باب ڏهون: ڳوٺ جي چوگرد شهرن جو احوال
ڊڀرو يا درٻيلو:
ڊڀرو يا درٻيلو تمام اوائلي شهر آهي. شاه حسن ارغون جي دور ۾ به درٻيلو موجود هو. ۽ پرڳڻي جي حيثيت ماڻي چڪو هو. قاضي قادن هتان جو قاضي القضاة ٿي گذريو آهي. بعد ۾ کيس پروموشن ڏئي بکر جو، شاه حسن، قاضي القضاة مقرر ڪيو هو. قاضي قادن جو ذڪر اسانجي ادبي تاريخ ۾ موجود آهي.
1700ع ۾ ڊڀرو يا درٻيلو ڪلهوڙن جي دور ۾ به پرڳڻو هو. تاريخ ۾ همايون بادشاه کي شير شاه سوريءَ جڏهن دهليءَ مان ڀڄائي ڪڍيو هو ته هت ڊڀري آيو ۽ وقت جي عالم ۽ بزرگ مخدوم عثمان کان دهليءَ جو تخت وري هٿ ڪرڻ لاءِ دعا گھرائي هئي. مخدوم صاحب کيس دعا ڪئي هئي. اتان پوءِ دريا ٽپي همايون پاٽ ويو جتي حميده بانوءَ سان شادي ڪيائين جنهن مان کيس اڪبر ڄائو جو بعد ۾ Akbar the great جي لقب سان تاريخ ۾ مشهوري ماڻي.
هن شهر جا زميندار اصل ڪلهوڙا هئا، جنجو وڏو خان محمد ڪلهوڙو هو. سيريءَ واري زمين کين سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن طرفان جاگير طور مليل هئي. هن شهر ۾ جيڪي اوائل کان سيد اچي آباد ٿيا اهي اصل ۾ فتحپور (هاڻوڪي تعلقي گمبٽ) کان آيل هئا. سيد امير علي شاه جي اولاد مان سيد محمد رفيق ۽ سيد محمد علي شاه اچي آباد ٿيا جيڪي ڪاظمي سڏرائن ٿا. سيد الهندو شاه جنهن جو ذڪر گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي اهي سيد اصل ۾ مٽياري کان آيل آهن ۽ متعلوي سڏجن ٿا. سندن وڏو سيد يوسف شاه به ٿي گذريو آهي جيڪو فقير طبع ۽ مجذوب ماڻهو هو. جنهن کان غريب عوام دعائون گھرائيندا هئا. موجوده دور ۾ جيڪي سيد آهن تن مان ڪي قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر ٿي گذريا آهن، جن جا در عوام جي ڏکن سورن کي دور ڪرڻ لاءِ هميشہ کليل آهن....
ڪنڊيارو:
منهنجي سانڀر ۾ ٻه - ٽي ماڻهو جن سان منهنجو واسطو رهيو آهي اهي آهن محترم محمد سليمان ميمڻ، مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو، سيد آفتاب شاه ۽ سيد سرفراز شاه. محمد سليمان جو ذڪر سکر ۾ رهڻ دوران ڪجھ ڪيو آهي، جو اهو بابا جو دوست ۽ روڊ جو انجنيئر هو. سندس پٽ جهڙوڪ عبدالمجيد، عبدالرشيد، سعيد ۽ وحيد اسانجا دوست ٿي ويا هئا. عبدالمجيد جو ادا اڪبر سان اچڻ وڃڻ هوندو هو، باقي رشيد وري ادا بدر سان ملندو رهندو هو. پر جيئن اسان سکر ڇڏيوسين ته منهنجو انهن سان رابطو ڪٽجي ويو.
اهو ٻڌو هوم ته رشيد ڪسٽم آفيسر ٿيو هو، 1971ع جي جنگ ۾ تن ڏهاڙن ۾ ڍاڪا ۾ هو، ۽ بعد ۾ گرفتار ٿي ڀارتي جيل ۾ ڪجھ وقت رهي آخر ٻاهر نڪتو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو.
