باب ٽيون: وڪالت جي پيشي ۾ گھڙڻ
ادا اڪبر سال 2000ع ۾ گذاري ويو. باقي ادا بدر کي جڏهن هو موڊ ۾ هوندو آهي ۽ کيس ڀوڳن ڀوڳن ۾ چئي ڏيندو آهيان ته هو ڏاڍو ششدر ٿي ويندو آهي ۽ اعتراف ڪندو آهي. اعتراف ڪرڻ ۾ وڏي دل ٿي کپي. حقيقت ۾ جيڪو ماڻهو پنهنجن غلطين جو اعتراف ڪري ڌڻي تعاليٰ کان معافي ٿو وٺي ته رب پاڪ کي اها ڳالهه وڻي ٿي، ۽ کيس معاف ڪري ٿو ڇڏي.
مون اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهيو آهي ته انگريز اعتراف ڪري پنهنجي غلطيءَ کان ڄڻ ته پاڻ کي آجو ٿا ڪري ڇڏين. پر اسان مسلمان خبر نه آهي ڇو پنهنجن ڏوهن کي ۽ غلطين کي لڪائي ڇڏيندا آهيون، ۽ جيڪي اسانجي ڪفالت ۾ هوندا آهن ۽ اسانکي خبر هوندي به انهن جي ڏوهن تي پردو وجھندا آهيون. پوءِ نتيجو اهڙو نڪرندو آهي، جو اسانجو اولاد وڃي بگڙجندو، ۽ اسان دل ئي دل ۾ ڪڙهندا ويندا آهيون، ۽ پوءِ بلڊ پريشر، شگر، دل جو آرزو ٿيندو. پر جي شروع ۾ ئي انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪيون ته اسان به سکي زندگي گذارينداسين ۽ اولاد به سڌي راه تي اچي ويندو ۽ پاڻ به خوش گذاريندا! ورنه ٻي صورت ۾ جنهن جو ڏوهه ڪبو، اهو ڪاٿي ٿو ڇڏي، ضرور گهليندو ٿاڻن تي ۽ ڪندو بڇڙو، پوءِ وڪيل، ڪورٽون ۽ انهن جون شنوايون، وري سزائون ۽ وري اپيلون، آخر ۾ جيل.
ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چوان ته ڏوهه ڪرڻ، وري مڃڻ ايمان جي نشاني آهي. اگر نٿا مڃون ته پوءِ بي ايمان آهيون. اها ڳالهه رب کي ڪانه ٿي وڻي.
ماما شاهنواز نوشهري ۾ ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ آيو هو. ناني انهن ڏهاڙن ۾ ڳوٺ هئي، سو ماما ان سان ملڻ ڳوٺ شام جو اچي پهتو. مونکي ڏسي چيائين ته ابا! تون هت؟ مون وراڻيو ته ماما مون ايل. ايل. بي ڪئي، پاس به ٿيو آهيان ته ٺهه پهه چيائين ته پوءِ هت ڇا ٿو ڪرين؟ هل نواب شاه ۽ شروع ٿي وڃ مون سان. مون کڻي هائو ڪئي، ڇو ته نانو به وڪيل هو، چاچو محمد عمر به وڪيل هو ۽ ماما به. بس ٻئي ڏينهن صبح جو پاڻ سان گڏ وٺي هليو. نواب شاه ۾ رهي آيا هئاسين، ۽ پڙهي مئٽرڪ به اتان ڪئي هئي. گھر هڪ ئي هو. اسانجي مامي صاحبه به پٽن وانگر ڀائيندي هئي.
ماما مونکي في الحال سول سائيڊ تي محترم غلام نبي شيخ سان ڇڏيو ۽ اهو به چيائين ته ڪرمنل تي بعد ۾ مون سان سکجانءِ. ڇهن مهينن کانپوءِ بار ڪائونسل جو امتحان ٿيندو هو، پوءِ سند ملندي هئي. بهرحال اهي ڏينهن به آيا بار ڪائونسل جو امتحان ڏنم ۽ پاس ٿيس. هاڻي مان فل وڪيل ٿيم جو سند ملي.
هڪ سال تائين مختلف ڪورٽن ۾ وڃڻ ٿيندو هو. سينئر وڪيل ٻي ڪنهن ڪورٽ ۾ هوندو هو، ته اسان رڳو درخواست لکي تاريخ وٺندا هئاسين. انهيءَ هڪ سال ۾ مون ٻه سيشن جج ڏٺا. هڪ سيد حيدر شاه جنهنجو ذڪر گذريل صفحن ۾ ڪري چڪو آهيان ۽ ٻيو، سندس نالو وسري ويو آهي پر هو باريسٽر. ڇا ته سندس آواز هو ڪڙڪيدار. جنهن مهل چيمبر مان نڪري ڪورٽ ۾ ايندو هو ته سڀ سينئر وڪيل اُٿي بيهندا. DPP هوندو هو عبدالقادر انصاري. هي صاحب انصاري پاڙي ۾ رهندو هو، ۽ سندس پاڙيسري هوندو هو محترم شاهنواز پيرزادو. پيرزادو شاهنواز صاحب نواب شاه جي مشهور ۽ معروف شخصيت ٿي گذريو آهي. ليکڪ به هو ته اديب ۽ نقاد به. سندس هڪ بس نواب شاه کان قاضي احمد هلندي هئي. کيس اولاد ڪونه هو. هڪ ٻه ٻار پاليا هئائين ۽ انهن کي پنهنجي ملڪيت به ڏئي ويو.
