باب چوٿون: بابا سائين دادوءَ جي فرسٽ ڪلاس سول ڪورٽ طرفان Commissioner مقرر ٿيڻ
مون بابا سان ڳالهه ڪئي، ته ان هام ڀري. مون محمد صديق کي نياپو ڪيو ۽ کيس وڌيڪ چيم ته ضروري ڪاغذ ڏياري موڪل ته بابا ڏسي!. ان سڄو فائيل ڏياري موڪليو. مون سڄو فائيل بابا کي ڏنو. بابا انجو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مون کي چيائين ته ابا! مون کي سفيد ڪاغذ وٺي ڏئي ته نوٽس وٺبا. خير بابا سائين سڄي ڪورٽ جي ڪارگذاري، وڪيلن جا سوال جواب، سرڪاري انجنيئرن جا جواب، پڙهندو ويو ۽ SDO صاحب جي M.B. کي ڏسندو ويو. بابا سائين کي تقريباً ڇهه اٺ مهينا لڳي ويا. بابا چوندو هو ته “بابا ڪيس اهڙو منجھيل آهي جو هنکي به ٿڪائي ڇڏيو اٿس. بهرحال محمد صديق عباسي پيو شنوايون ڏيندو هو، ۽ مونکي چوندو هو ته “چاچا سائين کي چئو ته جلدي ڪري جو ٺيڪيدار جو وڪيل پيو ٿو بڪ بڪ ڪري!
هميشہ وانگر، مهيني جي ويهين تاريخ بابا حيدرآباد ويندو هو جو هر مهيني پينشن وٺڻ ويندو هو، ۽ شايد پنهنجي شاگرد محمد ابراهيم مهيسر جي ڪم لاءِ انجي چيف انجنيئر کي چوڻو هو، ۽ هن ڪيس کي فائنل ڪري پنهنجي رپورٽ دادوءَ موڪلڻي هئي. سڀ ڪم ڪار لاهي ڇڏيائين ۽ پينشن به ورتائين. کيس ڪجھ بخار ٿي پيو ۽ کنگھ به. ادا اڪبر کيس دوا وغيره وٺي ڏني، پر طبيعت ۾ ڦيرو نه آيو. مليريا جو بخار ٿي پيو. انهيءَ وچم ۾ ٻه-ٽي ڏينهن گذري ويا.
نواب شاه ۾ ماما شاهنواز کي خبر پئي. تنهن ادي زيبل کي به ٻڌايو ۽ بابا کي نواب شاه وٺي اچڻ لاءِ جيئن ئي ٻاهر نڪتا ته اسانجو خانداني نوڪر بلڪ خدمتگار شهداد به اچانڪ اچي ويو، ان به جو اِهو ٻڌو ته ماما کي چيائين ته مان به هلان ٿو.
بابا جي حياتيءَ جون آخري گھڙيون:
آخر بابا کي ماما جن نواب شاه وٺي آيا. ماما ۽ حاجي شهداد بابا کي ڀاڪر ۾ وجھي ماما جي کٽ تي سمهاريو، حاجي شهداد ٻڌايو ته: “ هو بابا جي ٽنگن ۽ پيرن کي زور ڏيندو رهيو. بابا حاجي شهداد کي چيو ته: “شهداد ڪلمون ٿو پڙهان ٻڌ ته صحيح ٿو پڙهان؟” شهداد ٻڌايو ته: “صاحب ڪلمون پڙهيو ۽ مون ٻڌو ته صحيح ٿي پڙهيائين”. وري بابا شهداد کي چيو ته: “وري ٿو پڙهان ٻڌ ته صحيح ٿو پڙهان؟” شهداد وري به ٻڌو ته صحيح بابا سائينءَ ڪلمون پڙهيو. ٽيون دفعو به بابا ساڳيا الفاظ شهداد کي چيا. شهداد ٻڌايو ته حاجي صاحب ڪلمون ته پڙهيو پر الفاظ سمجھي ڪونه سگھيس، ۽ پوءِ شهداد ٻڌايو ته حاجي صاحب سڌو ٿي سمهي پيو ۽ صفا ٿڌو ٿي ويو، ۽ پوءِ سندس اندر جو پکيئڙو هميشہ هميشہ لاءِ اڏري ويو. انا الله و انا اليہ راجعون. اها تاريخ هي چوٿين ڊسمبر 1992ع.
بابا سائينءَ جي حياتيءَ جي مختصر جھلڪ:
بنيادي طور بابا مذهبي ماڻهو هو. هڪ خدا ۾ ايمان سندس زندگيءَ جو جُزُ هو. عبادات ۽ معاملات ۾ مون کيس ڪڏهن به پوئتي بيٺل ڪونه ڏٺو. غريب غربي جي مدد ڪرڻ سندس عادت هئي. ها البته اگر قانون يا شريعت جي خلاف ڪنهن جي اهڙي گذارش هئي ته انکي جواب ڏيڻ ۾ دير ڪونه ڪندو هو.
