باب پهريون: سرفراز ڪالونيءَ ۾ رهڻ ۽ ايل. ايل. بي ۾ داخلا
سرفراز ڪالونيءَ تي نالو ميان سرفراز ڪلهوڙي حاڪمِ سنڌ جي ڪري رکيو ويو آهي. انجي مزار اتي آهي. مان به 2-3 دفعا سندس مزار تي وڃي قل پڙهي آيو آهيان. هي سڄو قبرستان هو. پر جيئن ته هندستانين کي رهائش لاءِ پلاٽ ڏيڻا هئا تنهن ڪري قبرن جي مٿان ئي مهاجرن جايون ٺهرايون. سڀ رهائش پذير غريب، مزدور طبقو ۽ مسڪين ماڻهو آهن. مون ته ڪو به پڙهيل لکيل ڪونه ڏٺو. صفا هيٺائين وارو علائقو هو.
اکين جو ماهر ڊاڪٽر عقبل بن عبدالقادر مٿان روڊ رهندو هو. ۽ سندس ڪلينڪ به مٿي هئي. اسپتال وغيره جو گندو پاڻي اسانجي گھر جي ڀرسان لنگھندو هو. اگر نالي ڀرجي ويندي هئي ته گندو پاڻي رنڌڻي ۾ هليو ايندو هو، پوءِ دٻڪيون وغيره رنڌڻي ۾ پيون ترنديون هيون. گھٽين ۾ ڪا به صفائي سٿرائي ڪونه هئي. پر ڇا ڪجي، ٻئي پاسي ڪرايا وڏا هئا. ادا بدر ليڪچرار هو انهن ڏهاڙن ۾. سندس پگھار تڏهن ليڪچرار جي =/350 روپيه هئي، ادا اڪبر جي به ساڳي، تنهن ڪري مجبور اتي رهڻو پئجي ويو. پاڙي ۾ هڪ مهاجر قمرالدين نالي رهندو هو، اهو ميمبر هو انهيءَ تڪ جو، پر ڪالونيءَ جي صفائي وغيره ڪرائڻ هنجي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. بس انجو وات بند ڪرڻ لاءِ کيس کنڊ جو ڊپو ڏنو ويو هو ۽ اسانکي بنا راشن ڪارڊ جي کنڊ ڏيندو هو. هڪ ڳالهه ضرور ڪبي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌي مهاجر جي پاڻ ۾ اهڙي نفرت ڪانه هئي ۽ نه ڦڏو فساد. هرڪو پنهنجو ڪمائي پنهنجو کائي، ڪير به ڪنهن سان اجائي بڪ بڪ ڪونه ڪندو هو.
سنڌ جو حاڪم ميان سرفراز ميان غلام شاه جو فرزند هو. هونئن ته نيڪ دل ۽ نيڪ سيرت هو، پر واه جو شاعر به هو. سندس شاعري فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ چيل آهي. سندس خيال به ڪمال درجي جو آهي. سنڌ جو سدا بهار تاريخ دان، اديب مرحوم حسام الدين راشدي جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب “خدايار خاني ميان سرفراز ڪلهوڙو” جي عنوان سان ميان صاحب جي شاعريءَ کي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هي سنڌ جو حاڪم پنهنجي ڏاڏي نور محمد وانگر سخن ور ۽ سخن پرور هو.
منهنجي سهري محمد عمر وٽ “مدحيات” نالي هڪ ڪتاب هميشہ قران پاڪ سان گڏ ڪپڙي ۾ ويڙهيل هوندو هو. قران جي تلاوت ڪري پوءِ ان مان به هڪ ٻه مدح پڙهندو هو. ان ڪتاب ۾ شروعات ميان سرفراز جي مدح سان پيش ڪئي وئي هئي.
ان جو هڪ بند مونکي به ياد آهي، ڇو ته هن جيڪا مذهبي شاعري ڪئي انجو معيار ۽ پڙاڏو اڄ به ڪيترن شاعرن کان مٿاهون آهي. مثلاً:
آهـيـان ڏڏ غـمـن گـڏ سچـا سـڏ سـڻين تـون
پـسـيـن پـاڻ ڪرم ساڻ ڏکين ڏاڻ ڏي تون
ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻين تون.
