آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب پهريون: ڄام شوري ۾ رهائش

بابا سنڌ يونيورسٽيءَ کي جوائن ڪرڻ کان اڳم ڪيس کٽڻ سان حيدرآباد بلڊنگس کاتي ۾ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ڪيو ويو ته سندس آفيس حيدرآباد سرڪل هئي، يعني حيدرآباد دادوءَ ۾ سرڪاري جايون ٺهنديون هيون انهن جو نگران هو. انهن ۾ ايل. ايم. سي ڪاليج، نرسنگ هاسٽلون، شاگردن جون هاسٽلون ۽ ڪجھ وارڊ به شامل هئا.
انهن ڏهاڙن ۾ ايل. ايم. سي ڪاليج ۽ اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ۽ پرنسپال ڪرنل نجيب هو ۽ هو پنهنجي مرضيءَ سان انجنيئرن کي هدايتون ڏئي ٺهرائيندو هو، تنهن ڪري بابا سان سندس عليڪ سليڪ سٺي هئي، انهي بنياد تي ڪرنل نجيب کان ايل. ايم. سي ڪالونيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ بنگلو الاٽ ڪرايو هو جنهن ۾ بابا جي رهائش هئي.
مون به 1962ع ۾ مئٽرڪ ڪئي ته بابا سان گڏجي رهڻ لڳس. ماما مريد به آيو ۽ اسان ٻنهي حيدرآباد جي ڪاليجن ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي. مونکي گورنمينٽ ڪاليج (ڪاري موري) ۾ فرسٽ ايئر آرٽس ۾ داخلا ملي ۽ ماما مريد علي کي سچل ڪاليج ۾ بائلاجي ۾ داخلا ملي. ادا بدر ته اڳم ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو.
ايل. ايم. سي ڪالونيءَ ۾ ايس. ڊي. او جي آفيس ۾ عبدالمالڪ عرف مامو ملڪو اڳم ئي ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هو. ادا اڪبر به ڪراچيءَ کان موڪلن ۾ اچي ويندو هو. ادا شير محمد وري پيٽارو ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو هو جو هو ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر هو، تنهن ڪري اتان جي پرنسپال ڪرنل ڪومبس کيس پنهنجي ڪاليج ۾ داخلا ڏني هئي. مطلب ته ايل. ايم. سي ڪالوني هاڻي اسانجو هڪ قسم جو ڳوٺ ٿي پيو. امان به ڪڏهن ڪڏهن اچي ويندي هئي. هر طرف خوشيءَ وارو ماحول هو.
اونهاري توڙي سياري ۾ ڪاليج جو ٽائيم ساڍا اَٺَ هو. مون آپشنل سبجيڪٽ ۾ مسلم هسٽري، اسلامڪ ڪلچر، ۽ فارسي کنيا هئا. ڪمپلسريءَ ۾ انگريزي ۽ اردو هئا. ايل. ايم. سي ڪالونيءَ کان صبح جو تن ڏهاڙن ۾ سرڪاري بس هلندي هئي ۽ ڪرايو ٻاهٺ پيسئا هوندو هو. جڏهن بس هيراآباد ۾ ايندي هئي ته سٽي گيٽ هوٽل وٽ اسٽاپ تي لهي، اتان پنڌ ئي پنڌ عامل ڪالونيءَ کان ٿيندو روپ محل وارو رستو وٺي ڦليلي ٽپي ڪاليج ۾ ايندو هوس. غلام سرور کيڙو به اچي اتي آرٽس ۾ داخل ٿيو هو. مرزا يوسف جيڪو اسڪول ۾ ڪلاس فيلو هو، اهو به اتي داخل ٿيو. نواب شاه جو منهنجو روم ميٽ دولت رام به فرسٽ ايئر سائنس بائلاجيءَ ۾ داخل ٿيو هو. خادم حسين ميمڻ، منور ميمڻ هي به حيدرآباد جي اسڪول واري دور جو منهنجو ڪلاس فيلو هو، اهو به اچي داخل ٿيو هو. ان کان علاوه رشيد هميراڻي به اسان سان شامل ٿيو هو. مطلب ته ڪي حيدرآباد جا ڪلاس فيلو، ته ڪي وري نواب شاه جا دوست اچي گڏ ٿياسين.
