باب ڇهون: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آخري سال
پهرئين ڏينهن جيئن ئي ڪلاس ۾ ويم ته هڪ نئين ڇوڪري رئيسه سان ويٺي هئي. مون سمجھو ته رئيسه جي مائٽياڻي هوندي. ڪلاس ختم ٿيو ته ان ڇوڪريءَ پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ چيائين ته: “ادا مون آنرز گرلس ڪاليج مان ڪئي آهي ۽ نالو ٻڌايائين مهرالنساءِ ميمڻ. مون سندس آجيان ڪئي. مون رئيسه کي چيو ته: “آپ بھی انکو ویلکم کریں” ته ڇوٽ ۾ مونکي چيائين ته: “میں آپ سے نہیں بولتی!”. مهرالنساءِ ڏسي مونکي ۽ آءٌ ڏسان رئيسه کي. نيٺ مهرالنساءِ مونکي چيو ته ادا I am sorry.
مونکي ته خبر ئي نه هئي ته ڪو رئيسه جي دل ۾ مون لاءِ ايترو پيار ڇوليون هڻي رهيو آهي. مان ان ڏينهن کان مهرالنساءِ جي سامهون پاڻ کي شرمسار ۽ ڏوهي سمجھندو هوس. حالانڪ منهنجي دل ۾ رئيسه لاءِ اهي جذبا ڪونه هئا.
بهرحال اک ٻوٽ ۾ سال گذري ويو. امتحان ٿي ويا، باقي زباني امتحان ٿيڻو هو، اهو به ٿي ويو. اهو ڏينهن ڏهاڙو مون نه مهرالنساءِ ڏٺي ۽ نه رئيسه. هن وقت جڏهن منهنجي عمر پنجهتر سال آهي، خبر نه آهي ته اهي ٻئي هن فاني دنيا ۾ حال حيات به آهن الائي نه! اهي چار سال ائين گذري ويا جو ڪا خبر ئي نه پئي. M.A جي رزلٽ نڪتي مهرالنساءِ فرسٽ ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن کنئي ۽ مون ٻي، رئيسه سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿي. منهنجي وڏي ڀاڀي مهرالنساءِ کي سڃاڻندي هئي ۽ هن کي هڪ ٻه دفعا ريشم گليءَ ۾ ملي هئي ۽ ان کان منهنجو پڇندي هئي.
نوڪريءَ جي تلاش:
يونيورسٽيءَ مان پاس سرٽيفيڪيٽ ڪڍرائي ڇڏيم. روزانو اخبار ۾ اشتهار ڏسان. هڪ ڏينهن عبرت اخبار ۾ ڏسان ته هائو ٻيلي اسلامڪ ڪلچر سبجيڪٽ ۾ ايڊهاڪ تي ليڪچرار گھربل هئا. درخواست ۽ ضروري سرٽيفيڪيٽن کي ٽائيپ ڪرائي اٽيسٽ ڪرائي ڏياري موڪليم (انهن ڏينهن ۾ فوٽو مشينون اڃان ڪونه آيون هيون).
انٽرويو مليو - نوڪري نه!
