آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب چوٿون: شير محمد ۽ منهنجي حرڪت

بنگلي جي ڀرسان ريل جي پٽڙي هوندي هئي. هر اڌ يا ڪلاڪ کانپوءِ اَپِ ۽ ڊائون ۾ ريل گاڏيون پيون گذرنديون هيون. ڪي لاهور ۽ پشاور ڏي ڪي وري ڪراچي. ۽ مال گاڏيون به ائين اينديون هيون. مان ۽ ادا شير محمد هٿ ۾ پائلي، ڪڏهن ٻياني ۽ ڪڏهن ٽنگر پيسو کڻي ريل جي پٽڙيءَ تي رکي ريل جي اچڻ جو انتظار ڪندا هئاسين. جيئن ئي ريل ايندي هئي ۽ هلي ويندي هئي ته ان سڪي کي کڻي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئاسين، ڇو ته اهو سڪو آڱر جيڏو وڏو ٿي ويندو هو. اسانکي ائين ڪندي ڏاڊو مزو ايندو هو.

راڻي باغ ۾ پڙهائي ڪرڻ:
آچر جي ڏهاڙي تي موڪل هوندي هئي. مان هڪ ٻه ڪتاب پاڻ سان کڻي راڻي باغ ۾ پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ لاءِ، يا وري جيڪو هوم ورڪ مليل هوندو هو اهو پورو ڪرڻ خاطر کڻي ويندو هوس. اهو منهنجو اڪثر هر آچر تي معمول هوندو هو. پاڻ سان ٻه عدد ٻيڙيون ۽ ماچيس به سلوار جي ور ۾ لڪائي کڻندو هوس، جو ٻيڙي پيئڻ جي عادت هئي. صبح جو ناشتو ڪري ويندو هوس ۽ ٻارهين کان اڳم موٽي ايندو هوس، ڪنهن مهل وڻ جي هيٺان ته ڪڏهن وري ڪنهن ٻوٽي جي پاڙ ۾ ويهي.
اسانجي بنگلي جي اولهه ۾ سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ جو بنگلو هو. هي صاحب روينيو کاتي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر هو. کيس ٻه پٽ هئا. هڪ عبدالحميد ۽ ٻيو شمس الحق. عبدالحميد انهن ڏهاڙن ۾ ايل. ايل. بي پڙهندو هو ۽ شمس الحق مون کان هڪ درجو مٿي هو، ۽ پڙهندو به ساڳي هاءِ اسڪول ۾ هو جنهن ۾ مان پڙهندو هوس. شمس سائيڪل تي ايندو هو. مون سان چڱي خاصي ڏيٺ ويٺ هوندي هيس. مان ننڊو ٻار هوس تنهن ڪري چڊي پائي ويندو هوس ۽ شمس پينٽ ۾ اسڪول ايندو هو. عبدالحميد کي “مٺل” ڪري سڏيندا هئا ۽ شمس کي “لالو” سڏيو ويندو هو. سندن بنگلي جي ڀرسان بابا جو چيف انجنيئر الهه ورايو شيخ جو بنگلو هو. کيس A. G. Shaikh سڏيو ويندو هو. ان جو وڏو پٽ ته پنهنجي ڳوٺ پني عاقل ۾ وڪالت ڪندو هو نالو وسري ويو آهي، باقي ننڊو پٽ نذر محمد پيءُ سان گڏ رهندو هو ۽ ٻڌندو هوس ته C.S.P جي تياري ٿو ڪري. نذر محمد واقع اهو امتحان پاس ڪيو ۽ ڊئريڪٽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. مان جڏهن اسسٽنٽ پروفيسر ٿيس ته هي صاحب سيڪريٽري تعليم هو. تمام قابل C.S.P ڪامورو ٿي گذريو.
1988ع ۾ ادا شيرل سان گڏجي سيد خورشيد شاه، جو ان وقت وزير تعليم هو، جي بنگلي تي کانئس هڪ پرائيمري ماستري جي نوڪري وٺڻ لاءِ وياسين، ته شيخ صاحب اتي موجود هو. مون کيس سڃاتو ۽ ادب سان ساڻس مليس ۽ کيس ياد ڏياريم ته اٿي مليو ۽ ڀاڪر پائي چيائين ته: “مون اوهانکي ڪونه سڃاتو آهي؟”. مهرباني ڪري تعارف ڪرايو؟ مون کيس ٻڌايو ته لاڙڪ آهيون ۽ محمد سليمان لاڙڪ جا پٽ آهيون ۽ هيءُ منهنجو ننڊو ڀاءُ آهي ته وري ٻيو ڀاڪر پائي بابا لاءِ پڇيائين ۽ ان لاءِ ڏاڊا سلام ڏنائين. وڌيڪ چيائين ته هت ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ ته کيس ٻڌايوسين ته ڳوٺ جي هڪ عزيز ڇوڪري آهي ان جي نوڪري واسطي اچڻ ٿيو آهي. ته چيائين ته: “سائين شاه صاحب وٽ ماستريءَ جون ڪافي نوڪريون آهن، کانئس نوٽ هڻايو ته آرڊر ڪيان ٿو. سيد خورشيد شاه، ادا شيرل جي دوست سيد عبدالقادر شاه جو ننڊو ڀاءُ ٿئي ۽ سندن والد سيد ذوالفقار علي شاه بابا جو دوست ۽ زيردست هو جڏهن بابا سائين ايريگيشن کاتي ۾ گھوٽڪيءَ ۾ گھوٽڪي ڊويزن جو انجنيئر هو. مطلب ته هن خاندان ۽ اسانجي خاندان وچ ۾ سٺا دوستاڻا رشتا ناتا آهن. سائين خورشيد شاه ان مهل ئي نوٽ هڻي ڏنو، جيڪو شيخ صاحب کي ڏنوسين. آرڊر ٿيو ۽ اڃان تائين اُها ڇوڪري نوڪريءَ ۾ آهي ۽ پنهنجي ٻارن سان خوش خورم آهي.

