باب ڇهون: مسواڙ تي جاءِ وٺڻ ۽ ان ۾ رهڻ
جاءِ جو مالڪ به رٽائرڊ مختيارڪار هو. سندس نالو هو قاضي عبدالخالق. هن کي به ٻه پٽ هئا هڪ غلام نبي. هي ميڊيڪل اسٽور هلائيندو هو. ۽ ٻيو هو غلام مصطفيٰ. هي ڊاڪٽر هو ۽ نواب شاه ميڊيڪل ڪاليج ۾ بيهوش ڪرڻ وارو ڊاڪٽر هو. ڪڏهن ڪڏهن قاضي صاحب مون ڏي قرب جا پير ڀري ايندو هو. تمام سٺو ماڻهو. مئجسٽريٽ ٿي رهيو هو. کيس ماڻهو ماڻهوءَ جي خبر پري کان ئي پئجي ويندي هئي. مان هن جاءِ ۾ 1979ع تائين رهيس.
منهنجي دوست نثار احمد ٻٽ جو هڪ دوست هڪ عورت ميهڙ کان کڻي آيو، ۽ خادم ڏي خط به کڻي آيو. خادم منهنجي جاءِ جي هيٺان وارو پورشن انکي وٺرائي ڏنو مسواڙ تي. هاڻي ان اچي مونکي چيو ته ادا اوهان هيٺ لهي اچو ۽ هو مٿي ماڙيءَ تي رهي ته آرام ايندو. ٿورو ٿورو گھٻرايل به رهندو هو. هن کي ميهڙ ۾ پنهنجي گھر واري ۽ ٻار ٻچا به هئا، پر زميندار ماڻهو عياشي ته ضرور ٿئي. ڀلا ميهڙ جي مينڌي ته مشهور آهي انجو پيسئو، ان کان علاوه بهه، پٻڻ، سياري جي موسم ۾ اچي لهن مهمان روسي پکي انهن جو شڪار ڪري کائن ته گرمي ته ٿيندي.
منهنجي عادت هوندي هئي ته صبح جي نماز پڙهي چانهه ٺاهي پئبي ۽ پوءِ قران پاڪ جي تلاوت ڪبي. بعد ۾ جيڪو به ڪم ڪبو ته سريلا آواز ڪڍي پيو پاڻ کي وندرائيندو هوس، ته مٿيون همراه پيو انجواءِ ڪندو هو ۽ انجي يارڙي به. اهڙي هن مون سان ڳالهه چوري، پر مان کيس اهو چئي ٽاري ڇڏيندو هوس ته ادا: “هي جوانيءَ جا گيت آهن ياد جيڪي ڳائي دل وندرائيندو آهيان صرف صبح جو، وري سڄو ڏينهن ڪونه ٻڌندين”.
ٻن ٽن مهينن کانپوءِ هي دوست واپس ميهڙ هليو ويو ۽ وري موٽي ڪونه آيو. نه سلام نه ڪلام، نه خط نه پٽ. پوئتي ڇا ٿيو، ڪا به خبر نه آهي.
هندستاني روايت جو تسلسل:
رمضان جو مهينو اچڻ وارو هو. سڀ دوست ائين چوندا هئا ته مان ڪجھ به نه ڪيان هو افطاري کڻي ايندا. پر مون کين اهڙي تڪليف ڏيڻ کان منع ڪيو. هڪ عدد گھڙيال وٺي آيس ته جيئن سحريءَ جي ٽائيم تي اٿي سگھجي. اهو ڏينهن به آيو ۽ رمضان جو چنڊ ڏسجي ويو. هر طرف واه واه ٿي وئي. مسجدون سينگارجي ويون. مان به ٽائيم ٺاهي سمهي پيس.
