باب چوٿون: بابا طرفان نئين ڪار وٺڻ
جڏهن به ڪنهن چاڙهيءَ تان هيٺ لهندي هئي ته اندر ۾ هڪ قسم جون ڪتڪتاڙيون نڪري وينديون هيون. آمريڪن گاڏي ليفٽ هينڊ ڊرائيو هئي. سيٽون اهڙيون نرم ۽ آرامده جو وهڻ سان سمجھبو هو ته ڪنهن شاهي تخت تي ماڻهو ويٺو آهي. اها ڪار، بابا ٻڌائيندو هو ته ٻاويهن هزارن ۾ ورتي هئي. هاڻي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ ڇا ته روپئي جو قدر هو. ٻن روپين ۾ هڪ گيلن پئٽرول ملندو هو.
ادا بدر ۽ مان لڪي سگريٽ پيئندا هئاسين. گھنٽاگھر جي هيٺان هڪ پان ٻيڙيءَ جي مانڊڻي هوندي هئي جتان سگريٽ وٺندا هئاسين. سگريٽ جو پاڪيٽ ٻن روپين ۾ ملندو هو. سندس برانڊ نالو “برڪلي” هو. يا وري ڪڏهن ڪڏهن “ايس” ٻيڙي جي پڙي وٺبي هئي جيڪا انڊيا کان ايندي هئي ۽ هڪ روپئي ۾ ملندي هئي جنهن ۾ ويهه ٻيڙيون هونديون هيون.انڊيا جي ململ به ايندي هئي ۽ عام جام ملندي هئي جو گرمين جي منڌ ۾ ان ململ جا پهراڻ امان پاڻ ئي سبي ڏيندي هئي.
سکر سنڌ ۾ مرڪزي حيثيت ماڻي چڪو هو، اتر ۾ پنجاب، اولهه ۾ بلوچستان، ڏکڻ ۾ ڏاکڻي سنڌ جا علائقا موجود هئا، تنهن ڪري هيءُ شهر اناج منڊي، فروٽ منڊي، مشنري ۽ ڪپڙي جو مرڪز هو. واپاري به گھڻو ڪري ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي هئا. سندن دوڪانن تي هڪ ئي اخبار ڏسبي هئي جيڪا گجراتي ٻوليءَ ۾ هئي. شام جو اهي واپاري بندر روڊ تي ڇنڪار ڪري موڙن تي ويهي ڪچهري ڪندا هئا. سندن هڪ پئنچاتي هال ٺهيل هوندو هو جنهن تي “سورٺ پئنچاتي هال” لکيل هوندو هو، جنهن ۾ سندن زالون ۽ ٻار هڪ ٻئي سان ملي خوش پيا ٿيندا هئا.
روزانو شام جو باغ ۾ سڀ ڀائر گھمندا هئاسين. اگر امان به آيل هوندي هئي ۽ ادي زيبل به کڻي ايندي هئي ته سڀ ڀائر خوش. هوءَ به هوندي هئي ٻن سالن جي ته انکي به باغ ۾ گھمائيندا هئاسين. باغ ۾ مالهي توريون، ڀينڊيون ۽ ڪريلا پوکيندو هو ته اهي پٽي آڻي امان کي ڏينداسين. بورچي ته هو پر امان جي هوندي بورچي رڳو ماني پچائيندو هو.
ڪاري مٽ ۾ بهه:
اٺين نائين تائين ٻيرن وارو اچي هوڪا ڏيندو ته “حاجي ٻير” وٺو، يا وري بهن وارو مٿي تي ڪارو مٽ رکي، ڪلهي ۾ چار پنج فوٽ اسٽول جيڪو پڻ سَرَنَ جي ڪانن سان ٺهيل هوندو هو، ان تي مٽ رکي هوڪا ڏيندو هو ته “بهه وٺو” ته امان کان پيسئا وٺي مٺ ۾ وجھي ان ڏانهن روڊ تي ڀڄنداسين اُهي بهه ڏاڍا لذيذ هوندا هئا، ڇو ته ٻاڦ تي تيار ٿيل هوندا هئا. مٿان ٿورو لوڻ ۽ انب چور وجھي ڏيندو ته انهن ۾ اڃان وڌيڪ لذت اچي ويندي هئي. هن مهل به اکيون بند ڪري تصور ٿو ڪجي ته وات پاڻي ٿيو وڃي.
سکر جڏهن بورڊ ۾ پيپر چيڪ ڪرڻ ويندو هوس ۽ شڪارپور روڊ تي بهن واري مٽ تي نظر پوندي هئي ته بيهي رهندو هوس ۽ بهه کائي ساڳيو مزو وٺي پوءِ اڳتي ويندس ۽ ائين محسوس ٿيندو ته هڪ نئين جوت ملي وئي. ۽ اڃان به ڪڏهن ڪڏهن سکر وڃڻ ٿيندو هو ڪم سانگي، ته ادا اڪبر، ادا خالد ۽ ڊاڪٽر غضنفر وٽ بئراج ڪالوني ۾ مهمان ٿي رهندو هوس ۽ صبح جو ڪو هوڪو ٻڌندو هوس ته ڪن اُپڙا ٿي ويندا هئا ته بهن وارو اچي ويو.
رات جي ٽائيم ۾ اڪيلوئي درياءُ شاه جي ديدار لاءِ نڪري ويندو هوس. پنج گلي تي بيهي ساڳئي بنگلي تي نظر وجھندو هوس ته اکين اڳيان ساڳيو منظر تري ايندو هو، جنهن ۾ ڏسندو هوس ته بابا، امان، ادا اڪبر ۽ ننڍڙي زيبل هڪ ئي ٽيبل تي ويهي ڪچهري ڪري رهيا آهن ۽ اسان ننڍا ڀائر باغ ۾ ڄمونءَ جي وڻ تي چڙهي، ڄمون پٽي هڪ ٻئي کي کارائي رهيا آهيون.
هڪ ساڌهوءَ جو اڪثر اچڻ.
سکر بنگلي تي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ساڌهو ڳچيءَ ۾ مڻيا ۽ مختلف رنگن جون تسبيحون، ڪِرائِنِ ۾ ڪولاب، ڳچيءَ ۾گيڙو ٿيل ڳارو ۽ جسم تي وڏو صوفياڻو جبو، ڪلهي ۾ ڪشتو، پيرن ۾ چاکڙي پائي ايندو هو ۽ هي ٻول پيو جھونگاريندو هو:
الله اڃـــــان جــــڳ ۾ پـيــو سـورن ڪــاڻ جياري.
هڪ وطن کان وڇڙياسون ٻيو يار جدائي ڪئي
ٽيون پنهنجا پراوا ٿيا چوٿون ڇڙٻون ڏين هر هر.
بابا کيس خير ۾ ڏيندو ۽ ساڻس ڪچهري به ڪندو هو. فقير به هو ڪو الهه لوڪ تنهن ڪري بابا اسانکي به سڏي چوندو هو ته ويهو ۽ هن فقير جون ڳالهيون ٻڌو جو آهن سندس ڳالهيون ۽ گفتا سٺا. بابا هر دفعي کانئس سندس نالو پڇندو هو، ته هو چوندو هو ته سائين نالو آهي الله جو جنهن هيءُ ڪارخانو بنايو آهي، اسان ته آهيون گندا بندا ۽ اسانجي آهي ڪهڙي حيثيت! وري بابا کانئس پڇندو هو ته ڀلا اهو بيت جيڪو تون ڳائيندو آهين انهيءَ جي معنيٰ ته ٻڌاءِ، ته چوندو ته سائين هيءَ حياتي آهي سڄي سور سو مالڪ جي مرضيءَ سان پيا ٿا جيئون. ورنه اصل ۾ ته آهي بندي خانو. ڇو ته جتان آيا آهيون اسان جو ماڳ مڪان ته اهو آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ جنهن مالڪ مٽي ۽ پاڻي کڻي اسانجو هي بوتو ٺاهيو آهي ۽ وري هت بندي خاني موڪليو آهي تنهن ته ويتر جھوري وڌو آهي. ۽ انجي جدائي ۾ وتون ٿا در در جون ٺوڪرون کائيندا، ۽ هن دنيا ۾ ڪير به ڪنهن جو ڪونه آهي. ۽ ابو امان به ڇڏي ويا سو هاڻي هر ڪو ٿو ڇڙٻون ڏئي، ۽ ڌڪاري، ۽ چئي ته فقير تنگ نه ڪر. سائين فقير ته فقير آهي ڪنهن کي تنگ ڇو ڪندو؟ فقير کي گھرجي قرب ۽ محبت، سو مان ته اهي ٻئي شيون گھران ٿو ۽ توهان جهڙا اسانکي ڏين ڏوڪڙ. ڀلا ڏوڪڙ يا دولت ڪنهن سان وفا به ڪئي آهي؟ جيڪو اسانجو مالڪ آهي، يار به اهو آهي. ڀلا ٻئي سان ياري رکي ڇا ڪبو؟ يار اهڙو ڪجي جيڪو ڏئي نه پچاري. عالمِ ارواح ۾ ان مالڪ سان ياري هئي، هاڻي هتڙي جو آياسون ته جدائي ٿي وئي، تنهن ڪري حيران ۽ پريشان ٿي اهي الفاظ جھونگاريندو آهيان ته من مالڪ راضي ٿئي ۽ اباڻي گھر موڪلي، باقي هن دنيا ۾ رهي ڇا ڪبو. پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو هو ته: “سائين هيءَ دنيا آهي دورنگي ۽ ٻمنهين بلا تنهن ڪري هن کان ڀڄ پري!”. جو ڪاٿي کائي نه وجھي. هن جو زهر ماڻهوءَ کي ماريندو ڪونه آهي، پر ان ماڻهوءَ مان ماڻهپو نڪري ويندو آهي ۽ پوءِ دنيا جي طلب هن ۾ وڌي وڃي ٿي.
دنيا فقط مال ۽ عزت جي محبت جو نالو نه آهي، بلڪ موت کان اڳ جنهن به حالت ۾ اسان آهيون اها سڀ دنيا آهي. دنيا جي محبت سڀني گناهن جي پاڙ آهي. ضرورت کان وڌيڪ پيسئو پاڻ وٽ نه هوندو ته دل ۾ ڪو به وسوسو پيدا نه ٿيندو ۽ نه وري وات کي مزو ايندو ۽ نه وري مال اسباب جي ڪري دل ڪاري ٿيندي. هي ساڌو فقير ڪٿان ايندو هو ڪا به خبر نه آهي.
ٻيو مجذوب فقير.
مارڪيٽ جي پويان هڪ ٻيو به فقير رهندو هو. سندس نالو ته معلوم نه آهي، البته کيس “قاضي فقير” ڪري سڏيو ويندو هو. سندس آستاني تي ڪيتريون زائفون ۽ مرد چوڌاري گول دائري ۾ سوالي بڻجي ويٺا هوندا هئا. فقير ڪنهن سان ڪونه ڳالهائيندو هو. بس هردم خاموش. سندس جسم تي ڪو به ڪپڙو نه هوندو هو. يعني الف ننگو. سياري توڙي اونهاري ۾ انهيءَ حال ۾ هوندو هو، تڏهن به ماڻهن جو هجوم.
هر وقت مرد ۽ زالون کيس پيا زور ڏيندا، ۽ پنهنجا دکڙا بيان ڪندا، ۽ کيس مخاطب ٿي چوندا ته: “قاضي هيءَ تڪليف دور ٿئي”. قاضي ڪنهن ڏي به ڪونه نهاريندو. پر جنهن مهل ڪنهن سائل کيس بار بار التجائون ڪيون ته ڪاوڙ ۾ اچي فقير کيس گاريون ڏيندو ۽ جوش ۾ اچي زيرناف وار پٽي هٿ ۾ ڏيندو هو. ته اهو سائل خوشيءَ ۾ نه ماپندو ۽ کلندو هليو ويندو هو. يعني انجو ڪم ٿي ويو. هي سڀ ڇا هو؟ اهو ته رب ڄاڻي. ايترو سمجھ ۾ اچي ٿو ته هي سڀ آهي ويساه. سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته وڏو آهي ويساه، پوءِ جي بنڊ ۾ به آهي ته ڪم ٿي وڃي ٿو. باقي بنڊ ته بنڊ آهي، اهو ڇا ڪندو، سو به سڪل ڪاٺي جيڪر وجھينس چلهه ۾ ته ٻري خاڪ ٿي پوي.
امر جليل، قمر شهباز ۽ نسيم کرل، توڙي جمال ابڙي انهيءَ موضوع تي کوڙ ساريون ڪهاڻيون لکيون ۽ سنڌي معاشري کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان سنڌي ڪٿي ٿا انهن تي عمل ڪيون.
قران پاڪ ۾ به جيڪي مڪي سورتون آهن انهن جو خلاصو به اهوئي آهي ته رب پاڪ کانسواءِ نه ٻئي جي آڏو جھڪو ۽ نه وري گھرو. پر انسان آهي جاهل تنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هن حضرت انسان ڪڏهن سج جي، ڪڏهن چنڊ جي، ته وري ڪڏهن نانگ جي ته وري ڪڏهن وڻ جي به پرستش ڪئي آهي. ۽ اڃان به سندس ساڳي روش هلي پئي يعني مير جي، پير جي، وڏيري جي، ڀوتار جي. هاڻي ته ائين به چيو ويندو آهي ته پير ميرو ته به پنج سيرو.
علم پاڪ جو طواف:
1985ع جو واقعو آهي. مان ادا شيرل وٽ گرمين جي موڪلن ۾ ڪراچي ويس. اولاد ڪونه هو سو ڀاءُ مونکي هڪڙي مولائي مڙس، جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ خير وٺڻ گلشن اقبال واري علائقي “حور پيليس” ايندو هو، ڀاءُ منهنجي باري ۾ کيس اڳم ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، تنهن وٽ دعا واسطي وٺي هليو. ان مولائيءَ جو آستانو ريلوي لائن تي جيڪا ڪراچيءَ جي سرڪيولر ريلوي ڪري سڏبي آهي، واقع هو. فقير سان ملاقات ٿي. ڏاڍو پاٻوه سان مليو. خدمت به ڪيائين. ۽ آخر ۾ چيائين ته: “حاجي صاحب هي عَلَمُ پاڪ آهي ان جي چوڌاري ست چڪر ڏئي دعا گھر ته پٽڙو ڄمندو” يعني انهيءَ عَلَمُ پاڪ جو طواف ڪر. تنهن تي مون کيس چيو “ادا طواف ڪبو آهي بيت الله جو، باقي هي ڪاٺ جو لڪڙو آهي سو ان جو طواف معنيٰ؟” ته ڏٺم ته همراه جي منهن جو پنو ئي ٻيو ٿي ويو، ۽ ڪاوڙ ۾ سڌو ٿي سمهي پيو. پوءِ ٻئي ڀائر فليٽ تي موٽي آياسين.
هڪ پٺاڻ جو سکر اچڻ: (لطيفو)
اڳئين دور ۾ هر ٽيشن تي ٽانگا بيٺل هوندا آهن. سکر اسٽيشن به ائين هو، ۽ ٽانگن وارا سکر سکر پيا چوندا آهن. هڪ پٺاڻ ڪوئٽه کان سکر جي اسٽيشن تي اچي لٿو. ٽانگن وارن جو هوڪو ٻڌي سمجھائين ته سکر اڃان اڳڀرو آهي، سو چڙهي ويٺو. ٽانگي واري کيس لاٿو ٽاور تي. ته ٻيا ٽانگي وارا سکر سکر جا هوڪا ڏئي رهيا هئا. هن همراه سمجھو ته شايد سکر شهر اڃان اڳتي آهي سو وڃي ويٺو ٽانگي ۾ انهيءَ کيس پراڻي سکر هلي لاٿو. ته اتان وري ساڳيا هوڪا ٻڌائين سکر سکر. هي همراه وري ٽانگي ۾ چڙهي ويٺو. ۽ ان وري کيس ٽاور تي لاٿو، ته ڏٺائين ته ساڳيو ٽاور سو ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين: “او خانا خراب! سکر ڪدهر هي”
ادا بدر جو ٻيو دوست
ادا بدر جو اسڪولي دوست اسٽيشن جي پويان ذات جو بلوچ رهندو هو. سندس نالو قادر بخش هو. ٻئي ٽئين ڏينهن بنگلي تي سائيڪل تي چڙهي ايندو هو. اسان به ڏانهس ويندا هئاسين. دل جو ڏاڍو سخي هو. سندس گھر وري ڪهڙا هئا بس ڪکاوان جھڳين نما. سندس والد ۽ والده به ڏاڍو قرب ڏيندا هئا. جيئن ئي اسان ڀائرن تي سندن نظر پوندي ته بسم الله بسم الله چئي کڻي ڀاڪر ۾ وجھندا. بس پوءِ ٻروچڪا کٿا کٽن تي وڇائيندا ۽ ان مهل ڪنهن رڍ کي ڏهي چانهه جي ڪٽلي باه تي رکندا، ۽ ٿوري دير کانپوءِ وڏا پيالا ڀري اچي سامهون رکندا.
سندن والده ته اهڙي قرب واري هئي جو هر هر ڳراٽڙيون پائيندي هئي. اسان سندس قرب، پيار، ۽ انس کان ايترا ته متاثر ٿي ويندا هئاسين ڄڻ ته هوءَ اسانجي به امان آهي. هيئنر به سندس چهرو، ۽ پوشاڪ اکين جي اڳيان، اکين کي بند ڪرڻ سان ڦري رهيو آهي، ۽ سندس ڀريل چانهه جا پيالا اڄ به ياد ٿا اچن جن ۾ محبت وارو ميٺاج، ممتا جي روپ ۾ روح کي راحت بخشي رهيو آهي.
هي سڀ ان ڪري هو جو قادر بخش هڪ غريب ماڻهوءَ جا اسان دوست هئاسين ۽ انکي بابا سائين به اهو پيار ۽ محبت ڏيندو هو ۽ لازماً هو اهي ڳالهيون گھر ۾ ڪندو هوندو تنهن ڪري هن جا والدين موٽ ۾ اسانکي اهوئي ڏيندا هئا. سالڪن به ائين چيو آهي ته:
جهڙي پوکبي اُهڙي لڻبي.
مطلب ته هيءَ دنيا آهي کيتيءَ جي مثل. تنهن ڪري بزرگن جو قول آهي ته هن حياتيءَ کي کيتيءَ جي مثل بنايو، ۽ کيتي ڪرڻ کان اڳم ان کي خوب هر ڏيو. ۽ پوءِ ٻج ڇٽيو، پوءِ ويهي ڏسو ته ڪهڙي نه اوهانکي جھجھي اُپت ٿي ملي.
واقع اهو سڀ ڪجھ سچ آهي. سندس والد ٻڪريون ۽ رڍون پاليندو هو ۽ سندس گذر سفر ان تي هو. کين ٻني ٻارو ڪجھ به نه هو.
ٻه فلمون هندستاني ڏسڻ:
بابا جڏهن به گشت ۾ ويندو هو ته اسان ٻئي ڀائر يعني مان ۽ ادا بدر ٽاور تائين ٽانگي ۾ ويندا هئاسين، ۽ واپسيءَ تي به، پر ڪڏهن پنڌ به ايندا هئاسين. اسڪول ايترو پري ڪونه هئا.
هڪ دفعي پنڌ پئي آياسين ته نشاط سئنيما ۾ هندستاني فلم “بهائي بهائي” جا وڏا پوسٽر لڳل هئا، ۽ سامهون واري هوٽل تي انهيءَ فلم جا گانا مثلاً “اس دنيا مين سب سب چور چور، کوئي پيسئا چور، ڪوئي مرغي چور اور ڪوئي دل کا چور” وڏي آواز ۾ وڄي رهيو هو.
ڏهن پندرهن ڏينهن تائين ته وڏي رش هئي ٽڪيٽ ملڻ جو سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو. فلم ۾ اشوڪ ڪمار، ڪشور ڪمار، نمي، اوم پرڪاش ۽ شياما ايڪٽر هئا. آخر اسانکي به شوق ٿيو. سو پنهنجي ڊرائيور عرض محمد کي چيوسين ته ٽڪيٽ وٺي ڏئي. هو همراه هو ته پٺاڻ پر سندس دال نه ڳري، نيٺ اسانکي بليڪ تي ڇهين آني واري ٽڪيٽ ڇهن روپين ۾ هڪ شيديءَ کان وٺي ڏنائين. اهي شيدي سنيما وارن جا ملازم هوندا آهن ۽ بليڪ تي ٽڪيٽون کپائيندا آهن. ۽ سڀني وڏن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، ۽ مالڪ ائين بليڪ ڪري خوب پيسئا ڪمائيندو آهي. اگر ڪو جوشيلو جوان جوش ۾ اچي جھڳڙو ڪندو آهي ته اهي شيدي ان کي ڌڪا ڏئي سنيما کان ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن ۽ سندس خوب دهلائي به ڪندا آهن. ڇو ته انهن جي هڪ ته جسماني طاقت کان هرڪو مرعوب هوندو آهي ۽ ٻيو ته پوليس به انهن سان ڳٺ جوڙ هوندي آهي، تنهن ڪري بغير ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي اُهي اهوئي ڪندا آهن جيڪو هو چاهيندا آهن.
ساڳي سنيما ۾ ٻي فلم ڏٺي هئم. اها هئي “مسٽر اينڊ مسز 55”. هن فلم ۾ هيروئن مڌو بالا هئي ۽ ساڳيو طريقو استعمال ڪيو هيوسين. يعني ٽڪيٽ بليڪ تي ورتي هئي سين.
هن فلم کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو صبح جو ڏهين بجي ٽڪيٽ جي دريءَ وٽ بيهي رهندا هئا، ۽ ميٽني شو لاءِ سڄو وقت گرميءَ ۾ بيٺا هوندا هئا، پوءِ به ٽڪيٽ جي دري ڏهن منٽن کانپوءِ بند ٿي ويندي هئي. يعني بليڪ تي وڪرو شروع ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو هڪ ٻئي کي خالي بوتلون هڻي مٿا ڦاڙي وجھندا هئا ۽ ڪافي خون خرابو ٿي ويندو هو. تنهن ڪري هر شريف ماڻهو بليڪ تي ٽڪيٽ وٺي فلم ڏسندو هو.