بس تي پٿر اڇلڻ:
هڪ لڱا آءٌ راڻي باغ مان پڙهائي ڪري ٻاهر نڪتس ته لالو شمس سائيڪل تي اچي رهيو هو. مونکي ڏسي سائيڪل تي وهڻ جو اشارو ڪيائين. مان به ٽپ ڏئي پوئين سيٽ تي ويهي رهيس. پٺيان سرڪاري بس ماڻهن سان ڀريل لطيف آباد وڃي رهي هئي. مڄاڻ هڪ مهاجر جيڪو پان چٻاڙي رهيو هو، وات مان پان جي ٿڪ ٻاهر اُڇلي جيڪا مونکي اچي لڳي. مون به ٽپ ڏئي رستي تان هڪ پٿر کڻي بس ۾ اڇلايو. سرڪاري بس جا شيشا هونئن ئي ڀڳل هوندا آهن سو وڃي ڪنهن مسافر کي لڳو ۽ بس بيهي رهي، ته لالي شمس سائيڪل جي پيڊل تي رکيو زور ۽ مون به رکيو کڙين تي زور. ماڻهون اسانجي پٺيان، منهنجي سامهون جيڪو بنگلو آيو ان ۾ گھڙي ويس. اهو بنگلو فوڊ کاتي جي آفيسر جو هو. ان صاحب جو نالو ته ياد ڪونهي باقي سندس پٽ ادا بدر سان ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هو. نالو سندس غلام مرتضيٰ هو ۽ ذات جو آريجو هو، تنهن مونکي ڏٺو ته چيائين ته خير آهي! مون کيس سڄي ماجرا ٻڌائي ته مونکي اندر وٺي وهاري پاڻ ٻاهر هليو ويو ۽ باغ ۾ پاڻي ڏيڻ بهاني پائيپ سان گلن کي پاڻي ڏيڻ لڳو. ماڻهو آيا کانئس پڇيائون ته هن کين چيو ته “یہاں کوئی نہیں آیا”!”. ائين منهنجي جان بچي وئي. پوءِ مونکي ٻاهر ڪڊي چيائين ته: “ائين بس تي پٿر نه هڻبا آهن، پڪڙجي پوين ها ته بج بج ڪري ڇڏين ها!”.

