آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب پنجون: 1962ع جون بي. ڊي اليڪشن

1962ع واري ڏهاڪي ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت هلندڙ هئي. پر هاڻي هن ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيو هو ته اليڪشن ڪرائجي ۽ آئيني طور پاڻ کي چونڊرائي صدر ٿجي. تنهن ڪري هن هڪ نئون تجربو ڪيو. بنيادي جھموري نظام جو سرشتو. ۽ ملڪ ۾ اليڪشن جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو جنهن تحت پهريان لوڪل گورنمينٽ سسٽم هيٺ يونين ڪائونسل سطح تي اليڪشنون ٿيڻيون هيون.
ڊڀري يونين ڪائونسل ۾ هڪ چئرمين ۽ اٺ ميمبر چونڊڻا هئا. پهرئين مرحلي ۾ ميمبر چونڊڻا هئا ۽ پوءِ اهي پنهنجو چئرمين چونڊڻ لاءِ ووٽ ڪندا.
اسانجي ديهه لاڙڪ ۾ ٽي اميدوار ميدان تي لهي آيا. هڪ حاجي محمد خان. هي آچراڻي پاڙي جو هو ۽ اڳم ئي ڳوٺ جا ڇوٽا موٽا فيصلا ڪندو هو. کيس پنهنجي عزيزن طرفان اوطاق مليل هئي جتي ڳوٺ جي ماڻهن کي فيصلي لاءِ گھرائيندو هو. اوطاق کي هلائڻ لاءِ ٽي جريب زمين به مليل هوندي هيس. ٻيو اميدوار اڇي مسجد جو قاضي صاحب هو. سندس نالو هو عبدالله. ٽيون اميدوار کڻي ادا اڪبر بيهاريو چاچي محمد پريل کي. هاڻي ڳوٺ ۾ هڪڙي قسم جو ڏڦيڙ پئجي ويو. حاجي محمد خان عمر رسيده هو، انجي برعڪس چاچو محمد پريل نوجوان ۽ نه ئي کيس اوطاق وغيره، ٻئي پاسي درٻيلي جي زميندار سيد ظفر علي شاه حاجي محمد خان کي سپورٽ ڪيو. مسئلو وڏو ٿي پيو، ڇو ته اگر ٻئي لاڙڪ بيهي ٿا رهن ته قاضي کٽي ٿو وڃي. ۽ اڇي مسجد وارن کي سيٽ ڏيڻي ناهي! تنهن ڪري ادا اڪبر وڃي پاسو ورتو ماما شاهنواز جو، ته ڪجھ پنهنجو اثر رسوخ هلائي حاجي صاحب کي هٿ کڻائي. اسان جي ناني به هئي انهيءَ خاندان جي ۽ حاجي صاحب جي سؤٽ ٿئي، ائين کڻي چئجي ته ماما جا ماماڻا هئا. ٻئي پاسي ادا اڪبر چاچي قادربخش کي سيد ظفر علي شاه ڏي موڪليو. چاچو قادر بخش هو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ يار ويس سو وڃي نڪتو ظفر علي شاه ڏي ۽ وڃي کيس چيائين ته اسانجو سڄو ڳوٺ اوهانجو معتقد آهي ۽ دل و جان سان اوهانجي عزت به ڪندا آهيون ۽ ووٽر به اوهانجا آهيون. چئرمين لاءِ ووٽ به اوهانکي ڪنداسين. حاجي صاحب هاڻي عمر رسيده آهي، تنهن ڪري نوجوانن کي اڳتي اچڻ ڏنو وڃي. سيد ظفر علي شاه هو هڪ سياسي ماڻهو ۽ انکي به کپي چئرمين لاءِ ووٽ، باقي اميدوار محمد پريل هجي يا حاجي صاحب سياستدانن تي ڪهڙو فرق ٿيندو ۽ وڏي ڳالهه ته چاچو قادر بخش هو ڊپٽي ڪليڪٽر ان کي صفا جواب ڏيڻ به شاه لاءِ ڏکيو ٿي پيو، ڇو ته زميندارن لاءِ روينيو آفيسر وڏي ڳالهه هوندا آهن.
نتيجو اهو نڪتو جو شاه صاحب حاجي صاحب کي هٿ کڻڻ لاءِ چئي ڏنو ۽ کيس ائين به چيائين ته هن ڀيري محمد پريل کي اچڻ ڏيو، ٻئي دفعي ڏسنداسين. بهرحال هاڻي ميدان ۾ وڃي ٻه اميدوار بيٺا، هڪ محمد پريل ۽ ٻيو اڇي مسجد جو قاضي عبدالله.
