسان به خوش ڳوٺ موٽي اينداسين.
سياري توڙي سانوڻيءَ ۾ برسات پئي ته ٿيندي اسڪول کان موڪل. پوءِ گھر ڪتاب ڦٽا ڪري اينداسين شاخ تي. شاخ تي بانديءَ ۾ ٿيندي هئي کاٽي تنهن ڪري ٽاپ تي ڌوڙ ۽ دزي ٿي ويندي هئي ۽ ڪي قدر گپ به ٿي ويندي هئي. تڏهن به هڪ ٻئي کي چونداسين اچو ته ڏوڪڙ ڳوليون. پوءِ شاخ جي ٽاپ تي سڀني جون هونديون نظرون. ڪنهن مهل ڪنهن جي نظر وڃي پوندي هئي ڪنهن سڪي تي. انهن ڏينهن ۾ سڪا هوندا هئا پيسو، ٽڪو، آنو، ٻياني، پائلي، ۽ آڌيو يعني اَٺ آنا. اهي پيئسا ڪنهن جا ڪري پوندا هئا ته ڌوڙ ۾ ڪرڻ ڪري لڀجي ڪونه سگھبا هئا. ۽ ماڻهن جي هلڻ ۽ اچ وڃ ڪري مٽيءَ ۾ دٻجي ويندا هئا. پر برسات جي پوڻ ڪري ظاهر ٿي ويندا هئا، البته ڪٽجي ويندا هئا، تنهن ڪري شاخ جي لٽ سان ۽ ڇٻر پٽي ان کي صاف ڪري وٺندا هئاسين ته دوڪان وارو وٺندو هو. ۽ ڪافي ڀڳڙا، لائي، کٽمٽا ملي ويندا هئا.
برسات ۾ اسانجو اهو معمول هوندو هو. چيو ويندو آهي ته الله چور جي محنت به ڪونه ٿو برباد ڪري سو ساڌ جي ڇو وڃائيندو. تنهن ڪري اسانکي مينهوڳيءَ ۾ پيئسا ملي ويندا هئا ۽ چڱو سارو ڀوڄن ٿي ويندو هو.
اسانجي برصغير ۾ سڪو هميشہ “روپيو” رهيو آهي. پر ان جي جزن ۾ فرق ٿيندو رهيو آهي. 62-1961ع کان بين الاقوامي حالتن جي اثر هيٺ پاڪستان ۾ ڏهائي نظام (Desimal System) وجود ۾ آيو. ۽ پراڻو نظام هڪدم ختم ٿي ويو. مون ڏٺو آهي ته پراڻو نظام يعني سڪو سنڌي ادب ۾ چڱي خاصي جاءِ والاري آهي. انهيءَ سان پهاڪا، اصطلاح، ۽ محاورا وجود ۾ آيا آهن. جيڪي اسانجي ٻوليءَ جا حصا بڻجي ويا آهن. مثال طور دمڙي، ڪوڏي، ڪسيرو، پائي، پيسو، ٽڪو، آنو، ٻياني، پائلي، آڌيو وغيره. مثلاً دمڙيءَ تي اصطلاح:
چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي.

ڪوڏي تي اصطلاح:
ڪوڏي وات ۾ وجھي پيو ڪٽينس.

ڪسيري تي اصطلاح:
ڪسيري جي ڪتي کائي ٽڪي سندا ٽڪر.

پائي تي اصطلاح:
پائي پائي ڪري گڏ ڪرڻ.

پيسي تي اصطلاح:
نه عيسيٰ نه موسيٰ بڙا پير پيسئا.

ٽڪي تي اصطلاح:
ٽڪو ملهه ٿيڻ.

آني تي اصطلاح:
اَٺ آنا اُٺ ٻارهن آنا کڻائي.

پائلي تي اصطلاح:
پائلو پائلو ٿي وڃڻ.

روپئي تي اصطلاح:
روپين سان رانديون ڪرڻ.