هي رمضان بلڪل سياري ۾ آيو هو، ۽ منهنجي خيال ۾ ڊسمبر جو مهينو هو ۽ سوَڙ ۾ سمهبو هو. عصر جو عجيب ٺڪاءَ مون ٻڌا جو ٻڌڻ سان دل ڏڪي وئي. ٿورو خيال ڊوڙايم ۽ سوچيم ته ڳالهه سمجھ ۾ اچي وئي. هڪ همراه کي بالڪنيءَ مان ڏٺم جو هن کي لوه جو ڏنڊو هٿ ۾ هو ۽ ماڙيءَ جي هيٺان جيڪو بجليءَ جو کنڀو هو انکي ٻه ٽي ڏنڊا هڻي چئي رهيو هو “اٹھو اٹھو بھائی سحری کا ٹائيم ہو رہا ہے”. مونکي ڏاڍو عجب لڳو. مون ائين ڪٿي به ڪونه ڏٺو هو ۽ نه ٻڌو هو!
خير سان اٿيس ۽ رخ ڪيم هيٺائين واري پاسي ڏانهن. اتي هڪ مواليءَ جي هوٽل هئي. ان کان کير ۽ ماني ورتم، کائي مٿان چانهه پي ٻاريم سگريٽ. ڪش مٿان ڪش، سگريٽ پورو ڪري وري به هڪ چانهه جي پيالي پي اٿي جاءِ تي آيم.
انهن ڏينهن ۾ نوشهرو ايڏو وڏو شهر ڪونه هو، جو ڊبل روٽي وٺي انڊي سان ناشتو ڪجي. فارمي انڊا يا ڊبل روٽيءَ جو نالو به نه هو. هڪ بيڪري هوندي هئي جتي صرف بسڪوٽ، رس ڪيڪ ملندا هئا. بيڪريءَ وارا به ڀرسان رهندا هئا، سلام دعا انهن سان ٿي وئي هئي. انهن کان ڊبل روٽيءَ جو پڇندو هوس ته چوندا هئا ته اهو ائٽم گھٽ ٿو هلي. ٻه ڏينهن رکون ٿا ته خراب ٿيو وڃي، ان ڪري ڪونه ٿا ٺاهيون.
ٻه بجي ڪاليج ويم، ۽ وڃڻ سان فيض محمد خانزادي سان لوه جو ڏنڊو ۽ بجليءَ جي کنڀي جو ذڪر ڪيم ته چيائين ته: “ائين انڊيا ۾ ماڻهو ڪندا هئا ثواب خاطر ڇو ته غريبن کي گھڙيال يا واچون ڪونه هيون، ان ڪري، خاص ڪري رمضان جي مهيني ۾ ائين اٿاريندا هئا ته جيئن مسلمان وڌ کان وڌ روزو رکي سگھن”.
شام ٿي ته چاچي جيئند جو فرزند فقير محمد، خادم حسين جو ڀاڻيجو انجم الحسنين، محمد صديق عباسي، عاشق حسين راڄپر، خادم جو ٻيو ڀاڻيجو بنده حسين عرف پاشا ايندا ويا ۽ پاڻ سان گڏ افطاريءَ جو کاڌو به کنيو آيا. مون چيو هونئن ته ڀلي ڪري آيا پر هي ڇا؟ ته هڪ ئي آواز ۾ چيائون ته: “مزو ته هاڻي ايندو”. پڪوڙا، سموسا، شربت، برف، مڇي، ٻوڙ، ماني، چانور ڏسي دل پئي خوش ٿئي. مون وٽ ايڏي وڏي ٽيبل هئي ڪانه سو فرش تي چادر وڇائي رکيم ۽ ويٺاسون چرچا ڀوڳ ڪرڻ.