اڇي مسجد جا مُلا جن مان محمد عيسيٰ جنهنجو گذريل صفحن ۾ ڪري چڪو آهيان، اسانجي خاندان سان شادي غميءَ ۾ شريڪ هوندا هئا (۽ اڃان به هن وقت تائين) ۽ سنڌيءَ چواڻيءَ ته پڳ مٽ يار هئا. انهن اليڪشن ۾ چاچي محمد پريل کي کُلي نموني ووٽ ڪيو ۽ چاچو محمد پريل کٽي ويو ۽ قاضي صاحب هارائي ويو.
انهيءَ سياسي دنگل تي پاڙي جو چاچو شير محمد عالماڻي جيڪو انهن ڏهاڙن ۾ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر هو ايريگيشن کاتي ۾، ۽ ڪي قدر سائين ظفر علي شاه کان نالان هو، تنهن سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ کڻي پنهنجي ڀاءُ الهه بخش کي چئرمين لاءِ بيهاريو. چاچي شير محمد جو والد خدا بخش اسانجي ڳوٺ ۾ استاد طور ڪم ڪري ويو هو، تنهن ڪري انهيءَ خاندان سان پڻ اسانجي خاندان جا سٺا واسطا هئا. چاچو محمد پريل جيئن ئي پنهنجي ميمبريءَ جو قسم کڻي ڳوٺ آيو ته چاچا شير محمد اچي ڳوٺ نڪتو ۽ چاچي محمد پريل کي مبارڪون ڏئي، اجرڪ پارائي دعوت بهاني ڳوٺ وٺي ويو. پورا اَٺَ ڏينهن تائين چاچي محمد پريل جو ڪو پتو ڪونه هو. ٻارهين ڏينهن چاچو محمد پريل جيپ ۾ اچي لٿو. انهيءَ وچم پڦي فتان ڏاڍي پريشان هوندي هئي. ڇو ته چاچو پريل ۽ پڦي فتان دين دنيا ۾ هئائي ڀاءُ ڀيڻ، ٻيو سندن نه پيءُ نه ماءُ نه ڀاءُ.
بهرحال حال احوال وٺڻ تي چاچي پريل خود ٻڌايو ته: “نَوَنِ چونڊيل ميمبرن کي ڪشمور جي ايريگيشن ريسٽ هائوس ۾ ترسايو ويو ۽ هڪ ايس. ڊي. او سندن خدمت ۾ چوويهه ڪلاڪ حاضر هوندو هو. کين گھمائڻ ڦيرائڻ لاءِ ٻه سرڪاري جيپون بيٺل هونديون هيون، ڪڏهن گڊو، گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، صادق آباد ته وري ڪڏهن سکر، شڪارپور. سندن ڪپڙا ميرا ٿي ويا ته هر هڪ کي چار چار وڳا سبرائي ڏنا ويا، ۽ درزيءَ اتيئي ريسٽ هائوس ۾ گھرائي ويو. صبح جو ناشتي ۾ انڊا، سيون، اوڦراٽا، ڏهي، مکڻ، جيرا بڪيون ملنديون هيون. منجھند جو گوشت، ڪڪڙ، چانور، مانيون ۽ فروٽ وغيره ڏنو ويندو هو. ناشتي کان اڳم هر هڪ کي برش پيسٽ به ڏني وئي هئي”.
چاچي پريل مزي جي ڳالهه ٻڌائي ته: “پهرئين ڏينهن صبح جو هر هڪ کي برش ۽ پيسٽ ڏني وئي ته هڪ همراه سمجھيو ته اِها به ڪا کائڻ جي شيءِ آهي سو آهستي آهستي سڄي پيسٽ کائي ويو، پوءِ اچي سندس پيٽ ۾ گڙٻڙ ٿي، همراه اصل هٿن مان پيو وڃي، پوءِ ڊاڪٽر کي گھرايو ويو جنهن سندس پيٽ کي ڊوش ڪيو ۽ پوءِ همراه کي وڃي ساه پيو”.
اڳئين ڏينهن تي اليڪشن ٿي، سائين ظفر علي شاه جو اميدوار چئرمين ٿيڻ لاءِ هارائي ويو ۽ الهه بخش عالماڻي کٽي ويو. سائين ظفر علي شاه ماما شاهنواز ۽ چاچي قادر بخش کي ڏاڍيون ميارون ڏنيون ۽ ڪي قدر ڪاوڙجي پيو. اِتان ئي اسانجي خاندان ۽ سائين ظفر علي شاه وچم اختلافن جنم ورتو. پر چوندا آهن ته وقت وڏو ڪيمياگر آهي، سو آهستي آهستي اُهي اختلاف گھٽبا ويا، ليڪن جيڪا اڳين محبت هئي ان ۾ ڏار اڃان به باقي رهيا، ڇو ته جيئن چوندا آهن ته: “نانگ ته هليو ويندو آهي، پر ليڪو رهجي ويندو آهي هت به ائين ٿيو”.