باب ستون: ڪڃريءَ جو ڳوٺ ۾ راڳ ٻڌڻ.
ڪڃري آئي، ريشمي ڪپڙن ۾، سرخي پائوڊر سان سندس منهن پئي ٻريو. روشنيءَ لاءِ پنج ڇهه گولا پئي ٻريا. هائو ٻيلي گھوٽ جو پيءُ آيو ته راڳ به ٿيو شروع. مائيءَ سڳوريءَ پهريائين الهه تهار ڪئي لطيف جي بيت سان. پوءِ هارمونيم شروع ٿيو. ڍولڪ جي ٿاپ ۽ سارنگيءَ جي لئي تي مائي پنهنجي پيرن ۾ ٻڌل ڇير کي ڇڻ ڇڻ ڪري لوڏيو ۽ ٻه ٽي ڦيراٽيون پاتيون ته هر طرف هوڪرا پئجي ويا. سندس کليل وارن ۾ چندن جي سرهاڻ سڀني کي ڪيو مدهوش، ۽ نوٽن جو مينهن به پوڻ شروع ٿيو. گھوٽ جو پيءُ گھوٽ جي مٿان ويو نوٽ نڇاور ڪندو. ڪجھ ڪجھ ٿڌڙي هير به ٿي شروع ته نوٽ به ويا هيڏي هوڏي اڏامندا ۽ جتي اسان ويٺا هئاسين اوستائين اچي پهتا. اسان کي ڪٿي ٿي اچي ماٺ سو وياسين نوٽ گوڏن جي هيٺان ڪندا. گھوٽ جي پيءُ جي هئي نظر اسان تي. ڪافي ٽائيم کانپوءِ جڏهن سندس سڀ نوٽ کپي ويا ته اسان مان ويو هر هڪ کي اٿاريندو ۽ گوڏن هيٺان رکيل نوٽ پنهنجي کيسي ۾ وجھندو. اهڙي ريت وري به سندس کيسو ڀرجي ويو ۽ اسان ڀولي جهڙو ٻوٿ ڪري ويٺا رهياسين.
گھڙي کن گذري ته ڳوٺ جا ٻه تپيدار کايو پيو آيا ۽ گھوٽ جي پيءُ کي جھڪي سلام ڪيو. گھوٽ جي پيءُ ٻنهي ڄڻن کي ڀرسان ويهاريو، ۽ راڳ ٻڌندا رهيا. جڏهن گھوٽ جي پيءُ جا کيسا خالي ٿيڻ لڳا ته ڪجھ ڪجھ راڳ ۽ ڪڃري به وئي ڍري ٿيندي. ان مهل تپيدارن به موقعي جو فائدو ورتو ۽ گھوٽ جي پيءُ کان اجازت ورتي. جتي هڪ روپئي جي چال هئي اتي انهن پنهجن روپين کي گھوٽ جي پيءُ ۽ گھوٽ مٿان گھورڻ شروع ڪيو ته ڪڃريءَ جي رڳ رڳ ۾ نئون ساه پوندو ويو ۽ ان سان گڏ طبلائي، باجائي ۽ سارنگيءَ واري جي هٿن ۾ به نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو ويو.
هر طرف کان واه واه ٿي وئي ۽ واه ڙي رئيس، واه ڙي تنهنجي لئي جا نعارا ٻڌڻ ۾ ايندا ويا. ته اتي گھوٽ ۽ گھوٽ جي پيءُ جا ڍڍر ويا ڍرا ٿيندا. ڪڪڙن به هنيا دس يعني ٻانگون ٻڌڻ ۾ آيون ته ڪڃريءَ نهاريو آسمان ۾، جو ٽيڙو ۽ ڪتي به نڪري ٿيا هئا نروار. سو آخري دمال جي بدران لطيف سائينءَ جي هيءَ ڪافي ڳائي: “پيرين پوندي سانءِ - چوندي سانءِ - رهي وڃ رات ڀنڀور ۾” ته حيدري نعارا لڳي ويا ۽ تپيدارن وڃي ميل ماري. ڀلا ڇو نه مارن کين هئي جو پرائي دولت. تڏهن ته پهاڪو مشهور آهي ته: “پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي”. ۽ اهو شايد پهاڪو ٺهيو ئي انهن تپيدارن لاءِ آهي. ________________ صبح جا چار ٿيا، آياسين پنهنجي پنهنجي گھر.
