باب ٽيون: هاسٽل ۾ رهڻ ۽ خواجه صاحب جون سوٽيون کائڻ
هاسٽل ۾ رهڻ جا پنهنجا قائدا هئا. جن تي هلڻ ضروري هو. ورنه نالو نڪري به سگھيو ٿي. تنهن ڪري انهن قائدن جي پاسداري هر حال ۾ ڪرڻي هئي، مثلاً نماز جي پابندي، ٽائيم تي ميس ۾ وڃڻ ۽ انجو بل ڏيڻ، راندين ۾ حصو وٺڻ.
انهن ڏينهن ۾ اسڪول ۾ جيڪي رانديون ٿينديون هيون، جهڙوڪ ڪرڪيٽ، والي بال، بيڊمنٽن، هاڪي، فوٽ بال ۽ اسڪوائش. مون مٿين ٽن راندين ۾ چڱو خاصو بهرو ورتو ۽ سٺو رانديگر ٿي ويس. نماز به پابنديءَ سان پڙهندو هوس. البته فجر جي نماز ۾ سستي ٿي ويندي هئي، حالانڪ فجر جي ٽائيم تي مانيٽر جيڪو مقرر ٿيل هو اهو اچي اٿاريندو هو، ۽ اسان ٽپ ڏئي مسجد ۾ ويندا هئاسين.
هڪ لڱا غسل واجب ٿي پيو سو فجر جي نماز تي وڃي ڪونه سگھيس. نماز جي مانيٽر اها رپورٽ خواجه صاحب کي ڏني، جو فجر جي نماز تي حاضري ڀري ويندي هئي. اسڪول جي اسيمبلي ٿي ۽ هر ڪلاس جا شاگرد پنهنجي پنهنجي لائين ۾ ڪلاس ۾ ويندا هئاسين. جيئن ئي ڪلاس ۾ ويٺاسين ۽ ڪلاس ٽيچر آيو ته خواجه صاحب جو پٽيوالو ڪاغذ جو ٽڪرو ڪلاس ٽيچر کي ڏنو. جنهن منهنجو نالو پڪاريو ۽ مان اُٿي بيٺس ته چيائين ته اوهانکي هيڊ ماسٽر سڏيو آهي. مان سمجھي ويس ته اڄ خير نه آهي، ڇو ته نماز تي ڪونه وڃي سگھيو هوس. May I come in Sir? چئي اندر هيڊ ماسٽر صاحب جي آفيس ۾ گھڙيس. سائين خواجه صاحب وڏي آواز سان نماز تي نه وڃڻ جو سبب پڇيو! هاڻي مان ڇا ٻڌايان ته غسل واجب هو، تنهن ڪري خاموش رهيس. مهينو به هو ڊسمبر ۽ سيءُ به هو ڏاڊو هٿن کي پئي مهٽيم. بس خواجه صاحب کنيو پنهنجو رول ۽ مون ڪڊيون پنهنجون تريون. ائين پنج ڇهه رول هڪ ئي ساهيءَ ۾ لڳندا ويا، نڪو دانهن نه ڪوڪ. وري ٻي تري ڪڊيم ته ان تي به ساڳي ڪار. خواجه صاحب ٿوري ساهي پٽي ۽ گجنداڙ آواز ۾ چيائين تنهنجو والد ايڏو وڏو آفيسر ۽ ايماندار جو سڄي سنڌ ۾ مشهور ۽ ٻئي پاسي تون؟ نماز نٿو پڙهين! توکي شرم نٿو اچي؟ مان ڪڇان جهڙي ڀت! آخر چيائين ته ڇو نه نماز تو پڙهي؟ نيٺ مون وڌيڪ پادرن جي ڊپ کان هٻڪي هٻڪي چيو ته: “سائين هاڻي جوان ٿي ويو آهيان، سو غسل واجب ٿي ويو ۽ سيارو به ڏاڊو آهي تنهن ڪري غسل نه ڪري سگھيس. هاڻ سائين جي ائين ٿيو ته پليت هوندي به مسجد ۾ ويندس ۽ ابتا سبتا سجدا ڏيندس”. ته ڏٺم ته خواجه صاحب وڏو شوڪار ڀريو ۽ مونکي چيائين “I am sorry son”.