هڪ ڳالهه ضرور ڪبي ته هو ڪنن جو ڪچو هو. راڄو ليکي جهڙي سازشي ماڻهوءَ جي چوڻ تي لڳي پنهنجن مريدن ۽ سپہ سالارن کي مارائي ڇڏيائين، نتيجي ۾ پاڻ به مارجي ويو ۽ سندس لاش مٿان روئڻ وارو ڪير ڪونه هو.
اسڪالر ملڻ:
هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ کان ليٽر مليو ته اوهانجي اسڪالر آئي آهي سا وٺي وڃو. جيئن ته منهنجو ڊوميسائيل ٻهراڙيءَ جو هو، تنهن ڪري M.A جي مارڪن تي اسڪالر ملي هئي. مطلوبه شخص سان مليس ته ان چيو ته ادا يونين ڪائونسل جي چئرمين کان رهائش جو سرٽيفيڪيٽ وٺي اچو ته جيئن تصديق ٿي وڃي، ته اوهان واقعي رورل جا آهيو! وڌيڪ چيائين ته چيڪ ته ٺهيو پيو آهي. مون کيس چيو ته: “سر ڳوٺ وڃان وري موٽان ٻه ٽي ڏينهن ته لڳي ويندا”. ته چيائين ته: “ٺيڪ آهي”. مون سوچيو ته ڳوٺ ڪيئن وڃان، انهن ڏهاڙن ۾ هڪ ئي سواري هئي ريل. سو ڇا ڪيم جو چئرمين جو ٺپو ٺهرايم. عبدالمالڪ کان سرٽيفيڪيٽ ٽائيپ ڪرائي، چئرمين هو چاچا شير محمد بلوچ جو ڀاءُ چاچو الهه بخش عالماڻي، ان جي پاڻ ئي صحيح ڪري ٻه ٽي ڏينهن رهي آفيس ويم ۽ پيش ڪيم. بس ڪم ٿي ويو. چيڪ مليو ۽ بيئنڪ مان ڪيش ڪرايم. پيسئا هئا =/1200 يا =/1300 روپيه.
شام جو ئي فل سوٽ جو ڪپڙو ورتم، ۽ ايڊوانس ۾ انجي سلائي به ڏئي ڇڏيم. سستائي هئي =/100 روپيه وال. ڪل چار وال، =/300 روپيه سلائي، آئيڊيل ٽيلر هو، هن جو دوڪان ادبيات بڪ اسٽور تلڪ چاڙهيءَ تي هو. اهي ٿيا ڪل =/700 روپيه. هڪ واچ ريڪو جاپان جي =/150 روپيه. ٻه چيڪ تي شرٽ ورتم في شرٽ =/100 روپيه يعني =/200 روپيه. اڃان به ٻه اڍائي سو روپيه کيسي ۾ هئا.
اڃان گھر پهتم ته بابا سائين آيل هو. کيس پيرين پيم. ته چيائين ته: “هيترو سامان؟”. مون کيس ٻڌايو ته اسڪالر ملي ان مان ورتو اٿم ته تمام گھڻو خوش ٿيو ۽ وڌيڪ چيائين ته: “ڀلا هي ته سڀ ٺيڪ ٿيو پر اڃان هڪ شيءِ ڪونه ٿو ڏسان؟ جيڪا هجڻ کپي! مون چيو ته: “بابا مون ڪونه سمجھو؟. ته چيائين ته: قران شريف، جيڪو ترجمي سان هجي، پر اهو به پڪٿال جو هجي. مون ان مهل واعدو ڪيو ڇو ته منهنجي کيسي ۾ اڃان =/250 روپيه هئا، جن مان آسانيءَ سان قران ملي ويندو. ٻئي ڏينهن صبح جو شاهي بازار وڃي “دين دنيا” بڪ اسٽال تان قران پاڪ ورتم. اردو ترجمو مولانا فتح محمد جالينڌري ۽ انگريزي ترجمو پڪٿال جو هو. هي ڪلام پاڪ اڄ تائين مون سان گڏ آهي. ڇا ته پڪٿال جي انگريزي آهي ۽ لفظن جو سٽاءُ. جنهن کي انگريزي پنهنجي سڌارڻي هجي ته اهو هي پڙهي، قوي اميد اٿم ته پڙهندڙ جو لفظن جو خزانو وڌي ويندو ۽ معاشري لاءِ ڪارآمد بندو ثابت ٿيندو.
