آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب پنجون: چاچا محمود ۽ سندس اولاد يعني صفي برادرس

بابا هر جمعي جي نماز لاءِ مسجد ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هلندو هو. مسجد گھڻو پري ڪونه هئي. بس ڊاڪ بنگلي کان ٿيندو سڌو بندر روڊ تي چڙهبو ته سامهون مسجد هئي. نماز پڙهي بس ڪبي ته اتي ئي چاچا محمود سان ملڻ ٿيندو هو. روڊ کاتي ۾ S. D. O هو. پاڻ منشي سڏرائيندو هو. شايد سندس ذات هئي. سندس پٽ به جيڪي ننڍا، مون جيتري عمر جا هوندا هئا نماز تي پيءُ سان گڏ ايندا هئا. بابا هميشہ انهن سان انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪندو هو.
مون جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي هئي ته اهي به ٻئي ڀائر انجنيرنگ ڪاليج ۾ داخل ٿيا هئا. بابا تن ڏينهن ۾ خود پرنسپال هو. ٻنهي ڀائرن کي بابا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو. ۽ اڪثر سندن تعريف ڪندو هو. هڪ جو نالو رفيق ۽ ٻئي جو نالو اشفاق هو. پر هر ڪو کين صفي برادرس ڪري سڏيندو هو.
چار سال ڪاليج ۾ رهيا. هڪ اليڪٽريڪل ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ ٻئي مڪينيڪل ۾ ڊگري ورتي. انهن چئن سالن ۾ جيڪي سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ لکي وئي اها هڪ يادگار آهي.
انگريزي زبان تي کين وڏو ملڪو هو. بس ائين کڻي چئجي ته انگريزي سندن گھر جي ڪنيز هئي. ڊبيٽنگ ۾ ٻئي ڀائر جتي ويا، پوءِ يونيورسٽي هجي يا ڪاليج ٽرافي سندن نالي جي پٺيان هوندي. هڪ ڀاءُ هميشہ موضوع جي معافقت ۾ ڳالهائيندو ۽ ٻيو مخالفت ۾. هر استاد، شاگرد، پرنسپال ۽ وي. سي کين پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو.
هڪ دفعي برٽش ڪائونسل لئبرري حيدرآباد شهر ۾ اهڙي قسم جي آل پاڪستان ڊبيٽ ٿي. آءٌ به ٻڌڻ ويس. هڪ ڀاءُ، حسب معمول، معافقت ۾ ڳالهايو ۽ ٻئي مخالفت ۾ پنهنجا دليل ڏنا. ائين لڳو ته خود لئبرري جي منتظمين جون واڇون ڦاٽي ويون هيون ۽ پوءِ انهن بعد ۾ جڏهن پنهنجا تاثرات پيش ڪيا ته انهن خود تسليم ڪيو ته اُهي به کانئن متاثر هئا. کين ٽرافي ڏنائون ۽ ان سان گڏ چميون ڏنائون. ۽ بعد ۾ کين جڏهن ٻڌايو ويو ته هي ٻئي ڀائر آهن ۽ سنڌي آهن ته چئي ڏنائون ته: “No doubt Sindh is great”.
رفيق صفيءَ کي KPT ۾ نوڪري ملي ۽ اشفاق کي سئي گيس ۾ نوڪري ملي. 1977ع ۾ جيئن ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت برطرف ڪئي وئي ته رفيق ڏکين ڏينهن جي ور چڙهي ويو، ڇو ته مڙئي جذباتي قسم جو نوجوان هو، تنهن ڪري کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جتي ڏهه سال جوانيءَ جا گذاري 1988ع ۾ آزاد ٿيو جڏهن شهيد بينظير ڀٽو اقتدار جون واڳون سنڀاليون.
اشفاق سئي گيس جي نوڪري ڇڏي، آسٽريليا هليو ويو. هنن ٻنهي نوجوانن جي ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي ساک ۾ وڏو واڌارو آيو، ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿي. ڇو ته جتي به هي ٻئي ڀائر ويا اتان جي شاگردن، استادن ۾ هي گفتا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا: “Here comes Safi brothers from Sindh”.