انهن دوستن جو تعارف به ٿورو ڪرائيندو هلان. انجم الحسنين انٽر سائنس پاس هو، پر سندس مارڪون ٿوريون هيون تنهن ڪري ميڊيڪل ۾ سليڪشن نه ٿي سگھيس. اسان وٽ ئي بي. اي ڪري ڇڏيائين. پر قدرت واري کي ڪجھ ٻيو منظور هو. انهيءَ سال نوشهري فيروز جون ميڊيڪل ۾ سيٽيون وڌي ويون. هن همراه به کڻي فارم ڀريو ۽ ايل. ايم. سي ڪاليج ۾ پهچي ويو. ڊاڪٽري پاس ڪري ڪميشن به ڪري ويو. ڪراچي ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ پوسٽنگ ڪرائي ويو. اتيئي سڄي عمر رهيو، ۽ سڄي عمر قلندرانه زندگي گذاري نوشهري موٽي آيو. محمد صديق عباسي گذريل صفحن ۾ ٻڌائي آيو آهيان. بنده حسين بي. ڪام پاس هو. حبيب بئينڪ ۾ کيس نوڪري ملي. اتان مئنيجر ٿي رٽائر ڪيائين. عاشق حسين جو ذڪر به ڪري آيو آهيان. مون سان ڪالج ۾ هو. ڪجھ سالن کان پوءِ سندس خاندان ۾ خون ٿي پيا ۽ هن کي به مخالفن ڌمڪيون ڏنيون، تنهن ڪري ٺٽي بدلي ڪرائي ويو. ارڙهن سالن کانپوءِ وري موٽي آيو نوشهري. مون کانئس پڇيو ته ٺٽو ته ٿڌو شهر آهي ۽ امن امان به آهي ڇو آئين وري هئڙي گرم شهر ۾؟ ته چيائين ته ادا: “هي لاڙ وارا بي وفا آهن، شادين لاءِ سڱ به ڏيندا پر چوندا ته اوهان آهيو اترادي، ۽ وڌيڪ چوندا ته لاڙ جو ماڻهو اتر جو ڍڳو، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي”.
رمضان جو سڄو مهينو ائين ئي گذري ويو. هي سڀ ڪجھ نوشهري وارن جو پيار، محبت، جذبه دوستي هو. مون وٽ ڪجھ به ڪونه هو، سواءِ پيار ڏيڻ جي. هر هڪ کي نيڪ نيئتيءَ سان عزت ڏني ۽ محبت پڻ.
ڳوٺن ۾ رواج ۽ رسمون:
مان بنيادي طرح ٻهراڙيءَ جو آهيان. پنهنجو ڪٽنب ائين کڻي چوان ته ويڙهو آهي، جنهن ۾ پنجاه سٺ افراد رهن ٿا. اڃان به ائين آهي، پر هاڻي هن سائنسي دور ۾ ۽ وٺ پڪڙ واري دور ۾ هر هڪ پنهنجي حصي جي ٻني ورهائي کنئي آهي، ۽ گھر جو وهنوار هلائين. هن وقت ڪير به ڪنهن جو بار ڪونه کڻي. پر هن کان اڳم اسانجو نانو ٻنيون ويندو هو وٺندو ۽ سنڀال ڏاڏو الهه اوڀايو (سندس ڀاءُ) ڪندو هو. هي مڙس پاڻ ۾ چار ڀائر هئا، ڪچا گھر هئا، مال متاع هر هڪ کي پنهنجو هو. اَنُ گڏ ۾ هو. جنهنجو به کپي ويندو هو ته ڀانڊي مان کڻندو هو. الا الا خير سلا. باغ به انبن جو هو. انبن جي سيزن ۾ چاچو محمد پريل انب خود پچائيندو هو، پوءِ ماڻهن آڌار هر هڪ کي شام جو ڏيندو هو. ٿوري گھڻي کٽ پٽ ٿيندي هئي پر نه جهڙي.
ڳوٺاڻي سماج ۾ مڙدن سان گڏ عورتون به گھر جي ڪمائي وڌائڻ ۾ ڪجھ نه ڪجھ پنهنجي محنت شامل ڪنديون هيون. مثال اڳٺ ٺاهڻ، ڀرٿ ڀرڻ، صبح جو ڏڌ ولوڙڻ پوءِ انجو مکڻ ڪڍڻ وري مکڻ مان گيهه ٺاهڻ، کٽون واڻڻ. اهي سڀ ڪجھ ان ڪري ڪبو هو ته جيئن چار پيسئا اچن ۽ آئي ويل ڪم اچن مثلاً شادي وغيره.