اهو هو سائين خواجه صاحب! ان ڏينهن کانپوءِ فجر جي نماز بدران ٻپهري نماز تي حاضري ورتي ويندي هئي.
خواجه صاحب جو حسن اخلاق:
خواجه صاحب هر شاگرد کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڏيندو هو. هوشيار ۽ غريبن تي وڌيڪ سندس قرب هوندو هو. انهيءَ جا ڪيترا مثال موجود آهن. اهو ئي سبب هو جو پري پري کان شاگرد نواب شاه ڊي. سي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيندا هئا. سڄي ملڪ ۾ هن اسڪول جي هاڪ هئي. اسان چارئي ڀائر هن اسڪول ۾ پڙهياسين. ادا بدر ۽ مون ته مئٽرڪ به هتان ئي پاس ڪئي.
هڪ دفعي جو واقعو ياد ٿو اچي. ڪي انگريز هن اسڪول کي وزٽ ڪرڻ آيا. پهريان ولس برانچ ۾ ويا ۽ بعد ۾ مين برانچ ۾ آيا. خواجه صاحب به ساڻن گڏ هو. تمام گھڻو متاثر ٿيا، ۽ خوش به ٿيا. آخر ۾ خواجه صاحب کان پڇيائون ته اوهانجا ٻار هن اسڪول ۾ ڪيترا پڙهن ٿا؟. ته خواجه صاحب وراڻيو ته: “هي سڀ منهنجا ٻار آهن”. تنهن تي انهن وري به ساڳيو سوال پڇيو ته اهو ته صحيح آهي پر اسانجو مطلب هي آهي ته “Your own children” ته خواجه صاحب کين ٻڌايو ته “These all are my own children”. واقع جيڪو ڪجھ خواجه صاحب چيو اهو حق ۽ سچ هو. هر ٻار کي پنهنجو پٽ سمجھندو هو، ۽ کين پيار ۽ محبت به پٽ جهڙي ڏيندو هو. انهيءَ ڪري هر شاگرد کيس پنهنجو اَبو ڪري سمجھندو هو. ضلعي جو هر آفيسر کيس عزت جي نگاه سان ڏسندو هو. جيڪي هوشيار شاگرد هئا پر غريب هئا ته انهن کي نوڪريون به وٺي ڏيندو هو، مطلب ته غريب پرور ۽ غريب نواز ۽ انهن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو.
ضلعي نواب شاه جي جھلڪ:
نواب شاه ضلعي هيڊڪوارٽر هو تنهن ڪري ضلعي ڪائونسل هئي، سيشن ڪورٽ، ايس. پي آفيس، ضلعي خزاني آفيس، سول اسپتال. مطلب ته صبح کان شام تائين ٻين تعلقن جا ماڻهو ريل گاڏين ۾ ايندا هئا ۽ آفيسن مان ڪم ڪار لاهي شام واري گاڏيءَ ۾ واپس ويندا هئا. صبح سوير ڪيسن ۾ ڦاٿل ماڻهو وڪيلن جي آفيسن ۾ پهچي ويندا هئا ۽ ڪيسن جي باري ۾ پنهنجي وڪيل سان صلاح مشورا ڪري ڪورٽ ويندا هئا. يا وري اڳين ڏينهن جي شام جو شهر ۾ ڪنهن مسافر خاني ۾ هنڌ کٽولو وٺي سمهندا هئا ۽ صبح سوير وڪيل وٽ پهچي ويندا هئا ۽ وڪيل جي منشيءَ جي پيا خوشامند ڪندا هئا ۽ منشي وري کين الٽيون سبتيون ڊپ جهڙيون ڳالهيون ٻڌائي پيسئا وٺڻ لاءِ پيو هرکائيندو هو. پوءِ هو ويچارا اڳم ئي پوليس جا ماريل منشيءَ جي اڳيان ويچارا ٿي کيس ايلاز منٿون ڪندا ته جيئن سندن جلد جان ڇٽي. اهڙي طرح منشي پنهنجي لاءِ به ڪجھ پيسئا ڪڊي وٺندو هو، ۽ وڪيل لاءِ به.