جڏهن مان پي. ايڇ. ڊي ڪندو هوم ته موضوع جي معلومات جي سلسلي ۾ سائين مولوي محمد قاسم ۽ سندس فرزند مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس سومري سان سندن آستاني تي ويندو هوس. سندن وسيع نظري، فراخدلي، علمي ادبي ذوق مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. ٻئي پيءُ پٽ تمام محبت ۽ پيار ڪندڙ انسان مون ڏٺا. جيڪو به ڪتاب گھربو ته فورن گھربل ڪتاب هٿ ۾ ڏيندا. جنهن مان بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سندن مطالعو ۽ قوت يادگيري ايتري وسيع آهي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
سائين محمد ادريس ته بعد ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ۽ علمي قابليت جا جوهر ڏيکاري آيو. محترم آفتاب شاه ۽ محترم سرفراز شاه ٻئي آهن ته پاڻ ۾ عزيز پر سياست جي آکاڙي ۾ هميشہ هڪ ٻئي جي مدِ مقابل هوندا آهن.
سيد سرفراز شاه جا ناناڻا اسانجي ڳوٺ جا آهن تنهن ڪري اسان لاڙڪن جي مڙئي گھڻي عزت ڪندو آهي. پاڻ انجنيرنگ گريجوئيٽ آهي. پر سياست ۾ اچي پاڻ کي مڃرائي چڪو آهي.
ٺاروشاه:
سيد ٺاروشاه پريالوءِ جي نقوي ساداتن جي اولاد مان آهي. سندس والد سيد بهاءالدين اُچ کان لڏي اچي روهڙيءَ ۾ آباد ٿيو. حاجنا شاه جي درگاه سيد بهاءَالدين پاڻ ٺهرائي جو سندس خليفو هو. ۽ پاڻ به اتي دفن ٿيل آهي.
حاجنا شاه ڀٽ فقير هو. سيد بهاءالدين کي چار پٽ هئا. هڪ سيد محمد صالح شاه جيڪو وڃي پريالوءِ ۾ آباد ٿيو ۽ سيد ٺاروشاه اچي موجوده شهر ۾ آباد ٿيو. سندس اولاد ٺاروشاه شهر ۾ رهي ٿو.
ماسٽر چندر:
ٺاروشاه ۾ ٻه ٽي اهڙا ماڻهو آهن جن سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي خذمت ڪئي آهي. هڪ هو ماسٽر چندر. هي شاعر به هو ته موسيقار به. سندس ڪيترا رڪارڊ موجود آهن. پر بدقسمتيءَ سان ورهاڱي جي ڪري هتان لڏي ويو. سندس گھر جي ٻاهران دروازي جي مٿان سنگمرمر جي پٿر جي تختيءَ تي سندس نالو اُڪريل آهي ۽ اها جاءِ موجود آهي.
ماسٽر چندر مون ڪونه ڏٺو پر هوٽلن ۽ گھرن ۾ جتي به ريڊيو يا فونو وڄندو هو ته سندس ڪلام شوق سان ٻڌبا هئا. اسانجي گھر جي پٺيان چاچو محمد بچل ڪنڀر، سندس رڪارڊ وٺي، فوني تي هلائيندو هو ۽ اسان ننڍپڻ ۾ ۽ جوانيءَ ۾ سندس گھر وڃي ٻڌندا هئاسين، جو سندس گھر واري اسانکان لڪندي ڪانه هئي ۽ نه وري پڙدو ڪندي هئي. تمام نيڪ سيرت عورت هئي. ۽ اسان کيس ماسي ڪري سڏيندا هئاسين.
استاد ڊاڪٽر غلام قادر: تعليمي ميدان ۾ مرحوم استاد غلام قادر سومرو اهڙو ماڻهو هو جنهن پنهنجي دور ۾ ٺاروشاه شهر جي ماڻهن جي دل کولي مدد ڪئي. پنهنجي هڙان وڙان غريب ۽ مسڪين شاگردن جي مالي سهائتا ڪئي. ان کان علاوه سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پي. ايڇ. ڊي ڪري کوڙ سارا ڪتاب لکي سنڌي ٻوليءَ جي جھولي ڀري، ان سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ ٻٽن لفظن جي لغت مرتب ڪري سنڌي ادب ۾ وڏو واڌارو ڪيو.