پندرهن ويهين ڏينهن کانپوءِ انٽرويو مليو. مقرر ڏينهن تي ويم. ڊائريڪٽر صاحب هو غلام رضا ڀٽو، ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر هو سيد پناه علي شاه. جنهن ڪمري ۾ ويهاريو ويو اتي اڳم ئي ڇهه ست همراه ٻيا به اميدوار ويٺل هئا. سڀني کي ڏاڙهيون هيون، پر مان بغير ڏاڙهي. واري واري سان هر هڪ کي گھرايو ويو. منهنجو به وارو آيو. دروازو کولي اسلام عليڪم / يا علي مدد چئي صاحبن جي سامهون بيٺس، ته وڏي صاحب ويهڻ لاءِ چيو. ۽ ويٺا ڏسن منهنجي ڪاغذن کي. نيٺ هڪ چيو ته ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ آهين ۽ آنرز آهين، مون هائو ڪئي. ٻيا به اهڙا سوال ڪيائون ۽ پوءِ چيائون ته توهان وڃي سگھو ٿا. اهو مئي جو مهينو هو. چند ڏينهن کانپوءِ معلوم ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر جي آفيس ويس ته پتو پيو ته اسلامڪ ڪلچر جا آرڊر نڪري ويا ۽ ماڻهو وڃي نوڪرين تي چڙهيا. ڏاڍو ڏک ٿيو. ڪلارڪن مان هڪ چيو ته ادا ٻين کي هئا مخدوم طالب الموليٰ جا خط، تو به ڪا چٺي چپاٽي آندي هئي يا نه؟. منهنجا ته ٺپ ئي ٺري ويا. هڪ ڪلارڪ چيو ته ادا همٿ ڪري صاحب سان مل من ڪو رحم پويس! مون به نه ڪئي هم نه تم سائين ڀٽي صاحب جي آفيس ۾ گھڙي پيس، ۽ ساڳيو عرض ڪيم ۽ ائين به چيم ته: “سائين جن کي آرڊر مليا آهن. اهي سڀ سيڪنڊ ڪلاس ۾ هئا مان ته فرسٽ ڪلاس ۾ آهيان ڪا مهرباني ڪيو!”. ته مون کي ڇوٽ ۾ چيائين ته: “ون يونٽ بلڊنگ ڏٺي اٿئي؟”. مون هائو ڪئي، ته چيائين ته “راڻي باغ؟”. مون وري به هائو ڪئي. ته چيائين ته: “انجي سامهون اٿئي هاءِ ڪورٽ اتي وڃ مون تي ڪيس ڪر، پوءِ جج صاحبان گھرائيندا انهن کي جواب ڏيندس”!.
مطلب ڏاڍو خوار خراب ٿي ٻاهر نڪتس زمين پيرن هيٺان ڄڻ ته هئي ڪانه. هي صاحب محمد نواز ڀٽي جو والد هو. ۽ هالا جا هئا، تنهن ڪري مخدوم طالب الموليٰ جا ماڻهو هئا ۽ نوزايل به انجا هئا، پوءِ ان جي چٺيءَ کي مانُ ڪيئن نه ڏين؟. نواز ڀٽو ته بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار ۽ وڃي رجسٽرار جي پوسٽ تي پهتو. مون جڏهن پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ ڊگري ورتي هئي ته ڪنٽرولر هو. سندس صحيح ڊگريءَ تي موجود آهي.
جيئن ئي مئي پورو ٿيو ته ڪاليج بند ٿي ويا جو گرميءَ جون موڪلون ٿي ويون. ادا اڪبر به بدلي ٿي ويو هو اسان ٻئي ڀائر، بدر ۽ مان ڳوٺ هليا آياسون. موڪلون پوريون ٿيون ته آياسين حيدرآباد ۽ جيئن ئي دروازو کوليوسين ته هڪ لفافو سرڪاري پيو هو. کولي جو پڙهيم ته آرڊر هو، پر اسلاميات جو ٽيچر ٽريننگ ڪالج فار مين ميرپور بٺورو. ۽ اهو به ان ۾ لکيل هو ته هڪ هفتي جي اندر جوائن ڪرڻو آهي. ان تي صحيح سيد پناه علي شاه جي ٿيل هئي. وري به حوصلا خطا ٿي ويا، جو ان آرڊر کي ٻه مهينا گذري ويا هئا. ٻئي ڏينهن ڀڳس ڊائريڪٽر جي آفيس. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ٻئي صاحب بدلي ٿي ويا هئا.
جيئن ته آرڊر ايڊيشنل ڊائريڪٽر صاحب جو ٿيل هو، تنهن جي پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ان وقت واحد بخش شيخ نالي صاحب هو. ان سان مليس ۽ عرض ڪيم ته ان آرڊر کي هيٺ مٿي ڏسي پاڻ وٽ رکي مونکي چيائين ته اوهان درخواست ڏيو ته ڏسنداسين. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ڪو به پتو نه آهي ته ڇا ٿيو! جڏهن ته اڄ سال 2020ع ۾ مهينو آهي آگسٽ.