مسلم هسٽري ۾ استاد عبدالڪريم هميراڻي پڙهائيندو هو، انگريزي هڪ مهاجر هو، انجو نالو ياد نه آهي، اسلامڪ ڪلچر حافظ غلام محمد ميمڻ صاحب ۽ فارسيءَ جو استاد هڪ مهاجر هو. انجو نالو حبيب الحسن هو. هي صاحب ڪنڊياري ڪاليج ۾ اچي پرنسپال ٿيو هو، ۽ مون کيس پيرن تي هٿ رکي ملاقات ڪئي هئي ته تعجب ۾ اچي ويو هو. مون جڏهن کيس ٻڌايو ته تمام خوش ٿيو هو ۽ ڀاڪر پائي مليو هو. فارسيءَ ۾ منهنجو هم ڪلاسي هڪ مهاجر ڇوڪرو هو، جنهن جو نالو اقبال هو.
انهن ڏهاڙن ۾ پڙهائي زور شور سان هلندي هئي. ڪنهن به قسم جي گڙ ٻڙ ڪانه هئي. سنڌي مهاجر جو تصور ڪونه هو. يعني هر طرف امن ۽ شانتيءَ سان هرڪو ايندو ويندو هو. پرنسپال صاحب پروفيسر محمد علي هو، تمام روبيسٽ هو. آفيس ۾ ويٺو هوندو هو.
يونين جون اليڪشنون ٿينديون هيون. اسانجي علم ۾ پهريون ۽ نئون اضافو هو. فرسٽ ايئر ۾ اسان آياسون ته اليڪشن شيڊول پڌرو ٿيو. قاضي فضل حق قد جو پورو پنو، ڪڻڪ رنگو، لٽي ڪپڙي جو شوقين ۽ تمام برجستو نوجوان صدارت لاءِ بيٺو هو. بهرحال اليڪشن ٿي قاضي صاحب کٽي ويو. کيس انگريزي زبان تي عبور هو. تقرير ڪندو هو ته اسان جهڙن جو وات ڪٽلي ٿي ويندو هو. هي اصل ۾ موري شهر جو هو ۽ قاضي خاندان جو چشم چراغ هو.
ڪاليج جو هڪ وڏو هال هو، جنهن ۾ ڊراما، ٽيبلو، ۽ ڊبيٽ ٿينديون هيون. اردو، سنڌي، انگريزي ۾ اهي ٿينديون هيون. ڪاليج ۽ اسڪول ۾ وڏو فرق آهي. ڪاليج ۾ سلڇڻي شاگرد جي واڌ ويجھ لاءِ گھڻا موقعا آهن، ۽ ائين کڻي چئجي ته شاگرد جي زندگي ۾ ٽرننگ پوائنٽ ٿو اچي، ۽ انجي ذهن ۾ اُڀار ٿي اچي ۽ سندس سوچ جو پرواز مٿي ٿيو وڃي.
ادا اڪبر، ادا بدر، اسانجو عزيز سائين ڪريم بخش، اسان سڀني جو دوست مولا بخش چنو هنئي ڪاليج مان پڙهي نڪتاسون ڇو ته انهن ڏهاڙن ۾ هيءُ هڪ واحد ڪاليج هو. نواب شاه ۾ به ڪاليج اهڙو ڪونه هو، جتي سٺي پڙهائي هجي، سٺي ڊسيپلين هجي. تنهن ڪري نواب شاه، ٺٽو، دادو، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ۽ سانگھڙ جي عوام جون هيءُ ئي واحد ڪاليج هو جيڪو ضرورتون پوريون ڪندو هو. هر شاگرد پينٽ شرٽ ۾ ايندو هو، البته جمع تي سلوار قميص ڪي شاگرد پائي ايندا هئا.

فارسي سبجيڪٽ ۾ ٽيوشن وٺڻ:
فرسٽ ايئرجو امتحان ٿيو. رزلٽ نڪتي مان پنج ئي مضمون پاس ڪيا، پر مارڪون سٺيون ڪونه آيون يعني 45% مان به هڪ مارڪ گھٽ. ڪاپي وغيره جو تصور به ڪونه هو.
صبح جو بابا سائين نماز تي اٿارينيدو هو. ۽ ڪاليج جي تياري شروع ڪبي هئي، جو پهرئين بس تي وڃڻو هوندو هو. بس ڪالونيءَ جي مارڪيٽ کان هلندي هئي. انٽر ۾ منهنجو فارسيءَ جو هم ڪلاسي اقبال چيو ته فارسيءَ ۾ هو ٽيوشن وٺندو آهي ۽ وڌيڪ چيائين ته مان به وٺان ته هو اهڙو بندوبست ڪري سگھي ٿو. مون ها ڪئي ۽ پڻ بابا سان اهڙي ڳالهه چوريم. ٽيوشن صرف پنجاه روپيه هئي. بهرحال هڪ ڏينهن اقبال سان گڏجي ڪاليج کانپوءِ مارڪيٽ آيم ۽ شاهي بازار کان ٿيندا صراف بزار پار ڪري هڪ گھر ۾ وٺي هليو.گھر تمام ننڊو ٻن ڪمرن تي مشتمل هو.
