باب ٽيون: تعليمي ماحول
ميهڙ ۾ وڪالت ڪرڻ جو مشورو مرحوم شمس الدين بلبل ڏنو هو جو سندس مذهبي پرچار جيڪا تقرير ۽ تحرير وسيلي ٿيندي هئي هندو زميندار ۽ وڪيل سندس مخالف بنجي ويا هئا ۽ سندس مٿان ڪيس ڪيو هئائون. اهي سڀ ڳالهيون اسان کي ناني سڳوري ٻڌائيندي هئي. وڌيڪ ٻڌائيندي هئي ته ميهڙ جي تر جا زميندار جهڙوڪ جتوئي، مهيسر ۽ ٻٽ سندس دوست ٿي ويا هئا. انهيءَ وقت ۾ زميندار جيڪي مسلمان هئا تن ۾ به گھڻي حد تائين شرافت، ديانت ۽ خلوص هو ۽ گھڻو ڪري مسلم ليگ ۾ شامل هئا ڇو ته انگريزن سنڌ کي بمبئي سان ملائي ڇڏيو هو ۽ سنڌ جي اڪثريت سنڌ کي بمبئي کان آزادي وٺرائڻ ۾ متحد هئا. نانا سائين جيئن ته جوناڳڙه، علي ڳڙه ۽ بمبئي مان پڙهي آيو هو تنهن ڪري هن سماجي ڪارِخير ۾ سنڌي سياسي ليڊرن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي ڀرپور نموني ساث ۽ اخبارن خاص ڪري “الوحيد” ۾ پنهنجا مضمون موڪلي ڏيندو هو ته جيئن نئين نسل کي آگاهي ملي سگھي. “الوحيد” اخبار جيڪا 1936ع ۾ آزادي نمبر جي شماري سان شايع ٿي تنهن ۾ سندس مضمون به هڪ شاهڪار جي حيثيت ماڻو چڪو آهي، ۽ اها اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي.
وڪالت جي پيشي مان نانا سائين ٿورو گھڻو جيڪو پيسو گڏ ڪيو تنهن مان ڏاڏي الهه اُڀايو کي ڏيندو ويندو هو، اهو وري ان پيسي مان زمين جو ٽڪرو وٺندو ويندو هو ۽ پوءِ آباد به پاڻ ڪندو هو. نتيجي ۾ هن خاندان ۾ جيڪا غربت ۽ مفلسي هئي تنهن ۾ گھٽتائي ايندي وئي ۽ ان جي ڪري عزت ۽ مَانَ مرتبي ۾ اضافو ٿيندو ويو.
نانا ڳوٺ ايندو هو ته ميهڙ کان درياءَ تائين اُٺ تي چڙهي ايندو هو ۽ تڳرن وارو پتڻ ٻيڙيءَ ۾ پار ڪري وري ڳوٺ تائين اُٺ تي چڙهي ايندو هو. کيس ڳوٺ وارا “خانصاحب” ڪري سڏيندا هئا.
نانا سائين پنهنجي پيشي سان سچو ۽ ماڻهن جو همدرد، غريب جو غمخوار هو. ڇو ته پاڻ به هڪ غريب خاندان سان واسطو رکندڙ هو، ۽ کيس چڱي طرح ڄاڻ هئي ته غربت ڇا آهي ۽ هڪ غريب جي زندگي ڪهڙي اذيت واري گذري ٿي. ان جي ابتڙ وڏا ماڻهو ۽ جاگيردار ڪهڙي ريت انهن غريبن سان ڏاڍايون ڪن ٿا ۽ سندن زمين جي ٽڪري تي ميري اک رکيو ويٺا ٿا سندن ننگن تي بري نظر وجھن ۽ زوريءَ توڙي چوريءَ سندن مٿان ظلم ڪن جن جي پاداش ۾ پيا ٿا پيڙهجن. کانئن في ته وٺندو هو مگر معمولي. انجي باوجود پاڻ قناعت سان رهندو هو، ۽ چار ڏوڪڙ بچائي پٽ، ڀائٽين ۽ ڀاڻجن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ کين مالي مدد ڪندو هو، جن ۾ منهنجو والد، محترم غلام محمد، چاچو رحيم بخش، محمد ابراهيم، ۽ منهنجو سهرو محمد عمر هئا. بابا سائين ٻڌائيندو هو ته هر مهيني هر هڪ ڏانهن مني آرڊر ڪري موڪليندو ويندو هو، ۽ پيئسا موڪلي رب پاڪ جا شڪرانا بجا آڻيندو هو.
صبح جي نماز، قران پاڪ جي تلاوت سندس زندگيءَ جو معمول هو. پاڪائي ۽ صفائيءَ جو وڏو خيال ڪندو هو. ايتري حد تائين جو ڪو اصيل ٻيڙي يا سگريٽ پي ايندو هو ته انکي چوندو هو ته وڃ پهرئين پنهنجو وات صاف ڪري اچ.
ميهڙ ۾ ٻيا به هندو وڪيل قابل هئا، مگر انهن کان ڪڏهن به مرعوب نه ٿيو. سندس تحرير ۽ تقرير کان هندو وڪيل به متاثر هئا، مطلب دادو ۽ لاڙڪاڻي جو مشهور ۽ معروف وڪيل هو.