محترم محمد ايوب کهڙي جو يار هو. کهڙي صاحب تي جڏهن شهيد الهه بخش سومري جو قتل ڪيس هليو هو ته هُن شاهنواز پيرزادي کي پنهنجي بچاءَ ۾ شاهد ڪري گھرايو هو.
شاهنواز پيرزادو صاحب ته هڪ تاريخ هو. پر چوندا آهن ته: “هر ڪمال کي زوال آهي” سو اڄ هي ڪنهن کي ياد به نه هوندو. اسان ڪورٽ ۾ ڪارا ڪوٽ ۽ ٻه سفيد بينڊ ٻڌي سوٽ پائي ويندا هئاسين ته هي ڪراڙو پنهنجي گھر جي ڏاڪڻ تي ويٺل هوندو هو ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسندو هو.
مرزا ظفر حسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ:
هڪ ڏينهن شيخ غلام نبي صاحب سول ڪورٽ موڪليو ته شنوائي ڪچي آهي اوهان تاريخ وٺي اچو. مان ويس. تاريخ ورتم. فرنٽ ڪرسيءَ تي هڪ سهڻو جوان وڪيل ويٺو هو. ٽيبل تي ڪجھ ڊرائينگ پيپر تي نقشا ۽ وري انهن کي ويڙهي وچم 2-3 انچ جيترا سوراخ (جيئن پلاسٽڪ جا 2/3 انچن جا پائيپ هوندا آهن) هئا. سرشتيدار کان پڇيم ته سر هي ڪير آهي ۽ هتان جو وڪيل ته نه آهي؟. ته ان چيو ته واندو آهين ته ويٺو رهه، اگر ڪم اٿئي ته لاهي اچ ۽ هن وڪيل کي ٻڌ! مون عجب وچان ان کي اک ٽيٽ ڪري ڏٺو. ڪلين شيوِ هو، وار ڪارا وچ تي سينڌ نڪتل. دل ئي دل ۾ چيم ته واه ڪاريگر تنهنجي ڪاريگري!. مان واندو ٿي اچي سول ڪورٽ ۾ ويهي رهيس. ها ٻيلي ڪا گھڙي ٿي ته جج صاحب داخل ٿيو، ۽ ڪيس هلڻ شروع ٿيو. وڪيل صاحب پنهنجي تقرير شروع ڪئي، ۽ ويو نقشا ۽ ان سان لاڳاپيل ڪتابن جا ريفرنس ڏيندو. تقريباً ٽي ڪلاڪ آرگيومينٽس هليا. منهنجي دل ۾ وڪيل صاحب لاءِ وڏي عقيدت ۽ علمي قابليت قائم ٿي وئي. هي وڪيل صاحب حيدرآباد کان آيل هو. سندس نالو ظفر حسن مرزا هو. پوءِ ته وڃي هاءِ ڪورٽ ۾ جج ٿيو ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جج ٿيو. سنڌ جي سياسي قد آور شخصيت ذوالفقار مرزا جو والد هو. هي سڀ مرزا، مرزا قليچ بيگ جي خاندان مان آهن. مرزا يوسف جو ذڪر ته اڳم ئي ڪري چڪو آهيان. هڪ ٻيو به مرزا منهنجو دوست هو، جو يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهيو. سندس نالو هو مرزا اعجاز حسين. ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ هن بي. ايڊ ڪئي ۽ وڃي ماستر ٿيو. اتان وڌندو N.J.V هاءِ اسڪول جو پرنسپال ٿيو. سندس نياڻي فارسي سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. مون ان ڏانهن پنهنجي پي. ايڇ. ڊي جي ڇپيل ٿيسز جي ڪاپي ڏياري موڪلي هئي. هڪ ڪاپي کيس ڏنم ۽ ٻي ڪاپي ڊپارٽمينٽ جي لئبرريءَ لاءِ. ان کان پڇا ڪرڻ تي اعجاز جو نمبر ورتم ۽ کيس فون ڪيم ته ڏاڍو خوش ٿيو.
نواب شاه ۾ سندن زمينون آهن ۽ سڪرنڊ روڊ تي جايون به آهن. ڇٽي ڇهماهي ايندا آهن ۽ ڪمدارن ڪاراون کان حساب ڪتاب ڪري پيسئا وٺي ويندا آهن، پاڻ اعجاز ان سلسلي ۾ ايندو هو. پاڻ ٻڌائيندو آهي ته فارسي زبان سندن گھر جي ٻهاريدار آهي (نوڪرياڻي). سندس ڌيءَ کي ايران وارا سيمينار ۾ مدعو ڪندا آهن.