جهڙي ريت ٻهراڙيءَ ۾ پڇٽي هوندي آهي ۽ ٻهراڙيءَ جا سادا ماڻهو پنهنجي قيمتي شيءِ انهيءَ ۾ لڪائي رکندا آهن ته جيئن چور چڪار کان محفوظ هجي، ائين ئي هڪ پوڙهو شخص 85-80 سالن جو گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ ويٺل هو. ساڻس ملياسين، ٿورو تعارف ڪرايائين، پر هن وقت سندس نالو وسري ويو آهي، کيس ٻه پٽ هئا جيڪي ڇولا، سمبوسا ۽ ڪچوريون ٺاهي پيٽ گذر ڪندا هئا. گھر جون زائفون به مسڪينيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور هيون.
پوڙهو فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. پڙهائڻ ۾ تمام هوشيار. هر نڪتو فارسيءَ جو تمام سهڻي انداز سان سمجھائيندو هو. ۽ هر سبق ۽ نظم جو اختصار لکرائيندو هو. مطلب ته ڪاري موريءَ کان حيدرآباد جي قلعي جي مک دروازي تائين مون سانده ٻه مهينا پنڌ ڪيا ۽ ان استاد کان ڪافي پرايو. ايتري قدر جو اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳس، ۽ فارسيءَ جا الفاظ ان شاعريءَ ۾ استعمال ڪندو هوس. ان استاد کان بحر، وزن ۽ قافيي جي اصلاح لاءِ هدايتون به وٺندو هوس. تخلص “ماجد” هو. جڏهن نوشهري ۾ رهندو هوس ۽ ليڪچرار هوندو هوس ته اها ڊائري هوندي هئي، پر پوءِ شادي ٿي ۽ سامان کڻي ڳوٺ رهڻ آيس ته اها ڊائري خبر نه آهي ڪيڏانهن گم ٿي وئي. سال 1964ع ۾ انٽر جو امتحان ڏئي ڳوٺ هليو آيو هوس.

ادا اڪبر جو سب انجنيئر ٿيڻ:
ادا اڪبر 1964ع ۾ B.E سول ۾ پاس ڪئي ته کيس قاضي احمد سب ڊويزن ۾ سب انجنيئر جي نوڪري ملي ۽ مون کي به پاڻ سان گڏ قاضي احمد وٺي هليو جو واندو هوس.
انٽر جو امتحان پاس ڪيم، اها خبر “ڊان” اخبار ۾ پڙهيم جو ان ۾ رزلٽ آيل هئي. سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس هئم. روڊ تي داروغي جو ڪواٽر هو ان ۾ ادا اڪبر جي رهائش هوندي هئي. ٻه-ٽي شاخون سندس ڪنٽرول ۾ هيون. حد ۾ وڃڻ لاءِ کيس ڪا به سواري ڪونه هئي، تنهن ڪري ڀاڙي تي سائيڪل وٺي حد ۾ ويندو هو. بابا کي گھڻيئي ايلاز منٿون ڪيائين ته کيس موٽر سائيڪل وٺي ڏئي، پر بابا مڙس مولائي ڪٿان وٺي ڏئي، ان جي برعڪس کيس صلاح ڏنائين ته گھوڙو وٺي ان تي چڙهي گشت ۾ وڃي جو انجو خرچ به نه آهي ۽ گھوڙي جو گاه پٺو بيلدار پاڻ ئي ڪندا، پر موٽر سائيڪل ته خرچ کائيندي.
ادا اڪبر کي به الائي ڪهڙو خيال اچي ويو سو چاچي پريل کان ڳوٺان انجي گھوڙي گھرايائين ۽ پوءِ ان تي چڙهي گشت ۾ ويندو هو. ڪراچيءَ جو پڙهيل NED انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد، ايلفي اسٽريٽ جا چڪر ڪاٽڻ وارو، پينٽ شرٽ پائڻ وارو، پر قدرت واري جا کيل ئي پنهنجا آهن.