پاڻ سچو مسلم ليگي هو. ان ڪري 1946ع واري اليڪشن ۾ مسلم ليگ جي اميدوار کي ووٽ ڏنائين ۽ پنهنجي ڳوٺ کي پولنگ اسٽيشن قائم ڪرايائين. تڏهن کان وٺي اڄ تائين اسانجو ڳوٺ پولنگ اسٽيشن ٿيندو پيو اچي.
1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ نواب شاه ضلعو ٿيو ته نانا سائين به ميهڙ کي خدا حافظ چئي نواب شاه ۾ گھر خريد ڪري وڪالت شروع ڪئي. گھڻا هندو وڪيل هندستان لڏي ويا تنهن ڪري هت وڏو خلا پيدا ٿي پيو پر ناني جي زندگيءَ جو ڏيو 1948ع ۾ هميشہ لاءِ وسامي ويو.
اسانجو ڳوٺ ۽ ان ۾ رهندڙ قومون / ذاتيون
پاڪستان ٺهڻ کان اڳم اسانجي ڳوٺ ۾ هندو ڪافي تعداد ۾ رهندا هئا. ڪن کي زمينون هيون ۽ ان سان گڏ دوڪان ۽ هٽ به هوندا هين، جن کي هٽ واڻيا سڏيو ويندو هو، مثلاً ڍولو، شِوَنُ، ريلو وغيره. ڳوٺ ۾ اهي هندو مسلمانن سان گڏ پڙهندا هئا ۽ مسلم آباديءَ سان سندن برتاءُ ڀائرن جهڙو هوندو هو. ڦڏي فساد کان پري هئا. ملهه، ونجھوٽي، ڪوڏي ڪوڏي راند ڪندا هئا ۽ ڪي ته پهلوان هئا، ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻي ويندا هئا. ڪي وري زمين ۽ کيتي ٻاڙي به ڪندا هئا. اسر ويل ڏاندن جا جوڙا ڪاهي نيرن مهل ايڪڙ زمين جو کيڙي موٽي ايندا. هر طرف امن اَمانُ هو، ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ ڪونه هو ۽ ڏاڍو شانتيءَ سان رهندا هئا. سندن عورتون به مسلمان زائفن سان کل خوشيءَ سان رهنديون هيون. جڏهن بئراج ٺهيو ۽ لاڙڪ مائنر کوٽي وئي ته شاخ جي ڪپر تي ويهي ڪپڙن سوڌو وهنجنديون هيون ۽ ٻارن توڙي مردن جا ڪپڙا ڌوئي هليون وينديون هيون. مگر ڪنهن به مسلمان جي دل ۾ ڪو برو خيال نه ايندو هو. ڏاڏي خانڻ جي کوه تي اچي اُهي هندو عورتون پاڻي ڀري وينديون هيون. جڏهن به ڪو هندو پرلوڪ پڌاري ويندو هو ته ڳوٺ جي ڀرسان سندن مقام هو جنهن کي “مسڻ” چيو ويندو آهي، اتي لاش کي اگني سنسڪار ڪيو ويندو هو جيڪو اڄ به موجود آهي، مگر هاڻي مسلمانن ان تي قبضو ڪري زمين تي آبادي ڪري رهيا آهن.
ڳوٺ جو اسڪول
اسانجي ڳوٺ ۾ اسڪول جيئن ته 1890ع ۾ قائم ٿيو هو ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿيو. ڳوٺ کان علاوه پري پري کان مسلمان توڙي هندو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، جهڙوڪ ٺارو، لوڪومل، موهن داس، چئنچل، ريلومل هي سڀ هن ئي ڳوٺ جا رهواسي هئا. سندن گھر سڄي ڳوٺ جي وچم ۾ هوندا هئا. ان کان علاوه اَڇي مسجد جا لوهاڻا به هت پڙهڻ ايندا هئا.
هندو استاد جيڪي پري پري کان بدلي ٿي ايندا هئا ته پاڻ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ کان ٻه چار هوشيار شاگرد به وٺيو ايندا هئا، مثلاً سعيدپور جيڪا ڪنڊياري جي ڀرسان آهي اتان به شاگرد هت پڙهندا هئا. سندن اهڙي داخلا رجسٽر ۾ داخل آهي. سنڌي فائنل جنهن کي ڪاميٽي چيو ويندو آهي، جي تياري ڪري، ڪاميٽيءَ جو امتحان پاس ڪري وڃي ماستر ٿيندا هئا. درٻيلي کان هڪ هندو “لڌو” نالي هت پڙهڻ ايندو هو.
پاڪستان ٺهڻ سان اهي ڌرتيءَ ڌڻي ڪي ڄام صاحب، ميرپور خاص کوکراپار کان ٿيندا هندستان لڏي ويا ۽ پوءِ سڄي هندستان ۾ ٽڙي پکڙي ويا. ڪي ته واٽ تي لٽجي ويا ۽ ڪي عزتون لٽائي بي گور و ڪفن جانورن جو کاڄ ٿي ويا. اهڙا مذڪور، ناولن، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن، جن کي پڙهڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي. ڪنهن عوامي شاعر کي شايد اهڙي پروڙ اڳم پئجي چڪي هئي جو چئي ڇڏيائين ته:
ڪڻا منجھ قرار هئا هيڪاندا سنگ ۾
ڳـــاهي ڳـــاه فراق جي، ڪـيا ڌارون ڌار
نه ڄاڻان ٻيهار ته ڪير ملندا ڪن سين.