لالو شمس ۽ عبدالحميد سنڌي:
لالو شمس مون سان جڏهن به يونپرسٽيءَ ۾ ملندو هو ته آچڊا چئي پوءِ ملندو هو. زولاجيءَ ۾ MSc ڪري ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر ٿيو ۽ پروموشن وٺندو وڃي ويهين گريڊ ۾ وائيلڊ لائف ۽ ٻيلن جي کاتي ۾ سيڪريٽري ٿيو. هي گھراڻو به نوشهرو فيروز جو هو، تنهن ڪري نوشهري ۾ سندن اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي ۽ اتي ساڻن ملاقاتون ٿينديون آهن. جڏهن به ملندو ته قرب ۽ پنهنجائپ واري انداز ۽ حجت سان ملندو. مان جڏهن 2003ع ۾ حج تي ويو هوس ته منهنجي حج جي رفيقن ۾ سندس شريڪ حيات به هئي.

عبدالحميد سنڌي:
عبدالحميد “سنڌي” جي نالي سان مشهوري ماڻي. سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار ٿي اُڀريو. سنڌي ادب ۾ سندس ڪهاڻيون وڏو مقام رکن ٿيون ۽ سنڌ جي ادبي دنيا ۾ کيس وڏي مڃتا ملي. ايستائين جو سندس شمار شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مولانا غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي جهڙن مفڪرن جي صفن ۾ ٿيندو آهي.
جڏهن سندس ماهوار رسالو “روح رهاڻ” نڪرڻ لڳو تنهن ته سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. سندس ايڊيٽوريل، ڪهاڻيون ۽ فلسفو آسمان جي بلندين کي ڇهڻ لڳو. هر نوجوان نئين شماري اچڻ جي انتظار ۾ هوندو هو ۽ هٿئون هٿ وڪامجي ويندو هو. کيس ڪيترا دفعا صدارتي انعام مليا جنهن جي نتيجي ۾ پهريان پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال ٿيو. بعد ۾ 77-1976 ۾ ڪاليجن جو ڊائريڪٽر ٿيو، پوءِ ٽنڊو ڄام يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ۽ بعد ۾ خيرپور جي شاه عبداللطيف يونيورسٽي جو به وائيس چانسلر ٿيو.
نوشهري ۾ پڻ سنڌي ادبي فورم قائم ڪيائين جتي هر مهيني اهڙي ميٽنگ يا سيمينار منعقد ڪرائيندو هو جنهن ۾ مان باقاعدي شريڪ ٿيندو هوس.

پتي راند کيڏڻ:
حيدرآباد ۾ مان، ادا بدر ۽ عبدالمالڪ ۽ اسانجو بورچي موسو، جڏهن بابا گشت تي ويندو هو، ته جوا کيڏندا هئاسون. ڪڏهن گھر پتي، ڪڏهن نَوَ خال، ڪڏهن رمي ته ڪڏهن فليش. اهي سڀ قسم جوا جا اسان نواب شاه ۾ ماما وٽ رهڻ دوران سکياسين، ڇو ته ماما وٽ سندس آفيس ۾ رات جو اٺين کانپوءِ سڀ وڪيل گڏ ٿيندا هئا ۽ انهيءَ شغل سان پنهنجو وقت پاس ڪندا هئا. تنهن ڪري اسان ننڊي عمر ۾ سکي ويا هئاسين. سڄي سڄي رات ائين پتا ڪٽيندا هئاسين.
عبدالمالڪ ادا بدر سان گڏ مئٽرڪ 1957ع ۾ پاس ڪئي ۽ کيس اسانجي ماسڙ حاجي قادر بخش ڳوٺ سڌار کاتي ۾ ڪلارڪي وٺي ڏني. ان کان علاوه امان جو ماروٽ ٿيندو هو تنهن ڪري اسان کيس مامو ملڪو چئي سڏيندا هئاسين. مامو ملڪو اسان سان تمام سٺو وقت گذاريو، پر مالڪِ دوجهان سندس حياتي ٿوري لکي هئي جو 1982ع ۾ هي جهان ڇڏي وڃي حقيقي مالڪ سان مليو.
مامو ملڪو رهندو وحدت ڪالونيءَ ۾ هو، پر سندس آفيس ون يونٽ بلڊنگ ۾ هوندي هئي تنهن ڪري آفيس اٽينڊ ڪري، اسان ڏي هليو ايندو هو. سندس طبيعت به ماٺيڻي ۽ کلڻي هئي تنهن ڪري بابا به کيس تمام گھڻو ڀائيندو هو.