مان ڏسندو هوس ته ادا اڪبر کي ڪنهن به قسم جو فڪر ڪونه هو. هميشہ خوش باش گذاريندو هو. اسان سڀني ڀائرن جي اها عادت آهي ته ڪڏهن به مايوس يا دلگير نه ٿيندا آهيون، حالتن سان جلديءَ ۾ رلي ملي ويندا آهيون ۽ انجواءِ ڪندا آهيون. انجو سبب آهي. بابا سائينءَ هميشہ ايمانداريءَ سان نوڪري ڪئي ۽ اسانکي حلال جي روزي روٽي کارائي، انجو نتيجو اهو نڪتو ته اسان ۾ وڏ ماڻهپائي، هٻڇ، لالچ، لوڀ، تڪبر ۽ غرور ڪڏهن به ويجھو ڪونه آيو. امير ۽ غريب سان دل کولي ملبو ۽ انجو آڌر ڀاءُ ڪبو، تنهن ڪري اسان کي به اهڙي موٽ ملندي آهي.
قاضي احمد جا وڏا زميندار جهڙوڪ فقير شاهنواز انڙ، رئيس علي نواز انڙ ادا اڪبر جي گھڻي عزت ڪندا هئا ۽ کيس پنهنجي بنگلي ۾ رهڻ لاءِ آڇون ڪيون پر ادا اڪبر ان داروغي جي ڪواٽر ۾ رهڻ پسند ڪيو. ان ڪري به اهي زميندار ادا اڪبر کي ڀائيندا هئا جو بابا سائين به قاضي احمد ۾ اسسٽنٽ انجنيئر ٿي رهيو هو، ۽ اهي زميندار بابا کي عزت جي نگاه سان ڏسندا هئا. بابا سائين اتي 43-1942ع ۾ اسسٽنٽ انجنيئر رهي چڪو هو.
قاضي احمد اسڪول جي ڪهاڻي ۽ رئيس علي نواز انڙ جي زباني:
رئيس علي نواز انڙ هڪ محفل ۾ جيڪا سندس شان ۾ منعقد ڪئي وئي هئي انجي صدارتي خطبي ۾ بابا جو نالو وٺي تمام گھڻي تعريف ڪئي ۽ ان جو ذڪر هنن الفاظن ۾ ڪيو ته: “ڊڀري جو زميندار سيد محمد علي شاه (سيد ظفر علي شاه جو والد) پنهنجي دوست عثمان علي انصاري سان گڏ شڪار جي خيال سان سندس بنگلي تي ٽڪيل هئا. اتي درٻيلي جو محمد سليمان لاڙڪ ايس. ڊي. او ٿي آيل هو. اتي لاڙڪ صاحب کين ملڻ آيو ۽ رات جي مانيءَ جي شاه صاحب کي دعوت ڏنائين. شاه صاحب، انڙ صاحب کان اجازت وٺي اها دعوت قبول ڪئي. رات جو جڏهن شاه صاحب، محترم علي نواز خان ۽ عثمان علي انصاري SDO جي بنگلي تي ويا ته لاڙڪ صاحب وڏي نياز ۽ نوڙت سان سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. اتي لاڙڪ صاحب ذڪر ڪيو ته سائين مان شاه صاحبن جي ڳوٺ جي هڪ غريب مسڪين ماڻهوءَ جو ٻار آهيان. شاه صاحب جي والد جيڪو نوشهري ۾ مدرسو قائم ڪرايو ۽ اسڪول قائم ڪرايو ان جي مدد ۽ ڪوشش سان پڙهي اڄ مان هن عهدي ۽ ڪرسيءَ تي پهتو آهيان، ان ڪري اسان تي شاه صاحبن جا وڏا احسان ۽ ٿورا آهن”.
رئيس علي نواز وڌيڪ ائين به چيو ته: “ان رات ئي مون پڪو پهه ڪيو ته قاضي احمد ۾ به هو اسڪول کولرائيندو جتي غريبن جا ٻار پڙهن ۽ عزت جي روزي روٽي ڪمائين”.
هي مذڪور منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ ڪونه آيو آهي، پر ذاتي مطالعي ۾ ضرور آيو آهي، تنهن ڪري ذڪر ڪيان ٿو ته جيئن منهنجي ڪهاڻيءَ جو تسلسل نه ٽٽي، پر باقي رهي.
وڌيڪ هي مذڪور ان خيال کان قلمبند ڪيان ٿو ته اسان جي خاندان جي اها عادت رهي آهي ته جنهن به اسان تي تر جيترو به احسان ڪيو ته انجي واکاڻ ڪبي ۽ ان کي بلند بانگ ڳائبو.