پر هيءُ افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ڏهائي نظام جيڪو اڌ صدي اڳ رائج ٿيو ٻولي ۽ ادب ۾ هم آهنگ ٿي نه سگھيو. حالانڪ انگريزي زبان ۾ به Penny ۽ Pound محاورن ۾ اصطلاح طور اهم جاءِ والاري آهي. مثلاً Penny wise - Pound foolish.
پيسئا ۽ پايون اسانجي ادب ۽ ثقافت ۽ زبان سان ايتري قدر ملي جلي ويا آهن جو انهن کي ثقافتي ورثو تصور ڪري شعر به چيا ويا آهن. گھڻي عرصي تائين هيٺيون بيت اسانجي دور ۾ پرائيمري اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هو. اهو بيت ڪاري ريل جي انجڻ جيڪا ٻاڦ تي هلندي هئي، ان تي ٺهيل آهي، جيڪو هن ريت هوندو هو:
اچــــــو ته نـــنـــڍڙي ريـــل هــلايون
بـــاه بـنـبـوءِ ۾ دونـهـون دکــايـــون
ڪري واءُ سان واه جون ڳالهيون
ڇهه پيسئا ٻه ٻه پايون .........
ريل گاڏي اچڻ وڃڻ جي ٽائيم تي هاري ناري هڪ ٻئي کان پاڻي ڏيندا ۽ وٺندا هئا. پڊعيدن کان ريل صبح جو ڊڀري تي اَٺين بجي پهچندي هئي ۽ ويندي محراب پور. وري محراب پور کان واپس ڊڀري ساڍي ڏهين بجي پهچندي جيڪا نواب شاه ويندي هئي. ۽ اتان وري شام جو ستين بجي ڊڀري پهچندي ۽ ويندي محراب پور. اتان وري رات جو ڊڀري ساڍي ڏهين بجي پهچندي يا يارهين بجي، ته پاڻي وٺڻ وارو ريل جو انتظار ڪندو، پوءِ جيئن ئي ريل ڪوڪ هڻندي ته پاڻي لوڙهيندو، تنهن ڪري پهاڪو ٺهي پيو جيڪو هن ريت چيو ويندو هو:
“ڪاري تنهنجون ڪوڪون مونکي يارهين ياد پون”.
ڇو ته گھڙيال يا واچ جو ايترو رواج ڪونه هو، ۽ نه وري غريب غربو وٺي سگھندو هو. تنهن جو سبب هڪ هيءُ به هو ته هڪ ڏاندن جي جوڙي تي وڌ ۾ وڌ ٻه ٽي ايڪڙ آبادي ڪري سگھبي هئي، ڇو ته ٽرئڪٽر اڃان هت ڪونه آيا هئا ۽ نه اهڙي ضرورت هئي. ٽيوب ويل به بعد ۾ ظهور پذير ٿيا. تنهن ڪري بس هڪ ئي ذريعو هو زمين کي آباد ڪرڻ جو يعني نهري پاڻي.
هر ڪو هاري پنهنجي پاڻيءَ جي واري کي ٽائيم تي لوڙهيندو. ڪنهن به قسم جو جھيڙو فساد نه هو. پر هاڻي ته الامان والحفيظ.
روزانو اخبارن ۾ خبرون پيون ڇپجن ته پاڻيءَ جي واري تي چاچي کي ڀائيٽي قتل ڪري ڇڏيو. مطلب ته هن سائنسي ۽ موبائيل جي دور ۾ سهپ، سمجھ، وڏي ننڍي جو ادب ڪونه رهيو آهي ۽ هر طرف هيءَ شيءِ منهنجي، هوءَ منهنجي ماڻهن کي اري مان ئي ڪڍي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ ۾ آهت جو رواج
سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ اڳم به ۽ ڪٿي ڪٿي ته هاڻي به “آهت” جو رواج آهي. گھر جي مردن توڙي ٻارن جي حجامت اهي حجم ڪندا هئا، جن کي فصل لهڻ سان اناج وغيره ملندو هو. في ماڻهو ڪاسو سان کيس اَنُ ڏنو ويندو هو. ٻار ته خود هلي وڃي سيرب ڪرائيندا هئا، باقي مرد ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندا هئا تن ڏي حجم هلي وڃي سندس سيرب ڪندو هو. پوءِ هيٺيون مٿيون ڳالهيون ٻڌائي سندس دل به وندرائيندو هو. لاباري توڙي ڳاه ۽ وائر وارن ڏهاڙن ۾ هاري گھرن ۾ مهينا ڪونه ويندا هئا. ته سڄي ڳوٺ جو احوال هيءُ هنکي ٻڌائيندو، ڪجھ حقيقت ته ڪجھ گلا غيبت. اهڙي طرح هڪ ٻئي سان ٺاشا ماشا ڪري ٻڪري ٽڪري يا ڳئون لاءِ گاه جي پٺارڪ مٿي تي کڻي اچي گھر ڀيڙو ٿيندو.
پوءِ جيئن ئي بٽئي ٿيندي ته هي همراه به ٻوري کڻي اچي ديري تي ديرو ڄمائي ويهندو. انهن ڏهاڙن ۾ بٽئي ٿيندي هئي ٽوين سان. مَيَڻَ وارو سڄي راه کي چوڌاري ليڪو پائي ڪندو شروعات. تقريباً ٻه ٽويا بادشاه پير جا ڪڍي ڪندو “برخت”. انهيءَ دوران ڳالهائڻ ٻولائڻ هوندو بند. پوءِ ڳوٺ جو ڪنڀر به هڪڙي ڪنڊ ۾ ڪانڀ ڪڍي ٻوري ساڻ ڪري ويهندو، ڇو ته اهو به ڇهه ئي مهينا ٿانوَ جهڙوڪ دِلو، مٽ، پاٽ، دانگي، ڪونر، ڪؤنرو، ۽ پاٽوڙا ڀت وغيره لاءِ ڏيندو هو تنهن ڪري اهو به حقدار هوندو هو. اهڙي ريت موچي، ڊکڻ، ۽ لوهر به اچي ويندا. ۽ سڀڪو پنهنجو حصو وٺي ويندو. پوءِ ايندا ڳوٺ جا ٻار ڇو ته اهي به ان کي پنهنجو حصو سمجھندا آهن. پوءِ قميص جي جھول کي جھلي بيهندا، پوءِ هاري هر هڪ ٻار کي ٻُڪُ يا ٻه ٻُڪَ ڏيندو ويندو. تنهن هوندي به هن کي ايترو اَنُ بچندو هو جو سندس گذران کان گھڻو هوندو هو ۽ اَنُ اُٺَ تي کڻائي گندي ڀريندو ۽ شڪر ڪندو.
پر هاڻي هن سائنسي دور ۾ نه آهي ڪنهن کي ڏاندن جو جوڙو نه هر نه ڦار. بس ٽرئڪٽر ڪاهي ايندو ڪِرائي وارو، وري نه هوندس ڀاڻ نه ڀتر، سو ويندو يوريا اڇلائيندو. فصل ٿيندو تيار ته لڻائيندو مزورن کان هڪ مڻ جريب جي حساب سان. پوءِ ٿريشر واري جو حساب. جڏهن ٿيندي بٽئي ته کيس بچندو “ڏيڍ جو ٺولهه”. يعني پوتڙو ڪلهي تي. پوءِ ڪندو حقدار يعني زميندار کي ايلاز منٿون ته ٻچن لاءِ اَنُ ڏي. پوءِ آهي زميندار جي مرضي. اگر زميندار کيس ڪجھ به نه ڏنو ته هوٽل تي ڪچهريءَ ۾ ويهي ڪندو زميندار جي گلا. نتيجي ۾ زميندار کانئس زمين ڦريندو يا خود ڪاشت ڪندو يا نئون هاري رکندو. پوءِ نئين هاريءَ سان اڳئين جي ٿيندي دشمني، ۽ پلاند ڪندو شروع. اهڙي ريت اِها دشمني ڏيکاريندي پنهنجا رنگ. مطلب ويندو پاڻ کي ڪوريئڙي وانگر ڄار ۾ ڦاسائيندو.
هاڻي ٻهراڙيءَ ۾ اڄ ڪلهه ائين پيو ٿئي. اسڪول ته آهن، پر اها تعليم نه آهي ڇو ته اهي استاد نه آهن، ۽ نه وري انهن ۾ علم آهي. تنهن ڪري هي سنڌي معاشرو ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو بگڙجندو. استادن وري کڻي ٺاهيون آهن تنظيمون، ڪو صدر آهي ته ڪو سيڪريٽري. سنڌي ۾ چوندا آهن ته: “تون به رئيس مان به رئيس ته گڏه ڪير هڪلي”. سو هيءَ سنڌ جنهن اڳم علامه، ڊاڪٽر، تعليمدان، اسڪالر، اديب، شاعر پيدا ڪيا، اتي هاڻي هر طرف ڌاڙيل، ڦورو، ٺڳ ۽ راشين اچي جاءِ والاري آهي ڪنهن ڪهڙو نه سٺو چيو آهي ته:
