باب پنجون: يونيورسٽيءَ جون اليڪشنون ۽ 4 مارچ 1967 جو واقعو
اليڪشن ٿي. مون کٽي ورتو، ان ۾ منهنجي ڪلاس فيلو جي گھڻي محنت هئي ڇو ته هن آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ ڇوڪرين جو هڪ به ووٽ عباسيءَ کي ڪونه مليو ۽ هندو برادريءَ جا به ووٽ مونکي مليا، ڇو ته منهنجي ڀاءُ بدر جي دوست مرليڌر جو ڀاءُ هريءَ به مونکي سپورٽ ڪيو هو. هري فزڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندو هو. بعد ۾ ليڪچرار ٿيو، انگلينڊ مان Ph. D ڪري آيو ۽ پوءِ ويهين گريڊ ۾ اڏامندو ويو. D.J سائنس ڪاليج جو پرنسپال ٿيو ۽ اتان رٽائر ڪيائين.
مارچ مهينو آيو ته وي. سي محترم حسن علي عبدالرحمان کي ڪن سياسي بنيادن تي هٽايو ويو. ڇوڪرن ۾ تاءُ اچي ويو، ۽ جلسا، جلوس نڪري ويا، ڪمشنر صاحب جي خلاف نعرا لڳي ويا. مطلب شاگردن به فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته وي. سيءَ کي واپس ڪرائڻو آهي، هوڏانهن انتظاميه به پوليس کي چئي ڇڏيو ۽ انهن به ڏنڊن کي تيل هڻڻ شروع ڪيو. شاگردن کي ڪا به خبر نه ته ڪهڙي کچڻي ٿي پچي.
رات جو رجسٽرار، سينئر پروفيسر، ڊين ڄام شوري آيا ۽ شاگردن کي گھڻيئي سمجھاڻي ڏني ته ضد تان لهي وڃو جو ايوب خان جي سرڪار سخت ناراض آهي! مان به انهن ڳالهين ۾ شامل هئس پر جيئن ئي منهنجي نظر ڊاڪٽر هاليپوٽي تي پئي ته پاسو وٺي ٻاهر نڪري ويس. بهرحال استادن سان ڳالهيون ناڪام ويون، رات جا ٻه ٿي ويا. آخر ۾ چيو ويو ته صبح جو وڌيڪ پروگرام ٺاهبو.
روزانه ٽين کان پوائنٽ بسون شهر وينديون هيون. بسن ۾ ڇوڪرا چڙهندا ويا. اسانجو عزيز عبدالمالڪ کي به کنيو کٽيءَ جو ايل. ايم. سي ڪالونيءَ کان اچي هنن بسن ۾ شهر وڃڻ لاءِ چڙهيو، ۽ ان کان علاوه محمد عالم لاڙڪ به انهن ئي بسن ۾ وڃي ويٺو. ائين پنج ڇهه بسون ڀرجي ويون. جنهن مهل بسون، جتي هينئر راجپوتانا اسپتال آهي، پهتيون ته پوليس جي وڏي نفري موجود هئي. بس هڪ اشاري سان بسون بيهنديون ويون ۽ بسن تي ڏنڊن جو وسڪارو ٿيو شروع. جيڪو شاگرد بس مان لهڻ جي ڪوشش ڪري ته ٻه-ٽي پوليس وارا کيس چنڀڙي وڃن. ڪئين شاگرد زخمي ٿيا. رستي سان هو سم جو پاڻي، پر شاگردن ڀڄڻ شروع ڪيو پر سپاهي به پويان. ڇوڪرن تنهن هوندي به ڪمشنر کي گاريون ڏيندا رهيا. آخر پوليس 500/600 شاگرد گرفتار ڪري وڃي هنيا جيل ۾. ٽن ڏينهن کانپوءِ ٿي ضمانت، شاگرد ٻاهر نڪتا، عبدالمالڪ ۽ محمد عالم به نڪتا ۽ توبهون پيا ڪن. يونيورسٽي بند ڪئي، شاگرد نيٺ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ هليو ويو.
يوسف لغاري وڃي وڪيل ٿيو. ۽ پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايڊوڪيٽ جنرل ٿيو. يوسف ٽالپر ته هو نواب سو سياست ۾ ويو، پهرئين صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر، پوءِ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وزير به ٿيو. هاڻي کيس ٽي. ويءَ ۾ ڪنهن پروگرام ۾ ڏسندو آهيان، سندن وارن جي ساڳي اسٽائل ۽ ڪلين شيوِ. يوسف مرزا ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پلاننگ آفيسر ٿيو ۽ بعد ۾ وڌي ڊائريڪٽر جنرل ٿيو. پر هاڻ ٻڌم ته وڃي حقيقي مالڪ سان مليو.
ڪهاڻي هڪ بنگالي شاگرد جي.
سندس نالو هو عطاءُالرحمان. اصل ۾ چٽگانگ جو هو. ڪنهن ڪاليج مان بي. اي ڪئي هئائين. پر بدقسمتيءَ سان ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. کيس ايم. اي ڪرڻ جو شوق هو، پر کيس ايسٽ پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ داخلا نه ملي.
سندس والد ڪنهن سڻيءَ جي ڪارخاني ۾ مزور هو. تنهن هن کي مشورو ڏنو ته اَچي ويسٽ پاڪستان جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ڀاڳ آزمائي. ڪنهن ڪارگو شپ ۾ ڪراچي آيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار سان مليو، پر کيس جواب مليو. آخر ڪنهن هن نوجوان کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڀاڳ آزمائڻ لاءِ تجويز ڏني.
حيدرآباد آيو ۽ رجسٽرار صاحب سان مليو، ۽ کيس پنهنجي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي. رجسٽرار صاحب هن جي شوق، جستجو ۽ بردباريءَ تي رحم کائي هن کي داخلا ڏني. هاڻي هي نوجوان (M.A Previous) ايڪانامڪس ۾ پڙهڻ لڳو.
رنگ جو سانورو، ڪلين شَيوِ هوندو هو. اڙدو عجيب قسم جي ڳالهائيندو هو، جو اسان سڀ دوست کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئاسين. چانور ۽ مڇي ڏاڍي کائيندو هو. محمد عمر بلوچ سان تمام گھاٽي دوستي هوندي هيس. ڪپڙا پنهنجا پاڻ ڌئيندو هو. ڪپڙن کي استري ڪرڻ جي هن کي ڳڻتي ڪونه هئي، جهڙا تهڙا پائي ڇڏيندو هو. اسان سنڌين سان گھڻي لڳندي هيس ۽ چوندو هو ته: “آپکي ڪهاني اور هم بنگاليون ڪي ڪهاني ايڪ هي”.
چوٿين مارچ واري سانحي ۾ هي به بس ۾ سوار هو، ۽ گرفتار ٿي جيل ۾ پيو هو. جڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ جيل مان ٻاهر نڪتو ۽ اسان کي بيٺل ڏسي خادم ميمڻ کي چيائين ته: “بھائی خادم مجھے چاول اور مچھلی کھلاؤ، ورنہ میں مرجاؤنگا”.
ايم. اي سيڪنڊ ۾ پاس ڪيائين ۽ چٽگانگ هليو ويو. 1971ع ۾ جيڪي فساد ۽ وڳوڙ ٿيا انهن ۾ مارجي ويو. هي ڳالهه مون سان محمد عمر بلوچ ڪئي هئي.