استاد جي مار کائڻ.
صبح جو هو اسڪول، ڪجھ اٿڻ ۾ دير ٿي. سو تڙ تڪڙ ۾ هٿ منهن ڌوئي ويم اسڪول. ڪلاڪ ٻن کانپوءِ اوجاڳي جي سبب اکيون ويون ڳاڙهيون ٿينديون ۽ اچڻ لڳا ننڊ جا جھوٽا، ۽ اوٻاسيون. استاد به سمجھي ويو. سو رڙ ڪري چيائين اڙي خانو! ڇو ڇا ٿيو اٿئي؟ مون ڪو به جواب ڪونه ڏنو. نصرالله جا به هئا مون جهڙا حال. ان کان به پڇيائين ته توهان ٻنهي کي اڄ ڇا ٿيو آهي؟ :“سچ ٻڌاءِ نه ته ٻنهي کي اهڙي مار ڏيندس جو سڄي عمر ياد ڪندو”؟. هي دوست گھٻرائجي ويو سو سائينءِ کي سڄي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. تنهن تي استاد دانهن ڪري چيو ته: “هن عمر ۾ ڪڃرين جا ڪلام ۽ ناچ ٿا ڏسو ته وڏي هوندي ڪهڙا ڪلور ڪندو؟”. آخر ڪافي سمجھاڻي ڏئي مونکي چيائين: “تون پاڻ کي سريلو ٿو سمجھين هاڻي اهڙو ڪلام جيڪو توکي وڻيو اهو ٿورو ڳائي ته ٻڌاءِ؟” مون “دل جي درخت کي ڪر دستور” ڳايو ته مون کي استاد پاڻ ڏي سڏيو. آءٌ سندس ڀرسان ويس ته ڪن کان وٺي اهڙي ته چماٽ هنيائين جو ڪاڏي وئي ننڊ ۽ ڪاڏي ويون اوٻاسيون. مطلب ست ئي طبق روشن ٿي ويا. پوءِ چيائين: “پڻهي آهي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ۽ هيءُ پٽ ٿيندو ناچو؟. اڙي ڪيئن ائين نه؟، اڙي ناچو توبہ ڪر نه ته اسڪول مان نالو ڪڍي ڇڏيندوسانءِ؟”.
پوءِ سائين به ڪجھ ٿڌو ٿيو ۽ وري مونکي چيائين اڙي وري چئي ٻڌاءِ. منهنجي اکين ۾ ڳوڙها لار ڪري پئي وهيا، پر تڏهن به سڏڪن سان ورجايم “دل جي درخت کي ڪر دستور”. ته سائينءَ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ هن ريت سمجھايو: “ابا هيءَ انسان ذات لاءِ ڀلي ۾ ڀلي نصيحت آهي. انسان رڳو هن سٽ تي عمل ڪري ته دنيا ۾ ڪير به ڏکارو نه رهي”. وري مون ڏي نهاري چيائين: “خانڻ پٽ! ڏس ته وڻ مان خدا جي مخلوق کي ڪيئن نه فائدو ملي ٿو. وڻ پاڻ اُس ۾ بيٺو آهي ۽ ڪاڙهي ۾ پيو سڙي پر ٻين کي ڇانوَ ۾ وهاري. ڏينهن تتي پکي پکڻ، جيت جڻيو، ماڻهو ڇيڻو سڀ سندس هيٺان اچيو آرام ڪن”. وري چيائين: “ميويدار وڻن کي ڏسو جڏهن منجھن ميوو پچي تيار ٿئي، تڏهن ماڻهو ڀترن ۽ سؤنٽن سان اچيو انهن کي سٽين، ۽ هو وري انهن جي عيوض کين مٺو ميوو ڏين”.