انهيءَ دور ۾ ڇوڪرين (حالانڪ اسانجي خاندان ۾ ائين ڪونه هو ڇو ته تعليم اچي وئي هئي) جون چئن قسمن جون شاديون ٿينديون هيون:
ڏي وٺ:
ڪا ڇوڪري ڪنهن ٻئي گھر ۾ پرڻائبي هئي ته انجو عيوضو ورتو ويندو هو، انهيءَ ڪري ته جيئن گھر جي ڀاتين جو انگ پورو ڪيو وڃي، ۽ معاشي بدحالي نه ٿئي.
ننگ ڪري ڏيڻ:
گھڻو ڪري ويڙهي جي اندر سڳي سؤٽ يا ماسات سان پرڻائي ويندي آهي، اهي ڀلي ڌار ئي رهندا هجن تڏهن به ويڙهي جي حساب سان ڀاتي پورا سمجھا ويندا آهن.
جنڊو پاڙو:
ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪري ان شرط تي پرڻائي ويندي آهي ته نياڻو سڄي ڄمار ساهرن سان گڏ رهندو.
پيٽ لکي ڏيڻ:
اهڙو ڪٽنب جنهن ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن کان گھڻيون هجن، يا ڇوڪرا موجود نه هجن پوءِ ڇوڪريون ان شرط تي پرڻائي ڏبيون آهن ته گھوٽيتي آڪهه ۾ يا ان جوڙي کي جيڪا ڇوڪري ڄمندي اها اڳتي هلي ان ڪنوار جي مائٽن کي ڏيندا.
در حقيقت ان سسٽم ۾ خرابيون هيون. مگر جيئن ته هاڻي سال جي اندر طلاقون، جدايون (Separation) ٿين پيون، اهي ڪونه ٿينديون هيون. اگر اهڙو ڪو معاملو ٿيندو هو ته ڳوٺ جو چڱو مڙس ٻنهي خاندانن کي گھرائي کير کنڊ ڪرائي ڇڏيندو هو. ڄڻڪ ڪجھ ٿيو ئي ناهي. پر هن وقت هر ڪو گھر جو چڱو مڙس لڳو پيو آهي. انجو سبب آهي معاشي خوشحالي، جنهن معاشري جا بکيائي اُڍيڙي ڇڏيا آهن. پر اڳم ائين ڪونه هو.
اڳم گھر جو وڏو گھر ۾ داخل ٿيندو هو ته سڀ زائفون مٿي تي رئو يا پوتي رکنديون، ۽ نياڻيون سياڻيون خاموش ٿي وينديون يا پنهنجي پنهنجي ٽوپي ٽڳي کي جنبي وينديون. پر هاڻي پيسي جي گھڻي ريل پيل ڪري گھر گھر ٽي. ويءَ اهڙو مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي جو چاچي مامي جو خيال ئي ناهي. ان جو هڪ ڪارڻ هي به آهي ته انهيءَ مٿئين سسٽم ۾ بيجوڙ شاديون ٿينديون هيون. مثلاً ڇوڪري ننڊي عمر جي آهي ۽ مرد وڏي عمر جو ته اها عورت پنهنجي نصيب کي پٽون پاراتا ڏيندي هئي. سو به دل ئي دل ۾. ٻاهر ٻاڦ به ڪانه ڪڍندي هئي. هن جو ڪو چاچو مامو عيد برات سندس گھر ۾ ايندو ته خوشيءَ ۾ کٿي ڪانه پڄندي، کٽ تي رليون، چادرون پئي وڇائيندي ۽ ذري ذري چانهه مانيءَ لاءِ آزيون نيازيون ڪندي.