هيءُ صاحب ايترو ته مخلص ۽ تعليمي ميدان ۾ اڳڀرو هو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. انگريزي زبان تي کيس عبور هو. ڊاڪٽر ڪي. ايم. لاڙڪ جنهن انگريزي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان چئرمين ۽ ڊين ٿي رٽائر ڪيو، انجو به استاد هو. ڊاڪٽر ڪي. ايم. لاڙڪ ٻڌايو ته هو جنهن سال ڊين هو ته سائين سومرو صاحب ساڻس ملڻ آيو. هڪ ليٽر جو ڊرافٽ، جيڪو تيار هو ۽ وائيس چانسيلر صاحب کي موڪلڻو هو، تنهن کي استاد سومري صاحب کي ڏيکاريو ۽ گذارش ڪئي ته اگر هن ليٽر ۾ ڪجھ درستي ڪرڻي هجي ته ٻڌايو. سومري صاحب ليٽر کي هڪ ٻه دفعا پڙهي ڊاڪٽر ڪي. ايم. لاڙڪ کي چيو ته: “خير محمد اگر هن جاءِ تي انهيءَ لفظ جي بدران هي لفظ استعمال ڪجي ته ڪيئن؟”. ڊاڪٽر خير محمد ٻڌايو ته جيڪو لفظ مون استعمال ڪيو هو، واقع ان جاءِ تي سائين سومري وارو لفظ صحيح ۽ موزون هو. ڊاڪٽر خير محمد وڌيڪ ٻڌايو ته مان ڪرسي ڇڏي سندس پيرن تي هٿ رکيا ۽ شڪريو ادا ڪيو، ڇو ته مان ته کيس پنهنجي قابليت پئي ڏيکارڻ چاهي. پر واقع هن پنهنجي تجربي جي بنياد تي منهنجي رهبري ڪئي ۽ واه جو ڪئي جو دل خوش ڪري ڇڏي.
نور محمد ميمڻ. هيءُ ماڻهو ٺاروشاه جو عوامي هو، سندس نالو هو نور محمد ميمڻ. هن کي اڪثر شادين ۾ مدعو ڪيو ويندو هو. پر هر عام ماڻهو کيس نورو مسخرو سڏيندو هو. مون کيس ريل گاڏيءَ ۾ ڏٺو. مان ريل ۾ ڊڀري کان نواب شاه وڃي رهيو هوس ته نورو ٺاروشاه مان چڙهيو. کيس ڏسي ماڻهن کي ازخود کل اچي وئي، ته ڏانهن نهاري نوري چيو ته ابا خير ته آهي؟ جو مونکي ڏسي ٿا کلو؟. وڌيڪ کين چيائين ته “اگر اوهان کي ٿوري گھڻي خارش ٿي هجي ته لاهيانوَ؟ ته سڄي گاڏي ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. اهڙي طرح نورو نواب شاه تائين مسخري ڪري سڄي گاڏي کي کلائيندو هليو. پڊعيدن تي سڄو گاڏو ماڻهن سان کچاکچ ڀرجي ويو. مهينو هو آگسٽ جو ۽ گرمي به هئي ڏاڍي سو آٻس ٿي پئي. تنهن تي نوري چيو ته: “گاڏو خالي ڪيو نه ته ٽٽ ڏئي سڄي گاڏي کي ڪندس دپ!”. تنهن تي ماڻهو کل ۾ ٻٺجي ويا ۽ هر ڪو کل ۾ ويڙهبو ويو. نيٺ هن پنهنجي ڪار شروع ڪئي ۽ ٽٽن مٿان ٽٽ ڏئي اهڙي ته دپ ڪئي جو سڀني کڻي منهن ۽ نڪ تي پوتڙا رکيا.
نواب شاه جي اسٽيشن آئي ته هي همراه اُٿي بيٺو ۽ وڏي واڪي مخاطب ٿي چيائين ته: “پهريائين شهنشاه ٺاروشاه لهندو پوءِ ٻي ڪت خلق” سڀ پري ٿي بيٺا ۽ هي همراه لهي ويو. جنهن مهل مان لٿس ۽ هيڏي هوڏي نهاريم پر ماڻهن جي رش ۾ گم ٿي ويو.