سرفراز ڪالونيءَ ۾ اسان ٽي ڀائر چوٿون خالد رهندا هئاسين ۽ ننڊيون ڀينرون قمر ۽ زيب النساءِ اتي مدرسہ البنات گرلس هاءِ اسڪول ۾ پڙهنديون هيون. امان به هئي. ڀينرن کي مان صبح جو رڪشا ۾ اسڪول ڇڏي، واپسيءَ پنڌ پنڌ مارڪيٽ مان گھر لاءِ بصر پٽاٽا، ٽماٽا، گوشت يا مڇي وٺي ايندو هوس. هيءَ منهنجي ڊيوٽي هئي، ڪالونيءَ ۾ گيس اڃان ڪونه آئي هئي، تنهن ڪري ڪوئلا ٻاربا هئا، اهي پڻ وٺيو ايندو هوس.
اسان ۽ عبدالمالڪ:
اسان ٽي ڀائر چوٿون خالد، پنجون عبدالمالڪ به انهيءَ ڪري ڳڻيان ٿو جو رهندو ايل. ايم. سي ڪالونيءَ ۾ هو، پر جيئن ئي سندس آفيس جو ٽائيم ختم ٿيندو ته اسان ڏي هليو ايندو. هُن جي اسان کان سواءِ نه سري ۽ نه وري اسان جي ان کان سواءِ. امان جو به ماروٽ هو. آچر جي رات ماني کائي ويهبو پتي راند تي. ڪڏهن رمي، ڪڏهن فليش ته ڪڏهن نَوَ خال. مطلب پتا نه ڪٽبا ته ان رات مزو نه ايندو ۽ نه وري ماني هضم ٿيندي. آچر تي ته سڄو ڏينهن پتا ڪٽبا. هڪ دفعي عبدالمالڪ مڙئي اسان ڀائرن کان ٻه ٽي سوَ کٽي ويو. شام ٿي وئي، سو ٿڪجي پياسين. عبدالمالڪ چيو ته مان اچان ٿو ڪم آهي. ائين چئي هليو ويو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ آيو ته کيس هٿ ۾ هڪ عدد قميص بوسڪيءَ جي ۽ ٻئي هٿ ۾ چئرمين هرک جي سلوار ۽ ڪجھ ٻيو سامان هو. اسان ته ڏسي سڙي وياسين، بلڪ آنڊا به سڙي ويا ۽ هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلي رهيو هو. بهرحال ائين هڪ ٻئي سان ميٺ محبت ۾ وقت پيو گذرندو هو.
چئن سالن جو اکين ڏٺو مشاهدو.
1964ع کان 1968 تائين يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس. هوم اسٽيڊ هال جتي شروع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن پنهنجون نشريات پيش ڪندو هو، انجي بلڪل سامهون ماڻهن جا صبح کان شام تائين هشام ڏسندو هوس. هڪ روز پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته مرڪزي حڪومت جي آفيس آهي. هڪ ننڊڙو بورڊ لڳل هوندو هو، ان تي لکيل هوندو هو “Settlement and Rehabilitation Dept:”. هتي صرف ٻه ماڻهو حلفيه بيان ڏيندا هئا ۽ پوءِ ڏيتي ليتي سان کين زمين ۽ گھر جو پروانو ڏنو ويندو هو.
ڀٽي صاحب کي جڏهن اقتدار مليو ته ان انهيءَ کاتي کي بند ڪيو. اگر هو نه ڪري ها ته شايد اهو کاتو اڃان پيو هلي ها. پر ان کي لک شاباس هجي. اسان مقامي ماڻهو انهيءَ ڳالهه ۾ سندس شڪر گذار آهيون.