جيئن ئي اهي چاچا ماما ويندا ته سندس مڙس ڏيندس مهڻا ۽ هڻندس طعنا ۽ ائين به چوندس ته: “پنهنجا آيا اٿئي ته خوش، باقي مونکي ته نهارين به ڪونه ٿي”. ته جھٽ پٽ ۾ کيس وراڻي ڏيندي ۽ چوندس ته: “ڇا نهاريانءِ آهين به آڍيل”!
الف ننگي عورت کي ڏسڻ:
محمد صديق عباسيءَ جي دوڪان تي ويٺو هوس. واچ ۾ يارنهن ٿيا هئا. اتان اٿيس، سمجھيم ته پيشاب ٿو اچي مون وارو ڪاڪوس خانو بغير ڇت جي هو. اوڀر ۽ ڏکڻ کان ڀتيون صفا ننڊيون هيون، تنهن ڪري مون انهن ٻنهي طرفن کان پراڻا دلا ۽ مٽ رکي ڇڏيا هئا. ڇو ته سامهون سيدن جون حويليون هيون ۽ منهنجي جاءِ جي بلڪل سامهون قاضي جو نوڪر رهندو هو. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته هڪ عجيب نظارو انهيءَ نوڪر واري جاءِ ۾ ڏٺم. هڪ عورت بلڪل ننگي اڱڻ تي غسل ڪري رهي هئي ۽ ٻي عورت کٽ تي ويٺي هئي. منهنجا ته حوصلا ئي خطا ٿي ويا ڇو ته مون ائين عورت کي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو. مون ائين پئي محسوس ڪيو ته منهنجي ڪنن مان، نڪ مان ۽ وات مان پڻ دونهان نڪري رهيا هئا. سمجھ ۾ ڪجھ به نه پئي آيو. اکيون صفا ڳاڙهيون لال ٿي ويون، مون ۾ اها همٿ ئي نه رهي جو کڻي ٻيو دفعو به ڏسان. بس جلدي جلدي ۾ پيشاب ڪري ڏاڪڻ جا ڏاڪا هيٺ لهندو سڌو عاشق حسين جي دوڪان تي ويس ۽ بينچ تي سمهي پيس. ڪڇان جهڙي ڀت. سڄي جسم ۾ ڄڻ ته هڪ قسم جو زلزلو اچي ويو، جنهن ساري بدن کي لوڏي ڇڏيو.
عاشق گھڻيئي سوال ڪيا، مون ڪجھ به نه ڪڇيو. بس چيومانس ته چانهه گھراءِ ۽ هڪ عدد سگريٽ به. هي سڀ ڪجھ ڇا هو، خواب هو، سپنو هو، يا ڪي ٻي ماجرا يا جن ڀوت! منهنجو دماغ صفا جواب ڏئي ويو.
ٻئي ڏينهن مون هڪ ماڻهوءَ کي ٻاهر نڪرندي ڏٺو، ڪڙتي ۽ گوڏ ۾. پنجاپي پهلوان قسم جهڙو ماڻهو ٿي لڳو، ڇاتي چوڙي، جسم ڀريل، منهن ويڪرو، ننڊا شهپر. ڪٿان جو هو ڪو پتو نه آهي. چند ڏينهن کانپوءِ هو هليا ويا. مون وري ڪونه ڏٺا.
پنج ڇهه ڏينهن گذري ويا ته مون قاضي صاحب جو نوڪر ڏٺو. کانئس پڇا ڪيم ته چيائين ته: “سائين ڳوٺ جا مهمان آيل هئا، جو انهن کي اولاد ڪونه پيو ٿئي سو قاضي غلام شبير حڪيم صاحب کان علاج ڪرائڻ آيا هئا، وڌيڪ ٻڌايائين ته مرد کي هيون ٻه زالون پر ٻنهي مان کيس ڪجھ ڪونه هو. حڪيم صاحب کين هت رهايو ۽ علاج ڪيو. ٻيو خير.