پوءِ مونکي ڀاڪر پائي نرڙ تي چمي ڏئي چيائين: “خانڻ پٽ! اهي حرڪتون ٻيهر نه ڪجانءِ پوءِ نصرالله ۽ مونکي چيائين: “ٻئي وڃو توهان کي موڪل آهي، پر گھر وڃي آرام ڪجو ۽ صبح جو تازا توانا ٿي اچجو”. هيءُ هو استاد علي محمد، ذات جو ڏنئور ۽ ڊڀري جي ڀرسان ڏنئورن جي ڳوٺ کان ايندو هو. سندس چماٽ اڄ به مونکي ياد آهي. ۽ نصيحت پڻ. نصرالله ۽ مون کنيا ڪتاب، ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين ته استاد وري سڏ ڪيو. ٻئي ڄڻا وري حاضر ٿياسين ته استاد چيو ته: “وڃي آرام ڪجو. پر جيڪڏهن گھٽين ۾ رليا آهيو ۽ مونکي خبر پئي ته اهڙي ڪندوسانوَ جهڙي ٻرڙي ڪئي هئي ٻارن سان”!
ٻيو دفعو چماٽ کائڻ.
ٻيو دفعو به هڪ استاد جي اهڙي چماٽ ياد اٿم. ٿيو هيئن جو پنجون درجو انگريزي نواب شاه ۾ پاس ڪيم. انهيءَ سال حيدرآباد بورڊ آيو وجود ۾. سنڌ سرڪار ڪيون ڏهه جماعتون، سو پنجون ٿيو نائين جماعت ۽ اسان داخل ٿي وياسين ڏهين جماعت ۾. هاڻي انگريزي ڇهون درجو ۽ مئٽرڪ جو ڪورس اسانکي پڙهڻو پيو، يعني ٻن سالن جو ڪورس هڪ سال ۾ پاس ڪرڻو هو.
دماغ ۾ ڳالهه وهي ڪانه. آلجبرا، جاميٽري، حساب، انگريزي جنهن ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما جهڙوڪ هيمليٽ، ايز يو لائيڪ اٽ، ميڪبيٿ ۽ نظم ۾ وينچيسٽر بڪ آف ورس، تنهن کان سواءِ جاميٽري تن ته مٿو ئي ڦيرائي ڇڏيو. ۽ آلجبرا سا ته کوپڙي ۾ وهي ئي ڪونه. استاد جيڪو ڪلاس ٽيچر هو، اهو سائنس ۽ انگريزي سبجيڪٽ پڙهائيندو هو. سندس نالو هو استاد عبدالجبار، ذات جو کوسو هو. سندس منهن تي هئي وڏي ڏاڙهي. هو وڏو هوشيار ۽ جنهن مهل پڙهائڻ ڪندو هو شروع ته سڄي ڪلاس ۾ ٽلندو هو مور وانگر. پر فارسيءَ جي چوڻي مطابق “زبانِ يار من ترڪي نمي دانم نمي دانم”، سو هڪ ڪن کان ٻڌون ته ٻئي کان نڪريو وڃي. هڪ ڏينهن سوالن جوابن جو پيرڊ هو. هر هڪ کان سوال پڇندو ويو ۽ مون تي هٿ رکي چيائين: “Who was Hemlat?” يعني هيمليٽ ڪير هو؟ مون ٻڌايو هڪ جي ٽين. سو ڀَرُ ڪري جو هنيائين چماٽ ته واڇن مان گگ نڪري وئي ۽ ڪنن مان ٺڪاوَ نڪري ويا، ۽ ڪن وڄڻ لڳا.