ڪانڊيري خان سان ملاقات :
لا ڪاليج ۾ داخلا ورتل هئي. وڃڻ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو هو. ڇو ته جن به داخلا ورتي هئي اهي گھڻو ڪري نوڪرين وارا هوندا هئا، ان ڪري ڪلاس مڙيئي ايڪڙ ٻيڪڙ هلندا هئا. هڪ ڏينهن مان ڪاليج ويس، پر ڪلاس ڪونه هليو، سو چانهه وغيره پي پنڌ پنڌ موٽيس. سليم قريشي پنهنجي دوڪان ادبيات جي ٻاهران هڪ خوبصورت ۽ نوجوان ڇوڪرو، اسانجي عمر جو، ان سان ويٺو هو. سليم منهنجو اسڪول جي زماني جو دوست هو. ان نوجوان سان منهنجو تعارف ڪرايائين ته هن سان مل. سندس نالو ٻڌايائين “ڪانڊيرو خان”. ڪانڊيرو خان سفيد سلوار قميص ۾ ملبوس، ڪلين شيوَ ٿيل، بوٽ پالش ٿيل. مونکي ڏاڍو عجيب لڳو. سليم کي چيم ته: “يار هئڙو نوجوان شهزادو ڪانڊيرو خان ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟” ته چيائين ته: پوءِ تون پاڻ پڇين سگھين ٿو! سليم مون کي وڌيڪ چيو ته کانئس حال احوال وٺ، ۽ پاڻ اندر دوڪان ۾ هليو ويو.
مون ڪانڊيري خان سان ڳالهائڻ شروع ڪيوته هو ڳالهائي ته پيو پر مسڪرائي به ضرور پيو. مون کي شڪ پيو ته آهي پنجاپي، پر سنڌي اهڙي روانيءَ سان ڳالهائي پيو جو شڪ-شڪ ئي رهجي پيو وڃي. نيٺ کيس چيم ته چؤ “ڄڃ” ته صحيح چئي ويو. وري کيس چيم ته چؤ “ڇڄ” ته اهو به صحيح چئي ويو، وري کيس چيم ته چؤ “مڃ” ته اهو به صحيح اُچار ڪڍيائين. پر منهنجي دل مڃڻ لاءِ تيار ئي نه ٿئي. بهرحال مون پنهنجي دل جي ڳالهه ڪانڊيري کي ٻڌائي ته هن اٿي مونکي ڀاڪر پاتو ۽ ڳالهه صحيح ڪئي ته: “اصل ۾ هو ڪئناڊا جو انگريز آهي ۽ نالو آهي John Mathew. وڌيڪ ٻڌايائين ته ڊاڪٽر آهيان، ڪنريءَ ۾ ڪنهن NGO طرفان مقرر ٿيل آهيان، پر انهن لاءِ سنڌي سکڻ لازمي آهي ته جيئن اتي جي مقامي ماڻهن ۽ انهن جي ٻوليءَ کي چڱي طرح سمجھي سگھون ۽ پوءِ انهن جو علاج ڪري سگھون. تنهن ڪري پٺيان چرچ آهي اتي هڪ سنڌي ماستر کان ڇهه مهينا سنڌي سکي آهي. ۽ هاڻي هو ڪنري ويندو.
گھڻا سال ٿي ويا خالد جيڪو منهنجو ماروٽ ۽ ڀيڻيوو ٿئي ان جي سنڌڙيءَ کان بدلي ٿي ڪنري سب ڊويزن ۾. ڪاليج کي گرمين جي موڪل هئي، سو مان به هليو ويس ڪنري. وڃڻ سان حاجي شهداد کان پڇا ڪيم ۽ کين چيم ته اُها اسپتال ڏيکاريو جتي مختلف ملڪن کان انگريز ڊاڪٽر اچن ٿا ۽ علاج ڪن ٿا. هيءَ اکين جي اسپتال آهي جتي بغير ڪنهن فيس وٺڻ جي، غريبن جو علاج ڪيو ٿو وڃي. حاجي شهداد کوڙ سارن غريبن جو علاج ڪرايو ۽ کين اتان دوائون چشما وٺي ڏنا.
هي مذڪور ٻڌائڻ جو اصل مقصد هي آهي ته انسان ڪرڻ چاهي ته ڇا نٿو ڪري سگھي. ٽرمپ، سورلي جيڪي انگريز ۽ جرمن هئا تن به سنڌي سکي ۽ لطيف کي پڙهي ان کي دنيا اڳيان پيش ڪيو. پر جيڪي دوست لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيا اهي هتان جا نه ٿي سگھيا.