مان فرسٽ ايئر ۾ پڙهان ٿو، آچر جو ڏهاڙو آهي، ناشتو وغيره پي مون کي چيائين ته نانا ڪتاب کڻي آ ته اڄ پڙهون ٿا. مان انگريزي جو ڪتاب کڻي آيس. ڪافي مونکي سمجھاڻيون ڏيندو رهيو. آخر ۾ مون کان پڇيائين ته “ڏيکارڻ” جو انگريزيءَ لفظ ٻڌاءِ؟ منهنجو دماغ صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيو، باربار چوان SEE. ته بابا چوي ته اهو ته ٿيو ڏسڻ، مون چيو آهي “ڏيکارڻ” پر منهنجي زبان خشڪ ٿي وئي ڪڇان جهڙي ڀت. آخر بابا ڪاوڙجي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين ”ڇورا! تون ته ڪو منشي ٿيندين؟” بس بابا جو اهو نڪتل لفظ ڪجھ سالن کانپوءِ سچ ثابت ٿيو. ٻه سال شيخ غلام نبي جا فائيل کنيم ۽ ماما شاهنواز جا به. وري زمين جي ورهاست ٿي ته اهي به مونکي سنڀالڻيون پيون، مطلب ته جيڪو بابا چيو اهو ٿي گذريو ۽ اڃان به ٿي رهيو آهي.
هڪ ڏينهن، شام ٿي وئي هئي، ۽ مغرب جي نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو. مون کي چيائين ته ابا چادر به کڻي اچ ۽ مصلو به، ته ٻاهر ٿلهي تي گڏجي ٿا نماز پڙهون ۽ ڀائرن کي سڏي آ! مون ائين ڪيو. ٿوري دير کانپوءِ آذان آئي، ته ٻانهن کان جھلي مونکي اڳيان مصلي تي بيهاري چيائين ته امامت ڪر!”. مون ان ڏينهن ائين ڪيو ۽ نماز پڙهائي.
بابا جو معمول هو ته فجر جي نماز پڙهي، قران جي تلاوت ڪندو ۽ پوءِ آفيس لاءِ تياري ڪندو. پهرئين شيوِ ڪندو. شيوِ ڪرڻ وقت پيو شاه لطيف جي ڪا نه ڪا ڪافي جھونگاريندو. مثلاً هي ڪافي جھونگاريندو هو ته “ڇو ٿيون پڇايو پنڌ پيرا - واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا” ته ماما مريد (اسان سان رهندو هو) چوندو هو ته: “اڄ ادو خوش آهي ۽ ٻوڙ کارائيندو ۽ پڪ سندس کيسو به ڀريل آهي”. يا ڪنهن ڏينهن بابا هيءَ ڪافي ڳائيندو هو ته: “ڪا به قريبن جي اڳيان ڪتيم ڪينڪي ڇا ٻڌايان”. ته ماما مريد چوندو هو ته ابا اڄ ادي جو کيسو خالي آهي ڀاڄي کائڻ لاءِ تياري ڪري وٺو!”. بابا ماما جا اِهي لفظ ٻڌي کلي ڏيندو هو!
انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾ آهي ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن ڀريل آهي ته ڪڏهن هٿين خالي. پاڻ جڏهن ڳوٺ رهندو هو ۽ مان به، ۽ کيس حيدرآباد وڃڻو هوندو هو، پر سندس کيسو خالي هوندو هو ته مون کان وٺي ريل ۾ پهرئين پڊعيدن پوءِ اتان حيدرآباد. جڏهن موٽي ايندو هو ته پهرئين فرصت ۾ منهنجو قرض لاهيندو، مان گھڻو ئي نٽايان ۽ وٺڻ کان انڪار ڪيان، پر هو چوندو هو ته “ابا! اِها آهي اوڌهر جي ڀاڄي مونکي ڏيڻي پوندي ۽ توکي وٺڻي پوندي”!
بابا سائين ڪڏهن به ناراض ڪونه ٿيندو هو. پر انسان آ! غصو اچي ويندو آهي، بابا کي به اچي ويندو هو. پر اهڙي حالت ۾ اڳلي کي ڪجھ به نه چوندو، پر پنهنجن هٿن کي پيو مهٽيندو. اهو اظهار اسان سمجھي ويندا هئاسين ۽ پوءِ سندس اڳيان ٽري ويندا هئاسين.
رٽائرمينٽ کانپوءِ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ٻه جايون سندس هونديون هيون. هڪ گھر، ۽ ٻيو مسجد. اوڙي پاڙي جي ٻارن کي پيو پڙهائيندو هو. ڀر وارن ڳوٺن مان شاگرد، جيڪي مئٽرڪ، فرسٽ ايئر، ۽ انٽر سائنس ۾ پڙهندا هئا ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ جو شوق هو، بابا سائين وٽ پڙهڻ ايندا هئا. فزڪس، ڪيمسٽري ۽ مئٿ انهن کي في سبيل الله پڙهائيندو هو. اڄ انهن مان ڪي 19-20 گريڊ ۾ ڊاڪٽر، پروفيسر ۽ سيڪريٽري آهن.
ڪي اهڙا شاگرد به هئا جن جا ڳوٺ پري هوندا هئا، ته مسجد ۾ ويهي رهندا هئا. پوءِ انهن کي ماني به کارائيندو هو، جو امان کي اچي چوندو هو ته: “اڪبر ماءُ! فلاڻا فلاڻا شاگرد آهن گرميءَ جي ڪري مسجد ۾، شام ويندا، تو وٽ ماني ڳڀو هجي ته ڏئي”. امان پوءِ سندس ۽ ڪجھ ٻي به ڪس ڪور ڪري کيس ڏيندي هئي جا وڃي انهن کي کارائيندو هو. پاڻ جڏهن انتقال ڪري ويو ته هڪ مهيسر نالي ابراهيم جو ايڊيشنل سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ ٿيو، جڏهن به ڳوٺ پنهنجي ايندو هو يا عيد وغيره تي ته سندس قبر تي چار قل پڙهي دعا گھري هليو ويندو هو.
اسانجي خاندان يا ائين کڻي چوان ته ويڙهي ۾ پڦين ماسين ۽ چاچن جا ٻار پڙهڻ بابا ڏي ڪونه ايندا هئا، جو انهن کي اهڙو شوق ڪونه هو. پوءِ ڪا حجت ۾ کيس چوندي هئي ته “ادا اسانجي ٻارن کي نٿو پڙهائين سو ڇو؟” ته ورندي ڏيندو هو ته “گھر جو پير چلهه جو مارنگ”.
7. بابا سائين انجنيئري ڪاليج کي مثالي ڪاليج بڻائڻ لاءِ پوري توجهه ۽ تندهيءَ سان استاد رکرايا، ڊاڪٽر افغان کي عراق مان سندس والد جي معرفت گھرايو. ايس. ايم. قريشي گيمن ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو، ان کي به سندس والد جي معرفت گھرايو. ڊاڪٽر اي. ايف. عباسيءَ، اي. آر. عباسي، ايم. اي. قريشي، ڊاڪٽر محمود جهڙن ناميارن انجنيئرن کي گھرائي نوڪريءَ ۾ رکرايو. ان کان علاوه لاهور کان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ پير عبدالرشيد کي گھرايو، قاضي قوي، يار محمد مشوري کي ڳولي سٺيون پگھارون ڏئي انجنيئرنگ ڪاليج جي جھولي ڀري دنيا کي ڏيکاريو ته سنڌي ماڻهو به گھٽ ناهن.
8. گرمين جي موڪل هئي ادا بدر ڳوٺ آيل هو. بابا صبح جو واڪ ڪري موٽيو ته ادا بدر چانهه ٿي پيتي. ادا بدر کي بابا چيو ته: “بدر حساب نٿو اچي، ابا! تون مئٿ جو پروفيسر آهين اهو ته ڪري ڏي!” ادا بدر غسل ۽ ناشتي کان فارغ ٿي ان حساب کي حل ڪرڻ شروع ڪيو پر حساب ان کان به نه ٿيو. خير سڄو ڏينهن گذري ويو ٿي رات. ادا بدر سان گھڻوئي بابا Discuss ڪيو. آخر ٿيو ٻيو ڏينهن. ادا بدر معمول مطابق صبح جي چانهه پي رهيو هو ته بابا واڪ ڪري موٽيو ۽ بدر جي ڀرسان بيهي کيس چيائين ته: “بدر حساب ٿي ويو. اجھو هيئن”. وڌيڪ بابا ادا بدر کي چيو ته ابا! سڄي رات مٿو هنيم، نيٺ تهجد پڙهي بس ڪيم، ۽ حساب کنيم ته ٿي ويو!”.
9. بابا سائين پڇاڙي وارن سالن ۾ ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو. هر مهيني جي 14، 15، ۽ 16 روزا رکندو هو. هڪ شام مون کيس چيو ته بابا هاڻي اهي نفلي روزا نه رکو. ڇو ته ڪافي ڪمزور ٿي ويا آهيو!. مون کي ورندي ڏنائين ته هڪ شرط تي ڇڏيندس. مون چيو ته بابا شرط ٻڌايو، ته چيائين ته: “تون رک ته مان ڪونه ٿو رکان!”