جڏهن رٽائر ڪيم ته مونکي پنهنجي اڳوڻي پرنسپال محمد هارون سومري صاحب فون ڪري چيو ته ادا اڄ استاد عبدالجبار کوسي ڏي وڃڻ جو پروگرام آهي جو ان تي فالج جو حملو ٿي پيو آهي، سو تون به اچ ته هلون. مون کي به گھڻا سال ٿي ويا هئا جو سائينءَ جو ديدار ڪونه ڪيو هئم، سو جلديءَ ۾ تيار ٿي گبچاڻيءَ وياسين. کيس پيرن تي هٿ رکيم ته پاڻ ڏي ڇڪي ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين ابا! ايتريون ديريون؟ کيس به اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ مون به روئي ڏنو. اِهو به ٻڌايائين ته غلام سرور کيڙو به آيو هو ۽ ان سان ڪافي ڪچهري ٿي هئي. مون موڪلائڻ کان اڳم مذاق طور، کيس چيو ته: “سائين اوهانجي چماٽ اڄ به ياد اٿم”. ته چيائين ته ابا! “تڏهن ته هي حال ٿيا آهن”!
سج لٿي واپس ڳوٺ آيم ته سائين محمد هارون جي فون آئي ته سائين عبدالجبار وڃي ڌڻيءَ کي پهتو!
استاد قادر بخش اڄڻ جا ون يونٽ لاءِ تاثرات
ٽيون پرائيمري پاس ڪيم ۽ چوٿين ۾ داخل ٿيس، ته هڪ ڏينهن منهنجو استاد سائين قادر بخش اڄڻ پنهنجي ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌي آيو. سڀني استادن کانئس ان جو سبب پڇو ته روئي ڏنائين. ۽ سڏڪا ڀريندي پنهنجي امڙ جي فوت ٿيڻ جي خبر ڏنائين. سڀني استادن افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيڻ جي باري ۾ بيماريءَ جو سبب پڇيائون. تنهن تي ڏکويل انداز ۾ ڳيت ڏئي چيائين: “ته ادا منهنجي سنڌ امڙ وري ڌارين جي چنڀي ۾ هلي وئي”! وري چيائين ته: “مس مس 1936ع ۾ انگريزن کان آزاد ٿي ۽ هينئر وري پنهنجن جي هٿان وڪرو ٿي غيرن ۽ غاصبن جي ور چڙهي وئي”. سڀ استاد ڏانهس نهاري تعجب ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيا هئا ۽ سوچ ۾ پئجي ويا، ۽ کيس چيائون ته سنڌ ڪاڏي ويندي، جتي آهي اتيئي هوندي، ۽ ڇا ٿيو آهي؟.
سائين قادر بخش کين سمجھائي رهيو هو ته اوهان سمجھو ڪونه ٿا، ميان هاڻي اوهان حيدرآباد سنڌ، ڪراچي سنڌ، نواب شاه سنڌ ۽ سکر سنڌ وغيره وغيره نٿا لکي سگھو! تنهن تي ٻين چيو ته پوءِ ڇا لکبو؟. ته وراڻي ڏنائين ته: “هاڻي ويسٽ پاڪستان لکبو ۽ سنڌ جيڪا ايامن کان پنهنجي تشخص سان ڄاتي سڃاتي ويندي آهي جنهن جو ذڪر رگ ويد ۾ به ڏنل آهي اها هينئر فوت ٿي وئي. هاڻي سنڌوءَ تي، انجي زرخيز زمين تي غير سنڌي ايندا ۽ قبضا ڪندا ۽ اسانجي زمين تي آباديون ڪري اسان جي هنياءَ تي مڱ ڏريندا ۽ اسان وات پٽي پيا ڏسنداسين ۽ ڪري ڪجھ ڪونه سگھنداسين!
اسان ننڍا ٻار استادن کي ڏسي رهيا هئاسين. سمجھ ۾ ڪجھ به نه پئي آيو. سائين قادر بخش سنڌ جي زميندارن کي خاص ڪري سياستدانن کي گھٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو.
هي پهريون دفعو هو جو اسان اسڪولي ٻار سنڌ جي سياست تي خاموشيءَ سان اهو ڪجھ ٻڌي رهيا هئاسين جيڪو اسانجي سمجھ کان بالاتر هو.