عجيب اتفاق:
هڪڙي آچر جي ڏهاڙي مامو ملڪو، ادا بدر، ۽ مان ائين ويٺا هئاسين، ۽ هرڪو پنهنجي خوابن جي راڻي، جنهن کي ڪنوار به چئجي ٿو، بابت نالا وٺي خيالي پلاءُ پچائي رهيا هئاسين. هر هڪ نالو کنيو، ۽ آخر ۾ مون کان پڇيائون. مان ٻار تيرهن سالن جو ڇا چوان. پر زور ڀرڻ تي مون به کڻي نالو ورتو. هيءَ منهنجي ماسات ٿئي. قدرت واري جا عجيب فيصلا جو منهنجي زبان مان نڪتل لفظ حقيقت بڻجي پيو ۽ اها اڄ منهنجي ڪنوار آهي. ادا بدر کي به پنهنجو مطلوب مليو، پر مامو ملڪو جو ڪم نه ٿيو.
چاچي عمر جو اچڻ ۽ انتقال ڪري وڃڻ:
هڪ ڏهاڙي شام جو بنگلي جي پارڪ ۾ بابا سان گڏ چانهه پي رهيا هئاسين ته ڪار اچي بنگلي جي مين گيٽ تي بيٺي. ڪار مان چاچو محمد عمر ۽ پڦي ڪزبانو جنهن کي اسان ڀوڀري چوندا هئاسين، لٿا ۽ ساڻن چاچي محمد عمر جو منشي محمد حسن به لٿو. ۽ چاچي محمد عمر کي سهارو ڏئي وٺي اچي رهيا هئا. اسان به اٿياسين ۽ جلديءَ ۾ ڪرسيءَ تي کيس وهاري اندر کٽ تي سمهاريوسين. حال احوال وٺڻ سان معلوم ٿيو ته کيس مٺن پيشابن جي ڪري دل تي به اثر ٿيو آهي. کيس ڪافي لوڏو آيل هو. اسانجي بنگلي جي اوڀر ۾ ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ رهندو هو. وڏو فزيشن هو. انگلينڊ جو FRCS ۽ MRCP هو، ۽ ايل. ايم. سي ڪاليج ۾ پروفيسر هو. بابا تنهن وٽ ويو ۽ کيس وٺي آيو. ڊاڪٽر صاحب چيڪ ڪيو ۽ ڪجھ ٽيسٽون لکي ڏنيون ۽ ڪجھ دوائن جو پرچو لکي ڏنائين. بهرحال ٻئي ڏينهن ٽيسٽون ڪرايون ويون ۽ دوائون به ورتيون ويون. شگر جي ٽيسٽ ڪرائي وئي جيڪا تمام گھڻي هئي. چاچو محمد عمر هفتو کن رهيو ۽ کيس آفاقو ٿيو. پر آخري رات اٺين بجي کيس ساه جي تڪليف وڌي وئي. بابا ڊاڪٽر ڏي ڀڳو جنهن فون ڪري ايمبولينس گھرائي، پر جيستائين ايمبولينس اچي چاچي محمد عمر جي اندر وارو پکي اُڏامي ويو. پڦي ڪزبانو زوارو قطار روئي رهي هئي ۽ اسان سڀ خاموش بيٺا رهياسين. سڄي رات ائين گذاري صبح جو سندس جسد خاڪيءَ کي ايمبولينس ذريعي ڳوٺ پهچايوسين.