يعني سنڌ يونيورسٽي هنن ٻنهي جي ڪري سڃاتي ويندي هئي ۽ هي ٻئي ڀائر سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪري سڃاتا ويندا هئا. مطلب ته هي هڪ ٻئي جي سڃاڻپ بڻجي ويا هئا.

پيغام رسانيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ
سکر ۾ ننڍپڻ جو هڪ واقعو ياد اچي ٿو، جيڪو ڳنڀير ۽ دل کي اڻوڻندڙ لڳي ٿو. پر تنهن هوندي به ان کي پنهنجي يادگيرين جي هن دفتر ۾ جاءِ ڏيڻ ۾ ڪوفت محسوس ڪونه ٿو ڪيان.
جڏهن به امان سانئڻ سکر اسان ڏي ايندي هئي ته پاڻ سان ڀرٿ ڀرڻ وارو بجڪو به ساڻ آڻيندي هئي. ۽ چاچا عبدالرسول جون نياڻيون امان وٽ ڀرٿ سکڻ واسطي اينديون هيون.
بابا ۽ چاچا عبدالرسول هڪ ٻئي جا دوست ۽ پاڙيسري هئڻ سان گڏوگڏ انجنيئر هئا، ۽ ڳوٺائي به هئا. ڇو ته کاهي ڪنڊا ۽ اسانجو ڳوٺ گھڻو پري ڪونه هئا ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ مدرسي نوشهري جا شاگرد هئا، تنهن ڪري ڀائرن وانگر سمجھا ويندا هئا، ۽ هڪ ٻئي جي عزت به گھڻي ڪندا هئا. هڪ ڏينهن ادا بدر مونکي چٺي ڏني ته وڃي چاچا جي وڏي ڪاڪيءَ کي ڏيان. مان سڌو سندن بنگلي تي ويس. بنگلي جي پهرئين منزل تي ڏاڪڻ جي ڀرسان هوءَ ملي وئي. کيس چيم ته هيءَ چٺي ادا بدر مونکي اوهان لاءِ ڏني آهي. چٺي پڙهڻ سان ڏٺم ته سندن چهري جو رنگ ڳاڙهو لال ٿيندو ويو ۽ ڪنن جون پاپڙيون به ڳاڙهيون ٿينديون ويون. مون به سمجھي ورتو ته ضرور ڪا ڳالهه آهي جو هن جي وجود ۾ اهڙو طوفان اچانڪ اچي ويو آهي، ورنه، هوءَ ته مون سان ڏاڍي پيار ۽ محبت سان ڳالهائيندي هئي. تنهن ڪري پنهنجي عافيت ان ۾ سمجھيم ته پويان پير ڪجن. سو ڪاٺ جي ڏاڪڻ جا ٻه-ٽي ٻه-ٽي ڏاڪا ٽپندو ساهي اچي گھر پٽيم. پر حالت منهنجي به ابتر ٿيندي وئي. نيٺ ادا بدر به اچي ڀرسان بيٺو ۽ پڇيائين ته ڪر خبر؟ مون کيس چيو ته: “تو چٺيءَ ۾ ڇا لکيو هو جو محترما جي اندر ۾ باه ٻري وئي؟” چيائين ته ڪجھ به نه!. پوءِ مون ادا بدر کي چيو ته: “ڪجھ به نه جا سڪا هاڻي توکي خبر پوندي جڏهن پادر مان به کائيندس ۽ تون به”!
مان ننڍو ٻار مونکي ڪا خبر نه ته ائين به دل جا احوال چٺين ۽ خطن رستي اوربا آهن، ورنه چٺي ته ڪڏهن به کڻي نه وڃان ها! ڏاڍو پريشان ۽ حيران هوس ته هاڻي جيڪڏهن محترما اها چٺي کڻي اچي امان کي ڏيکاري ۽ کيس چوي ته هيءُ لڇمي چٺي ڏئي ويو آهي ته به موچڙا مونکي لڳندا. سوچان ته دماغ پيو ٺڪاوَ ڏي، تنهن ڪري چپ ڪيون بيٺو هوس ته ڏٺم ته ادا بدر چرڻ شروع ڪيو، ۽ اڀرندي طرف وڏي گيٽ ڏي وڃڻ لڳو. جڏهن گيٽ تائين پهتو ته مون به سندس پيڇو ڪيو. هو گيٽ ٽپي ڊاڪ بنگلي طرف هلڻ لڳو. ته مون به ان طرف آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو. ڏٺم ته هو ڊاڪ بنگلي کي پار ڪري بندر روڊ تي چڙهيو. مان به سندس پويان. مونکي اچي ڊپ لڳو ته ڪاٿي بندر وال ٽپي درياءُ شاه ۾ نه پاڻ اڇلي! پر هو ته ان مسجد ۾ گھڙي ويو جنهن ۾ اسان سڀ ڀائر جمعي جي نماز پڙهڻ ويندا هئاسين. پوءِ مونکي به ڪجھ سرير ۾ ساه پيو ۽ وڃي سندس ڀرسان ويٺس پوءِ ٻنهي ڀائرن هڪ ٻئي کي کڻي ڀاڪر ۾ وڌو ۽ ڪافي رنو. رب پاڪ به شايد اسان ڀائرن جا ڳوڙها ڏسي معاف ڪيو جو پوئتي خير ٿي ويو.