10. اسان ڀائر سرفراز ڪالونيءَ ۾ رهندا هئاسين. هر مهيني بابا ايندو هو پينشن وٺڻ. شام جو ادا بدر شاگردن کي مئٿ جي ٽيوشن ڏيندو هو. معمول مطابق بابا آيو ۽ ادا بدر کي ڏٺائين ته پڙهائي رهيو هو. خير ادا پڙهائي بس ڪئي ته بابا کيس چيو ته بدر ٻيلي ڪم ته ڀلو ٿو ڪرين جو ٻارن کي صبح جو ۽ شام جو به پڙهائين ٿو! Very good. کيس وڌيڪ چيائين ته: “بدر اڄ تو منهنجي دل خوش ڪري ڇڏي! ته ادا بدر معصوم بڻجي بابا کي چيو ته بابا ٽيوشن ٿي پڙهايم ۽ اهي شاگرد پيسئا ڏيندا آهن! ته بابا کان وڏي دانهن نڪري وئي ۽ کيس ڇڙٻ واري انداز ۾ چيائين ته: “پيسئن تي پنهنجي علم کي وڪڻي ٿو”!
Very bad, very bad!. ادا بدر اهو ڏينهن وري ٻارن کي ڪونه پڙهايو.
11. ڄام شوري ۾ بابا سائين اسانکي پنهنجي مشاهدي مطابق نصيحتون ڪندو هو، ته هر هڪ کي عزت ڏيو ۽ وڌيڪ چوندو هو ته “ميويدار وڻ وانگر ٿيو، ڇو ته جنهن وڻ ۾ ميوو هوندو اهو هميشہ جھڪيل ٿيندو آهي، ۽ انجي برعڪس خالي وڻ ٽرڙو سڏرائيندو آهي. ۽ پوءِ هي لطيف جو بيت پڙهندو هو:
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي
تون تنين سين گڏ، اوڏا اڏي پکڙا.
12. منهنجي شادي ٿي ته ڳوٺ ۾ رهندو هوس. واپسيءَ ۾ سج، ٺاروشاه، يا مولهڻ ڳوٺ ڀرسان لهي ويندو هو. گھر ايندو هوس ته اونده ٿي ويندي هئي، جو ڪاليج شام جو هوندو هو. ته بابا سائين اڱڻ تي منهنجي انتظار ۾ بيٺو هوندو هو، ۽ ڏسڻ سان چوندو هو ته: “ابا! اچي وئين”!.
13. منهنجي شاديءَ ۾ بابا سائين راضي ڪونه هو. پر مونکي به جوانيءَ وارو ضد. نيٺ شادي ٿي، پر بابا سائينءَ جي ناراضگيءَ جي ڪري وڏو نقصان ٿيو. هڪ عالم سڳوري تقرير ڪندي فرمايو ته جنهن پنهنجي پيءَ کي ناراض ڪيو، ان ڄڻ ته رب کي ناراض ڪيو! مونکي اڄ اهو احساسِ ندامت آهي. رب معاف ڪري. ۽ منهنجو هن نئين نسل کي مسيج آهي ته ڇا به ٿي پئو، ڪيڏا به وڏا آفيسر ۽ اڪابر ٿي پئو، پر پنهنجي ابي کي ناراض نه ڪجو ڇو ته ڪجھ وقت کانپوءِ توهان بلڪل اڪيلا ۽ تنها ٿي ويندا.
هڪ قصو بيان ڪيان ٿو. هڪ ڏينهن گھر واريءَ چيو ته سبزي نه آهي اها وٺي اچو ۽ مرغي يا گوشت پڻ. مان ڊڀري ويس ۽ سبزي وٺي رهيو هوس ته منهنجي ڀرسان هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو ٻار اچي بيٺو ۽ مون ڏي نهاري مونکي چيائين ته چاچا هن عمر ۾ اوهان ڇو آيا آهيو، پنهنجي پٽ کي چئو ها؟ هي هيترو سامان وٺي وڃي ها؟ مون کيس ڳراٽڙي پائي چيو ته: “پٽ! ٻيهر ائين ڪندس.”
بابا سائينءَ جو تذڪرو هنن لفظن سان ختم ڪيان ٿو:
اڄ پــڻ اکــڙيــن، ســڄــڻ پـنـهـنــجــــا ســـاريــا
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن
سـنـڌي ســڪ پــريـــن، لـــوڪ ڏٺــي نــه لـهي.
(شاه)