پروفيسر بشيرالدين ميمڻ
هن جهڙو دلبر دوست ۽ شفيق انسان مون ڪونه ڏٺو. هميشہ کلندو رهندو ۽ ٻين کي به کلائيندو رهندو. سائين بشير صاحب شروع ۾ اسڪول ٽيچر هو، پوءِ جيئن ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پرائيويٽ ادارا تحويل ۾ ورتا ته هي دوست ڪاليج ۾ آيو، جهڙي ريت اسان آياسين.
اصل ۾ پاڻ ڊڀري جا هئا، پر پوءِ ٺاروشاه ۾ آيا ۽ هتان جا ئي ٿي ويا. مون سندس چهري تي ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڏٺي. بس ائين چوان ته Smiling face آهن ۽ اڃان به.
پاڻ ڪيترا سال ڪاليج جي اسٽاف روم جا سيڪريٽري رهيا ۽ ريفريشمينٽ ۽ چانهه جو بندوبست سندس هٿ ۾ هوندو هو. پر عجيب ڳالهه ته پاڻ چانهه ڪونه پيئندو، انجي بدلي ۾ کير جو ڪوپ پيئندو. سندس گفتگو شائسته ۽ اخلاق جي دائري ۾ هوندي. چرچو ڀوڳ ڪندو ته اهو به اخلاق جي دائري ۾ هو. مطلب ته بااخلاق انسان آهي.
سندس سڀني ڀائرن سان منهنجي چڱي خاصي دوستي ٿي وئي آهي. اهي به مونکي اوتري عزت ڏيندا آهن جيتري پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ڏيندا آهن.
چاچو عبدالقيوم ميمڻ:
هي چاچو سائين منهنجي والد وٽ سکر ۾، حيدرآباد ۾، نواب شاه ۾ سب انجنير ٿي رهيو. جيتري بابا جي عزت ڪندو هو، اوتري اسان ڀائرن سان ڪندو. هميشہ ائين چوندو ته اوهانجو والد نه صرف توهانجو والد هو، پر منهنجو به هو. اڃان به بابا سائينءَ جون ڳالهيون ٻڌائي روئي پوندو. ايترو سندس اُنس ڏسي مان به روئي پوندو هوس، چاچا عبدالرسول ميمڻ جو ويجھو عزيز آهي. پاڻ سن 2020ع جي رمضان مهيني ۾ هي فاني جهان ڇڏيائين. ٻياسي سالن جي عمر ۾ به روزي ۽ ترايحن کي باجماعت ادا ڪندو هو. ايترو صوم ۽ الصلواة جو پابند هو.
ڀريا شهر:
ڀريا شهر اسانجي ڳوٺ کان ڇهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هي شهر تاريخي لحاظ کان مشهور ۽ معروف آهي. راجا ڏاهر کي محمد بن قاسم هتي شڪست ڏني هئي. شهر جي اولهه ۾ باءِ پاس جي ڀڪ ۾ کجين جا باغ شاهدي ڏئي رهيا آهن ته ان جاءِ تي ئي عربن پنهنجو پڙلاءُ ڪيو هو. ان کان اڳم راجا ڏاهر هر ٻن ميلن تي عربن جي حملي کي روڪڻ لاءِ ٽي کاهيون کوٽايون هيون جيڪي اڄ به کاهي راهو، کاهي ممن، ۽ کاهي قاسم موجود آهن. پر چوندا آهن ته: “ٽٽيءَ کي ٽاڪو ئي نه آهي” سو راجا ڏاهر هت شڪست کاڌي ۽ مارجي ويو.
منهنجي سانڀر ۾ سيد نور محمد شاه زميندار به هو ته سياستدان به. سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ وزير پڻ. هاڻي سندس فرزند سيد مراد علي شاه سياست ۾ پيش پيش آهي.