واقع هيءُ خاندان وڏي دل گڙدي جو مالڪ هو. ٻن ٽن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ هوءَ ۽ سندس ننڍي ڀيڻ ساڳي ريت اچي امان کان ڀرٿ ڀرڻ سکڻ اينديون هيون.
انهيءَ سال يعني 1957ع ۾ بابا جي بدلي لاهور ٿي ۽ اسان ڀائر نواب شاه ماما شاهنواز وٽ خواجه صاحب جي اسڪول ۾ داخل ٿياسين. انهيءَ جي باوجود چاچا عبدالرسول ۽ سندس ٻار جڏهن به موڪلن يا عيدن جي موقعي تي پنهنجي ڳوٺ ايندا هئا ته اسان وٽ ڳوٺ ضرور ڀيرو ڪندا هئا. مطلب اهو ساڳيو قرب سندن طرفان جاري هو ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي وڇوٽي نه آئي.
پنجن ڇهن سالن کان پوءِ هڪ ڏهاڙي چاچا عبدالرسول پاڻ ۽ سندس گھر وارا ڳوٺ اچي نڪتا. سڄو ڏينهن زالن هڪ ٻئي سان ڳالهيون ۽ ڪچهري ڪئي. ۽ مڙدن جي پاڻ ۾ گپ شپ ٿيندي رهي.
شام جو چانهه کانپوءِ مهمانن موڪلائڻ جي ڪئي، ۽ اٿڻ لڳا. ويندي ويندي ان چٺيءَ جو ذڪر نڪتو جيڪا مون پهچائي هئي، ۽ دوستيءَ کي رشتي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آفر ڪئي وئي. بابا کي ته ان ڳالهه جو پتو ئي نه هو. اخر کيس ٻڌايو ويو ته توهان جو پٽ بدر سندن نياڻيءَ ۾ دل چسپي رکي ٿو، تنهن ڪري اسان کي قبول آهي. بابا ائين چئي ٽاري ڇڏيو ته اها ٻاراڻي حرڪت منهنجي پٽ ڪئي آهي تنهن ڪري ادا مان اوهان کان معافي ٿو وٺان، باقي اسان وٽ پنهنجو ئي ڀت ٻاٽ کوڙ آهي.
اها گھڙي ۽ اهو ڏينهن اهي قرب وارا ته هليا ويا، پر سندن وفا، دوستيءَ وارو جذبو، خلوص ۽ بردباري، سهپ، تونگري هميشہ ياد رهي. اهي ماڻهو ڪيڏا نه دل جا سخي هئا. اهڙن ئي ڀلارن انسانن لاءِ هڪ ڀلاري بزرگ فرمايو آهي ته:
مـــــون ســــي ڏٺــا مــاءُ جـنـين ڏٺـو پرينءَ کي
تنين سندي آءٌ ڪري سگھان نه ڪا ڳالهڙي.
1988ع ۾ ڊي فل جي تياري ۽ مواد کي هٿ ڪرڻ، گرميءَ جي موڪلن ۾ ڪنهن وقت ڊاڪٽر عمر دائودپوٽي لئبرري ته ڪنهن وقت سينٽرل لئبرري سنڌ يونيورسٽي ته وري ڪنهن وقت سنڌالاجي جي لئبرريءَ ۾ ويندو هوس. هڪ ڏهاڙي سنڌالاجي لئبرريءَ مان اٿي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کان انٽرويو ڪرڻ لاءِ سندس آفيس ۾ ويس. پنهنجي ڊي. فل جي نسبت سان ڊاڪٽر کان جيڪي ڪجھ زباني معلومات ملي ڊائري ۾ نوٽ ڪندو ويس.