جتي هنج هئا اتي ڪانگن ڪانگيرا ڪيا
ويــچــارا ولــيــداد چــئــي، ولــر ڪــري ويــا
اچــــــــي اَلَ پـــيــــــــــــا، انـهــن اوطــــاقــــــــن ۾.
ڊاڪٽر رحمت الله جا ويچار: سياري جي ڏينهن ۾ ڪجھ کنگھ ۽ ڄاري جي شڪايت ٿي پئي. ڊاڪٽر رحمت الله سومري ڏي ويس ۽ کيس پنهنجي شڪايت ٻڌايم. ڊاڪٽر صاحب تمام مخلص ۽ پنهنجي پيشي سان سچو آهي، ۽ سندس وڏي خوبي اها آهي ته مريض کي سندس بيماريءَ کان آگاه ڪندو آهي ته کيس ڪهڙي بيماري لاحق آهي. پوءِ اگر سندس وس ۾ هوندو ته ڪندو علاج ورنه صحيح ڳالهه ڪري ٻڌائيندو. سو مونکي چيڪ اپ ڪري چيائين ته استاد اهڙو ڪو به مسئلو نه آهي. وڌيڪ چيائين ته اوهان سگريٽ ٿا پيو ڪجھ انجو اثر آهي باقي موسم جي تبديليءَ ڪري کنگھ آهي. ۽ ٻيو ته انهيءَ عمر ۾ ائين ٿيندو آهي، جو جسم جا اڪثر عضوا ان حساب سان ڪمزور ٿيندا ويندا آهن.
ڳالهين ڳالهين ۾ اهو به ٻڌائي ويو ته جيڪي اسپتالن کي سرڪاري دوائون ملن ٿيون اهي اهڙيون آهن جو ڪتن کي به نه ڏيڻ کپن. پوءِ وڏو شوڪارو ڀري ٽيبل تي زور سان مُڪَ هڻي چيائين ته: مٿان کان ڪميشن ۽ ڪڪ بيڪ جي ڪري اسي فيصد پيسئا هليا ٿا وڃن، باقي ڏهه فيصد سپلاءِ ڪندڙ به کڻي ٿو، رهيل ڏهه فيصد مان دوائون اهڙيون نه هونديون ته باقي ڇا؟ اهو به ٻڌايائين ته اسانجو ملڪ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي ۽ قرضن ۾ سيني تائين ٻڏل آهي، باقي منڍي رهيل آهي. آمريڪا جي باري ۾ ٻڌايائين ته اها نامدار سرڪار به اهڙي آهي جو WHO, NGO اهڙا ته ادارا قائم ڪيا اٿس جن اسان مسلمانن کي پيسئا ڏئي لوسي بنائي ڇڏيو آهي. وڌيڪ چيائين ته چڱن ڀلن جون نياڻيون انهن ادارن ۾ نوڪري ڪري ٻاهر گھمن ٿيون ۽ خوشي محسوس ڪن ٿيون. نتيجو اهو نڪتو آهي جو پيار جا پرڻا پيا ٿين ۽ وري اڄوڪي دور جون اخبارون ۽ ميڊيا انهن کي سرخين سان ڇاپي پنهنجي سرڪيوليشن وڌائن.
پوءِ ٿڌو ساه کڻي چيائين ته اهي اخبارون گھرن ۾ آڻڻ ۽ پڙهڻ جهڙيون نه آهن. ڊاڪٽر آفتاب قريشيءَ جي قتل واري مامري تي سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ سڄو ئي وسامي ويو. ڊاڪٽر آفتاب قريشي دهشتگرد عناصرن جي هٿان مارجي ويو. ڇو ته کانئس ڀتو گھريو ويو هو، نه ڏيڻ تان کيس بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو هو.
برابر سنڌي به آهن ايامن کان سٻاجھڙا تنهن ڪري صبر سان پيا ٿا سهن. ڇو ته هي سنڌي سمجھن ٿا ته صبر جا آهن سورنهن. هي به سندن ويساه آهي ته:
نــيــٺ تــه ورنـدو واءُ، لـهـنـدا گــونـدر غـم
اهي قادر جا ڪرم، سدا وسندا سنڌڙيءَ.