ڀريا شهر ۾ ورهاڱي کان اڳ هندو جام رهندا هئا جن تعليمي ميدان ۾ وڏي خدمت ڪئي. هن شهر ۾ قائم ٿيل K. C. Academy ان دور ۾ يونيورسٽيءَ جي ڏِک ڏيندي هئي، اها ڪوڙومل چندن برپا ڪئي هئي.
1997ع ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ لياقت علي جتوئي هو. سندس ڪيبينيٽ ۾ سيد مراد علي شاه به هو. جتوئي صاحب سکر، خيرپور جا دورا ڪري نوان جتوئيءَ ۾ غلام مرتضيٰ خان جتوئيءَ جي دعوت تي ڳوٺ ويو. اتي ٺاروشاه جو زميندار غلام حيدر بڙدي موجود هو، تنهن اڇي پني تي ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ ٺاروشاه ۾ ڪاليج لاءِ درخواست ڏني، جيڪا جتوئي صاحب منظور ڪندي حڪم جاري ڪيو ۽ ڪاليج کلي ويو، ۽ مونکي پرنسپال ڪري مقرر ڪيو ويو. ڪاليج جو نالو ٺاروشاه ڊگري ڪاليج رکيو ويو. مون اسڪول ۾ ٻه بجي کان ڪاليج شروع ڪيو ڇو ته صبح جو اسڪول هو.
اها خبر جيئن ئي سيد مراد علي شاه کي پئي، تنهن وزير اعليٰ کان “سيد نور محمد شاه ڊگري ڪاليج” جي سمري منظور ڪرائي اسان ڏي ڪاپي ڏياري موڪلي. ۽ مون انهيءَ نالي سان بورڊ ٺهرائي مين گيٽ جي ڀرسان لڳرائي ڇڏيو. هڪ ڏينهن سائين مراد علي شاه صاحب جي فون آئي ۽ مون کي چيو ويو ته مان ساڻس ملڻ لاءِ ڀريا پهچان. مقرر ٽائيم تي مان ويس. پاڻ تمام خوش اخلاقيءَ سان مليو. چانهه بسڪوٽ سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. ۽ پوءِ آخر ۾ سائينءَ ساڳي نوٽيفڪيشن جي ڪاپي مونکي ڏني. مون کين آگاه ڪيو ته مون اڳم ئي اهو ڪم ڪري ڇڏيو آهي ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ چيائون ته: “ادا جيڪو به خرچ ٿيو آهي مونکان وٺجو”. مون احتراماً انڪار ڪيو ته پاڻ ويتر خوش ٿيا.
ان ڏينهن کان وٺي منهنجي ساڻن دعا سلام آهي. پاڻ جڏهن به دعوت ڪندا آهن ته مونکي ڪارڊ ضرور موڪليندا آهن.
مطلب اسانجو ڳوٺ چئني طرفن کان سٺن ۽ سهڻن شهرن جي سينٽر ۾ واقع آهي. هتان جي ماڻهن جا سڀني زميندارن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياسيتدانن سان سٺا تعلقات آهن. انجو وڏو سبب هي به آهي ته ڳوٺ جو هر نوجوان توڙي انهن جا ابا ڏاڏا پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول آهن يا وري کيتي ٻاڙيءَ ۾ دلچسپي رکندا آهن. تنهن ڪري ڪنهن به زميندار ڪونه ستايو آهي.
سرڳواسي ڪوڙومل چندن مل ڀريا جي ڀرسان جلباڻين جي ڳوٺ ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ آخوند محمد اسماعيل کان تعليم حاصل ڪئي ۽ خاص ڪري فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. اتان فارغ ٿي نوشهرو فيروز ۽ بعد ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري هندستان ۾ پڙهيو.
هن ئي شهر جا ٻه وڏا وڪيل مرحوم مير محمد ميمڻ ۽ مرحوم عبدالفتاح ميمڻ نواب شاه ۾ وڪالت ڪندا هئا جن ڏهاڙن ۾ مان به ماما شاهنواز سان گڏ وڪالت ڪندو هوس. 1973ع ۾ عبدالفتاح ته قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر به ٿيو. اهي ٻئي ماما جا دوست هئا.