هڪ نوجوان ڊاڪٽر جي آفيس ۾ آيو ۽ ڪرسيءَ تي ويٺو. ڏاڍو غمگين ٿي نظر آيو. ڊاڪٽر صاحب کانئس سبب پڇيو ته روئڻهارڪي لهجي ۾ ٻڌايائين ته سندس پي. ڊي صاحب بدلي ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽر صاحب مون ڏي نهاري چيو ته ادا لاڙڪ! سنڌ يونيورسٽيءَ جو پي. ڊي صاحب ميمڻ عبدالرسول آهي ۽ توهان جو والد به انجنيئر هو، ڪا واقفيت هجي ته هن مسڪين جو آرڊر ڪينسل ڪرائي ڏيو ته مهرباني ٿيندي! مون ان نوجوان کان ان آرڊر جي ڪاپي ورتي ۽ چاچا عبدالرسول جي آفيس ۾ ويس. نائڪ کي چيم ته مونکي صاحب سان ملڻو آهي. هن مونکي ڪاغذ جو ٽڪرو هٿ ۾ ڏنو، ۽ چيائين ته پنهنجو نالو لکي ڏيو. مون پنهنجو نالو لکيو ۽ نائڪ کڻي ويو. ته جلدي ۾ نائڪ آيو ۽ چيائين ته سائين اندر وڃو. مان اندر ويس ته چاچا بيٺل ڏٺم. کيس پيرن تي هٿ رکي مليس ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي ڀاڪر ۾ وجھي چيائين ته ابا! “هاڻي ته تون جوان ٿي ويو آهين. وري ڀائرن ۽ بابا جو پڇيائين. مطلب تفصيل سان هر ڪنهن جي باري ۾ پڇيائين، پوءِ پاڻ به ويٺو ۽ مونکي به ويهڻ لاءِ اشارو ڪيائين.
ڪافي ڳالهين کانپوءِ چيائين ابا هاڻي ڪر خبر ۽ ڪم ٻڌاءِ؟. مون انهيءَ آرڊر جي ڪاپي کيس ڏني ۽ چيو ته چاچا هي آرڊر ڪينسل ڪري ڏيو ته قرب ٿيندو. پاڻ آرڊر کي ڏسي وري ڇت ۾ نظرون وجھي مونکي ڏٺائين. پوءِ گھنٽي وڄايائين، پٽيوالو آيو ته کيس چيائين ته ڦلاڻي کي سڏي ڏئي. اهو متعلقه ماڻهو آيو ته ان کي چيائين ادا اڄ هي آرڊر ڪيو اٿئون ۽ اڄ ئي ڪينسل ٿا ڪيون. بس ڪري آ!
ان شخص مونکي ڏسي چيو ته سائين ايڏي وڏي سفارش آهي ڇا؟”. ته چاچا چيو ته ها واقع وڏي سفارش آهي. ايم. اي. لاڙڪ صاحب جو فرزند آهي ۽ سوالي ٿي آيو آهي کيس ڪنهن به صورت ۾ خالي هٿين واپس ناهي ڪرڻو!
مان ان ڏينهن به چاچا جي عظمت، سخاوت، ۽ سڃاڻپ جو قائل ٿيو هوس. واقع اهڙا ماڻهو املهه ماڻڪ هوندا آهن، جو ڪنهن به وقت سندن در تي ڪير به ماڻهو ويندو آهي ته هو پاڻ کي به تڪليف ۾ وجھي ٻئي کي خوش ڪرڻ ۾ پنهنجي خوشي محسوس ڪندا آهن. ورنه مونکي ٽارڻ لاءِ ڪو به بهانو يا عذر چاچا ڪري پئي سگھيو. پر ان ڏينهن جو آرڊر ڪجھ ڪلاڪن کانپوءِ ڪينسل ڪرڻ وڏي دل گڙدي جو ڪم آهي. لطيف سرڪار به اهڙن لاءِ ئي چيو آهي ته:
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي.