باب ٽيون: ڀر ۾ سرڪاري آفيسر
محترم عبدالرسول جو مختصر تعارف.
محترم عبدالرسول ميمڻ جنهن کي اسان چاچو ڪري سڏيندا هئاسين ۽ سندس خاندان سان فيملي رستو هو، اڳتي وڌندو سيڪريٽري ايريگيشن ٿيو. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿيو. اتان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان ارسا جو ميمبر چونڊيو ويو. متنازع ڪالاباغ ڊيم، ۽ پنجاب طرفان پاڻي جي چوري ۽ سنڌ جي معيشت تي ڌاڙو انهن سڀني ڳالهين سندن جذبي کي نئون موڙ ڏنو ۽ هڪ سچي ديشيءَ جي صورت ۾ اٻوجھ سنڌي ماڻهن جي پاڻيءَ جي حقن جي ڪافي حفاظت ڪئي ۽ ڪافي عرصو لاهور ۾ انگن اکرن جي آڌار تي پنجابين کي سمجھائيندا رهيا ته هن سنڌو درياءَ تي صرف ۽ صرف سنڌي ماڻهن جو حق آهي. هنن جو موقف هو ته اهو ڪالاباغ ڊيم ٺاهي پاڻيءَ کي محفوظ ڪبو ۽ پوءِ ضرورت جي مطابق انکي استعمال ڪبو. ان کان علاوه آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ جيڪو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ٿو انکي پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي استعمال ڪبو. سنڌ جي عالمن شريعت عدالت ۾ درخواستون داخل ڪيون، سنڌ جي حق ۾ فيصلا به آيا ليڪن ڳالهه اها آهي ته ان تي عمل ڪير ڪرائي. بس ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. ٿيو ڪجھ به ڪونه. چاچو عبدالرسول آخر وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو. سندس خدمتون تاريخ جي ورقن ۾ هميشہ ياد رهنديون.
1956ع ۾ سکر ۾ درياهه جو بند ٽٽڻ
1956ع ۾ سنڌو درياه جو بند پراڻي سکر کان زنده پير وٽان ٽٽو ۽ روهڙيءَ کان به. اهو رات جو 1-12 بجي جو وقت هو. سڄي سکر ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. اسان بئراج ڪالوني ۾ رهندا هئاسين ته بابا کي به خبر پئجي وئي ته پاڻي سکر ۾ ڪاهي پيو آهي، تنهن ڪري ٻارن کي محفوظ جاءِ تي ڪڍي وڃو. بابا سائين اسان کي اٿاريو. شير محمد، مان ۽ ادا بدر اٿياسين. امڙ جيجل ڳوٺ هئي، تنهن ڪري اسان ٽئي ڇوڪرا ڊرائيور سان رات جو نڪتاسين. بئراج جو بندر روڊ سڄو ماڻهن سان کچاکچ ڀريل هو، تر ڇٽڻ جي جاءِ خالي نه هئي، هر طرف گوڙ، ماڻهن جون دانهون ڪوڪون، ٻارن جا ڪيهاٽ مطلب ته نفسا نفسي وارو عالم هو.
بئراج جي پل تي پهتاسين ته درياه بادشاه جا ڪڙڪاٽ ۽ دهشت ايڏي جو الامان والحفيظ! ائين پيو معلوم ٿئي ته قيامت اجھا آئي. انوقت بئراج جو S. E عبدالغفور صاحب هو، جنهن بروقت کيرٿر ڪئنال جا منڍ کان دروازا بند ڪرائي ڇڏيا هئا. پوءِ جڏهن واپس سکر آياسين ته خبرون پيون ته پاڻي زنده پير کان ٿيندو ريل جي پٽڙي وارو بند ڏئي، يعقوب بسڪوٽ فيڪٽريءَ کي ٻوڙيندو، آباد ڳوٺ کي به ٻوڙيندو سکر ايئرپورٽ کي ٻوڙيندو وڃي کيرٿر ڪئنال ۾ پيو ۽ بلوچستان ڏانهن وڌي ويو. مطلب ته اهو سڀ ڪجھ ڄاڻي واڻي ڪيو ويو ته جيئن سکر شهر کي بچائي سگھجي ۽ نقصان به نه ٿي سگھي.
بئراج واري پل تي چڙهياسين ته هڪ ٻئي جي پٺيان سوَن جي تعداد ۾ ٽيڪلي بيل گاڏيون اچي رهيون هيون. جيئن ئي ڏاندن جي اکين ۾ جيپ جي لائيٽ ٿي پئي ته عجيب نظارو ٿي نظر آيو. ڏاندن جون اکيون ساون بلورن وانگر ائين چمڪي رهيون هيون ڄڻڪ چانڊوڪي رات ۾ ساوا هيرا جرڪي رهيا آهن. ۽ ٽيڪلي گاڏيءَ جو آواز اهڙو ته مڌر ۽ سريلو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو جيئن مندر ۾ پڄاري ڪو مڌر ساز وڄائي رهيو هجي.
بيل گاڏيءَ جي مٿان کجيءَ جون لڙهون سٿيل هيون ۽ بيل گاڏيءَ جي هيٺان وري لالٽين بتي ٻري رهي هئي. کجيءَ جي لڙهن مٿان سائبان چڙهيو ويٺو هو پلٿ هڻي، ائين ٿي سمجھ ۾ آيو ته گوتم ٻڌ ويٺو آهي ۽ ڀڳوان جي پرارٿنا پيو ڪري. هڪ رات جو پويون پهر ٻيو ڏاندن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل چڙيون اهڙو ته منڊل هو جيڪو دل جي گهراين ۾ اڃان به نقش لڳو پيو آهي. چوهٺ سال گذري ويا آهن پر اکين کي بند ٿو ڪجي ته ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته اهو ساڳيو نظارو ڏسي پسي رهيو آهيان. واه مالڪ تنهنجا رنگ! ۽ تنهنجا نظارا! ڪيڏو تنهنجو عجب مانڊاڻ آهي، بس صرف انسان ٿورو غور ۽ فڪر ڪري ته ڳالهه سڄي پٽ پڌري پئي آهي، وري جو کڻي اک کول ته قصو ئي ٻيو.
هي سڄو نظارو خيرپور تائين هليو. خيرپور جي کجي ۽ ڏنگ جنهن کي اصيل ٿو چيو وڃي هند ۽ سنڌ ۾ مشهور آهن. هاڻي ته انهن جو آچار به ٺاهيو ٿو وڃي جيڪو ڏاڍو لذيذ ٿو ٿئي.
سکر شهر جو نظارو
سکر هڪ خوبصورت شهر آهي، ۽ ٽڪر تي اڏيل آهي. بئراج هئڻ ڪري سندس خوبصورتيءَ ۾ اڃان به اضافو ٿي ويو آهي. درياءُ جي ٻئي ڪپ تي روهڙي شهر، وچ تي لئنسڊائون پل، ايوب پل ۽ بکر جو ٻيٽ، بکر جو قلعو، ان جي سامهون ستين جو آستان، وچ درياءُ ۾ ساڌ ٻيلو، ۽ خواجه خضر جو آستانو، ان کان علاوه روهڙيءَ ۾ حضور پاڪ جو وار مبارڪ، آدم شاه ڪلهوڙي جو مقبرو، معصوم شاه جو منارو، اهڙا ته نظارا آهن جيڪي روح پرور ۽ روح کي راحت ڏيندڙ واقع آهن.
هڪ دفعي آچر ڏهاڙي بابا اسانکي گھمائڻ لاءِ معصوم شاه جو منارو ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو. معصوم شاه جي روضي ۾ جتيون لاهي داخل ٿياسين. ۽ انجي اندر کوڙ ساريون تربتون هيون. بابا سائينءِ قران پاڪ مان تلاوت ڪري، قل پڙهي ابدي آرام ۾ ستل بزرگن کي بخشي ٻاهر نڪتاسين. پوءِ ڊرائيور عرض محمد پٺاڻ کي چيائين ته ابا هنن ٻارن کي مناري تي وٺي وڃ ته سکر شهر جو نظارو ڏسن.
عرض محمد اسانکي مناري جي اندر وٺي ويو جنهن ۾ پڪين سرن جي ڏاڪڻ ٺهيل هئي. ڪافي دير کانپوءِ اسان مناري جي مٿين چبوتري تائين پهچي وياسين. پهچڻ سان سکر شهر تي نظر ڦيرائي سون ته عجب نظارو هو. جيڪو اسان کي ڏاڍو وڻيو. ماڻهو، ٽانگا، جايون بلڪل ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اهي ڪوِليون ۽ ماڪوڙا هجن. هيٺ لٿاسين ته بابا ٻڌايو ته بابا هي منارو چوراسي فٽ اوچو آهي ۽ ڏاڪڻ جيڪا ٺهيل هئي ان ۾ به چوراسي ڏاڪا آهن. ڇا ته انجنيئرن جي فن مهارت جو ڪمال آ! پنج سو سال گذري وڃڻ کانپوءِ به هن مناري ۾ ڪنهن قسم جو ڪو نقص نه آيو آهي، ۽ ساڳي مضبوطيءَ سان ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺو آهي.