سائين قادر بخش واتان جيڪو ڪجھ اسان ٻڌو اهو سائين محمد عيسيٰ اڄڻ جيڪو انهن ڏينهن ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ڊرائينگ جو استاد هو ۽ سياسي سمجھ رکندو هو، انجي تعليم جو اثر هو. جڏهن به موڪلن ۾ پنهنجي ڳوٺ اڇي مسجد ايندو هو ته اسان جي ڳوٺ به ايندو هو ڇو ته ناني حاجي خان، مامي شاهنواز، خانصاحب غلام محمد ۽ بابا سائين توڙي چاچي رحيم بخش سان ملڻ ايندو هو.
ڪچهريءَ جو مور هو. سندس گھر وارن سان اسانجي خانداني ڏيٺ ويٺ هئي ۽ شادين توڙي غمين ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، بلڪ راتين جون راتيون شاديءَ جي رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٽڪي پئبو هو.
سائين محمد عيسيٰ هميشہ مٿي تي پشتو ڪُلُو ۽ ويسٽ ڪوٽ پائيندو هو. جڏهن به بلدياتي اليڪشن ٿيندي هئي ووٽ اسان جي ڳوٺ جي اميدوار کي ڏياريندو پر پنهنجي ڳوٺ جي اميدوار کي ڪونه ڏيندو. جڏهن به کانئس پڇيو ويندو هو ته اوهانجي ڳوٺ جو اميدوار آهي انکي ڇو نه ٿا ووٽ ڏيو ته چوندو هو ته: “لاڙڪ منهنجا اباڻا آهن انهن کي ڪيئن ڇڏيان”. ايتري حد تائين خلوص اسانجي خاندان سان سندس هو. پاڻ 1971ع ۾ وفات ڪري ويو.
سندس پٽ ظفر منهنجو ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ بدر جو به دوست هو. مئٽرڪ ٻنهي گڏ هڪڙي ئي سال ۾ يعني 1962ع ۾ ڪئي سون. مئٽرڪ پاس ڪيائين ته محمد ابراهيم جويي سان سندس والد ملاقات ڪرائي، جو انهن ڏينهن ۾ جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو. ظفر جون صلاحيتون ڏسي هن کيس نوڪري ڏني. هڪ ته پاڻ هوشيار ٻيو وري جويو صاحب جي شراڪت تنهن ته ويتر سون تي سهاڳي وارو ڪم ڪيو. جو سندس شرير ۾ هڪ انقلاب اچي ويو.
ظفر جيڪو ٻهراڙيءَ جو نوجوان هو اهو ساڳيو نه رهيو. بلڪ ننڍي عمر ۾ Intellectual بڻجي اڀريو. سندس خيال، سوچون ۽ نظريا اهڙا ته انقلابي نکري نروار ٿيا جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي به پسند آيا.
1977ع جي مارشل لا لڳڻ سان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن، معتقدن ۽ محسنن تي وڏا ڏکن ۽ ڏولائن جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته هن نوجوان کي به گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏا وجھ وڌا ويا. پر هن اُڏار ڪئي ۽ وڃي دهليءَ پهتو. پورا ست سال جلاوطن ٿي زندگي گذاريندو رهيو. 1988ع ۾ جڏهن جنرل ضياالحق هوائي حادثي ۾ گذاري ويو ۽ بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي ته پوءِ هي نوجوان وطن موٽي آيو ۽ بينظير جو پوليٽيڪل اسسٽنٽ ٿي ويو ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪندو رهيو. هن وقت به جڏهن اڇي مسجد پنهنجي ڳوٺ ايندو آهي ته ساڻس ملاقات ڪندو آهيان ۽ موڪلائڻ لاءِ اٿندس ته ڇڏيندو ئي ڪونه.
سندس گھر وارن سان اسانجي خاندان جو ساڳيوئي رشتو قائم دائم آهي. پاڻ پهرئين جولاءِ 2019ع تي هن فاني دنيا مان موڪلائي اوڏانهن هليو ويو جتان آيو هو.