باب ٻيو: منهنجو مڱڻو ٿيڻ ۽ شادي
سڄو سال ڪن اڻٽر حالتن تحت سڄو سال ائين گذري ويو. نيٺ 1979ع ۾ منهنجي شادي ٿي. هي سڀ ڪجھ منهنجي وڏي ڀاءُ علي اڪبر جي محنت جو نتيجو هو. ورنه بابا ته صفا انڪاري هو. ائين ٻڌندو هوس ته پيءُ ۽ ماءُ وٽ پهرئين اولاد لاءِ وڏي محبت آهي. هاڻي ادا اڪبر بابا کي منهنجي شادي لاءِ چيو ان قبول ڪري ورتو. معنيٰ ته بابا به پنهنجي وڏي پٽ جي ڳالهه رد نه ڪري سگھيو، حالانڪ اسان ته گھڻيون ئي مرليون وڄايون هيون، پر سڀ اجايون ٿي وينديون هيون.
شاديءَ کانپوءِ نوشهري جي جاءِ مالڪ کي واپس ڪيم، ۽ جيڪو سامان هو ڳوٺ کڻي هليو آيس. امان ۽ بابا جي خدمت لاءِ پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪنوار کي پابند ڪري ڇڏيم. انهن کي پيرسنيءَ ۾ پٽ جو ويجھو هجڻ ۽ سندن پرگھور لهڻ جي ضرورت هئي. مونکي اهڙو خيال منهنجي دل ۾ گھر ڪري ويو.
امان جي بيماري:
امان کي چيلهه ۾ سور جي تڪليف ٿي پئي هئي، شايد هلندي ڪري پئي هئي. ڊسڪ وڃي ڪرنگھي جي هڏيءَ کي متاثر ڪيو ۽ ان رڳ کي دٻائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ امان هلڻ چلڻ کان لاچار ٿي پئي هئي. بابا ۽ ادا اڪبر وسان ڪين گھٽايو، پر دوا اثر ئي نه ڏيکاري. ڏينهون ڏينهن امان وڃي ڪمزور ٿيندي ۽ بيماري وڃي وڌندي. آخر امان هڪ جاءِ تي ويهي رهي. ادي زيبل، ادي قمر، ۽ پڦي ڦتان جي نياڻي ادي انور سندس خدمت ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي.
آخر امان کي ڪراچي وٺي ويا، اتي جي ڊاڪٽر چيو ته: “مریض کو قمر میں چوٹ لگنے کی وجہ سے اس کی رگ دب گئی ہے، لیکن آپ نے آنے میں بہت دیر کر دی ہے، لہذا اب نہ آپریشن ہوگا اور نہ دوائی فائدہ دیگی”. اسان سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو. آخر امان جو آواز به بند ٿي ويو. جڏهن منهنجي شادي ٿي هئي ته امان ڏاڍو خوش هئي ۽ دعائون ڪرڻ لاءِ هٿ کڻي رب پاڪ کي التجائون ڪيون هيون. واقع ماءُ ته ماءُ آهي ۽ دعا جو گھر پڻ.
مون کيس جڏهن چڱي ڀلي هئي ته مال متاع لاءِ نوڪر رکي ڏنو هو. ان کان علاوه هر مهيني کيس پگھار مان خرچي به ڏيندو هوس، ته پاڻ به جھول ڀري دعائون ڪندي هئي. پر هاڻي جڏهن واقع مونکي دعائن جي ضرورت آهي ۽ مان به هن وقت پيرسن ٿيو آهيان ته پاڻ هن فاني دنيا ۾ نه آهي.
مون اڳين صفحن ۾ ڄاڻايو آهي ته بيماري جي ڪري هوءَ هڪ هنڌ پئجي وئي هئي. منهنجي ڪاليج جو ٽائيم ٻه بجي کان شروع ٿيندو هو. مان ڊيوٽيءَ تي وڃڻ لاءِ هرروز ساڍي ٻارهين بجي تياري ڪري، ماني کائي، کٽ تي ستل امان کي ڀاڪر پائي، سندس پيشانيءَ کي بوسو ڏئي، پيرن کي چمي ڏئي موٽر سائيڪل تي چڙهي هليو ويندو هوس.
امان جي حياتيءَ جون آخري گھڙيون:
حسب معمول مون ان ڏينهن به ائين ڪيو. مونکي هٿ جي اشاري سان ويهڻ جو اشارو ڪيائين ته ويهي رهيس. مون سندس اکين ۾ ڏٺو ته انهن جو رنگ سفيد ٿي ويو هو. مون پنهنجي ماسي/سس کي سڏيو، ان اچڻ سان امان جي هٿن کي ڇهيو ۽ سندس ساه واري رڳ تي هٿ رکيو ۽ پڦي ڦتان کي سڏيو، اها جيئن آئي ۽ امان جي حالت ڏٺي ته کيس وڏي آواز سان سڏيو ته ڀاڄائي شاهل!. ڀاڄائي! پر امان صفا ساڪن ٿي وئي، ۽ پوءِ پڦيءَ سندس اکين کي پنهنجي هٿن سان بند ڪيو ۽ “اِنا الله و اِنا اليہ راجعون” پڙهيو. امان جي حياتيءَ جو ڏيو مون وسامندي ڏٺو. الله! الله! مون کي دعا ڪرڻ وارو در هميشہ بند ٿي ويو. مان هاڻي پاڻ کي اڪيلو ۽ تنها محسوس ڪري رهيو آهيان. لطيف سائينءَ جي بيت سان امان کي ڀيٽا ڏيان ٿو ته:
ڏني هئي ڪا ماءُ، سورن جي پينگھي منجھ لولي
پـٿـــر ڀــانــيــان پــــالـڪـــي، ڏونــگـر ڀــانــيــان ڏولـــي
اديـون شاه لطيف چـوي، صاحب ڪندو شل سولـي
منهنجي شادي ۾، هلڻ کان لاچار هئي ته ڪرسيءَ تي ويهندي هئي. مونکي شاديءَ جي مينڌي لڳي رهي هئي ته پاڻ خود سهرو ڳائي رهي هئي، اهو سهرو مونکي اڃان به ياد آهي:
“منهنجي اڱڻ تي خانڻ لڳي وئي بهاري
لــڳــي وئــي بــهــاري گــلن لاتـي گــلزاري
مـنـهـنـجي اڱــڻ تي ..........
هڪ نه ٻئي ڏينهن سندس قبر تي ويهي رهندو آهيان ۽ کيس ياد ڪندو آهيان ته هوءَ به مونکي گھڻو ڪجھ ڏئي ڇڏيندي آهي.