چاچي عبدالحميد ميمڻ جو منشي محمد عيسيٰ نوان گراهڪ ڦاسائڻ لاءِ اُسر ويل اسٽيشن ويندو هو ۽ پليٽ فارم وٺي بيهندو هو. جيئن ئي ريل آئي سندس نظر ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ تي پوندي ته تڪڙو تڪڙو ساڻس ملندو ۽ وڪيل ٻڌڻ لاءِ وڏيون ڳالهيون ٻڌائيندو ۽ وڏا سبز باغ ڏيکاريندو. انهن ڏهاڙن ۾ نواب شاه جي هر گھٽيءَ ۾ غريب آباد کان ويندي ريلوي لائن جي هن ڀر رڳو وڪيلن جون آفيسون هونديون هيون. وڪيل به ڏاڊا هوشيار هوندا هئا. صبح سان هر وڪيل جي آفيس جي آڏو ٽانگو اچي بيهندو ۽ وڪيل صاحب ڪارو ڪوٽ، سفيد پينٽ، ڪاري ٽاءِ يا ٻه سفيد بينڊ پائي ٽانگي جي پوئين سيٽ تي ويهندو ۽ سندس منشي اڳيان ڪوچوان سان. ائين وڃي پهچندا ڪورٽ، پوءِ ڇا ٿيندو هو ڪورٽن ۾ انجو احوال ايندڙ صفحن ۾ پيش ڪبو.
ضلعي ڪائونسل شهر ۾ صفائي تي وڏو خيال رکندي هئي. شهر نواب شاه سڄو ئي سٽي سروي ٿيل آهي تنهن ڪري هر چوڪ تي بيهي هر طرف نظر ڦيرائبي هئي ته آخري جاءِ به ڏسڻ ۾ ايندي هئي.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ ضلع ڪائونسل جو وڏو ڌاڪو ڄميل هو. ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳم ضلع جا انتظامي آفيسر انگريزن جي زيردستيءَ ۾ رهي قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ هميشہ ڪوشان هئا ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪندا هئا. پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ساڳيا آفيسر ساڳي طرح صفائي، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سوديبازي نه ڪندا هئا ۽ نه وري سندن شرير ۾ شامل هئي. نتيجو اهو نڪرندو هو جو رات جو ٽين بجي ڀنگي روڊن ۽ رستن تي ٻهارا کڻي پهچي ويندا هئا.
اسان فجر جي نماز تي اٿندا هئاسين ته روڊ ۽ رستا صفا ٿيا پيا هوندا هئا. ضلعي جي ننڊن وڏن شهرن ۾ ضلعي ڪائونسل طرفان ننڊي پئماني تي ڊسپينسريون قائم ٿيل هونديون هيون. ان کان علاوه ضلعي ڪائونسل طرفان هاءِ اسڪول مئٽرڪ تائين قائم ٿيل هوندا هئا، جهڙوڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاه، ٺاروشاه، مورو، مٺياڻي، ٻانڌي، دوڙ، ڊڀرو، سڪرنڊ، دولت پور وغيره وغيره. مون جڏهن وڪالت جي سند ورتي ۽ نوشهري ۾ وڪالت شروع ڪئي ته اتي به ضلعي ڪائونسل طرفان ڊسپينسري قائم ٿيل هئي ۽ ان ۾ هڪ بينگالي ڊاڪٽر هوندو هو. پر 1971ع ۾ ايسٽ پاڪستان ٽٽو ته هو هتان هليو ويو. ڇو ته پاڪستان سرڪار اهڙن ملازمن کان آپشن ورتو هو. نوشهري جو آفيسر ڪلب ۾ روزانو ايندو هو ۽ هڪ دفعي مون کانئس پڇيو هو ته هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو ۽ روئي ويٺو هو.