باب پهريون: نواب شاه ۾ پڙهڻ
ذڪر ماما شاهنواز جو: ماما شاهنواز جي گھر ۾ سندس ڇهه پٽ، چار نياڻيون، اسانجو ننڊو ماما مريد علي اڳم ئي موجود هئا. ايترا کائڻ وارا پر سندس منهن تي ڪڏهن به گھنج ڪونه ڏٺوسين. جهڙو هو سندس والد سخي اهڙوئي پاڻ هو. قدآور مڙس، جسم ڀريل، ڳاڙهو ڳٽول، منهن ويڪرو ۽ پيشاني کليل. ڏيا اهڙي جو ڪنهن کي به سڏ ڪندو ته في الحال سڄو گھر ڏڪي ويندو. علي ڳڙه ۽ جھوناڳڙه ۾ پڙهيو ۽ انهن ٻنهي رياستن جي نوابن جو پيارو هو، جو ڪرڪيٽ، ٽينس، بيڊمنٽن جو ناميارو کهلاڙي هو. تنهن ڪري گھر ۾ کوڙ ساريون ٽرافيون شيشن سان ٺهيل الماڙيءَ ۾ سجايل هونديون هيون.
فجر جو مسجد ۾ آذان آئي ته ڊوڙندو مسجد ويندو نماز پڙهڻ ۽ واپس اچي اسانکي اُٿاريندو. سڀني ٻارن کي اسڪول لاءِ پائلي يعني چار آنا خرچي ڏيندو جيڪو اڳئين شام جو ريزو ڪرائي رکندو هو. وري شام جو هر هڪ کي ساڳي خرچي.
ايڏو پيار ۽ محبت اسانکي سچ ته بابا به ڪونه ڏنو. اونهاري جي موسم ۾ گھر جي ٻاهران روڊ تي کٽون رکي سمهندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ امن امان هو. تنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسي ماڻهو ستل هوندا هئا. سامهون چاچا عبدالحميد ميمڻ جو گھر به هو ته آفيس به. ۽ سندس منشي به ستل هوندو هو. اگر ڪجھ مهمان اچي ويندا هئا ته اهي به ٻاهر، البته کٽون کٽي پونديون هيون ته مسواڙ تي کٽ ملي ويندي هئي. مسواڙ وري ڪهڙي صرف ٻه روپيه. ڊپ ڊاءُ ڪجھ به نه هو. اگر هو ته هڪ شيءِ جو، يعني رولو ڪتن جو. انهن جي عادت هيءَ هئي جو ستلن جون جتيون چڪ ۾ کڻي ويندا هئا، پوءِ ڳولهڻ ڏاڏي ڏکي ٿي پوندي هئي، تنهن ڪري جتين کي واڏڻ ۾ وجھي ڇڏبو هو.
ماما جيئن ئي خود فجر جي نماز مسجد ۾ پڙهي ايندو ۽ اسانکي اُٿاريندو ته اسان پهريان واڏڻ مان جتي ڪڊي پوءِ سڌا وينداسين مسجد ۾، وضو به اتي ڪبو ۽ نماز پڙهي پوءِ اچبو گھر، چانهه وغيره پي پوءِ ڪبي قران پاڪ جي تلاوت. اسڪول لاءِ به بعد ۾ تياري ڪبي. ناشتو وغيره ڪري پوءِ اسڪول لاءِ نڪرنداسين گھر کان ٻاهر.
اهو اسانجو روزانو جو معمول هو. اهي ڳالهيون هاڻي ياد ٿيون اچن ته دل جي ڪيفيت ڪجھ ٻي ٿيندي ٿي وڃي. ڇو ته ماما جي من ۾ اسان ڪو به فرق نه ڏٺو. جهڙو پنهنجي پٽ کي پيار ڏبو اهڙوئي ڀاڻج ۽ سؤٽ کي. مطلب جهڙي هئي سندس خوبصورت سيرت اهڙوئي هو سندس خوبصورت چهرو ۽ پيار. ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ سان گڏ کارائيندو هو. اُهي ڏينهن ياد ڪري اڄ جڏهن منهنجي عمر پنجهتر سال ٿي وئي آهي ته اکين مان ڳوڙها لار ڪري ٿا وهن، ته اُهي انساني صورت ۾ فرشتا ته نه هئا؟ برابر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ شبهو نه آهي.
ماما سائينءَ پاڻ جيڪا انهن سالن ۾ تربيت ڪئي اها اسانجي لاءِ وڏي وٿ آهي، ۽ پونجي به! ۽ اسان ان مان گھڻو ڪجھ پرايو. انجو وڏو سبب منهنجي خيال ۾ اهو ٿي سگھي ٿو ته کيس اها تربيت سندس والد طرفان مليل هئي، جيڪا پاڻ اسان تائين منتقل ڪرڻ ٿي چاهيائين، ورنه اڄ ڪلهه جيڪو وايومنڊل هلي پيو ان ته سڄي معاشري جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه نه آهي وڏي لاءِ عزت ۽ ادب ۽ نه وري آهي قرباني، سهپ، همدردي، تنهن جو نتيجو جيڪو نڪري رهيو آهي اهو هر ڪنهن کي معلوم آهي.
نواب شاه ۾ مان گھر ۾ رهندو هوس ۽ ادا بدر هاسٽل ۾ رهندو هو، جو اهو مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو. اگر هاسٽل ۾ ميس بند هوندي هئي ته ماما اسانکي ماني کڻائيندو هو ته وڃي بدر کي ڏئي اچون. سندس ڪمري ۾ ٻه ٻيا به هم ڪلاسي نالي محمد يعقوب ميمڻ ۽ محمد بخش ڏاهري به رهندا هئا. اهي به ڏاڊا هوشيار هئا. محمد يعقوب مئٽرڪ ڪري فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو ۽ محمد بخش ٻانڌي هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر ٿيو.
مان جڏهن نوشهري فيروز ڪاليج ۾ پرنسپال هوس ته هڪ نوجوان نالي حق نواز ڪميشن پاس ڪري فزڪس ۾ ليڪچرار ٿي آيو ۽ مونکي ڊيوٽي رپورٽ ڏني. مون کيس جوائن ڪرايو ۽ کانئس پڇيو ته ڪٿان جو آهين ۽ ڪنهن جو پٽ آهين؟. ته ٻڌايائين نوان جتوئيءَ جو آهيان ۽ محمد يعقوب ميمڻ جو پٽ آهيان. مون کيس سندس والد جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ چيو ته تنهنجو پيءُ فوجي ته نه هو؟ ته هن هائو ڪئي، مون اٿي کيس ڀاڪر پاتو ۽ چيم ته تنهنجي پيءُ کي چڱي طرح سڃاڻان ٿو جو اهو منهنجي وڏي ڀاءُ جو هم ڪلاسي هو ته پاڻ وري اُٿي مونکي پيرين پيو ۽ هٿ ٻڌي بيهي رهيو. مونکي اهو منظر ڏسي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ۽ دل ڀرجي آئي. پوءِ کانئس سندس والد جي باري ۾ پڇيو ته ڪيئن آهي؟ ته وراڻيائين ته سائين اهو هن دنيا ۾ نه آهي! مونکي اهو ٻڌي ڏاڊو افسوس ٿيو. وڌيڪ معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته هو ڏاڊن ماڻهن جي ڏاڊ ۽ ڏمر جو نشانو بڻجي ويو.
جوانيءَ کان ئي ارڏو هو. ۽ ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانه ڪڊندو هو. ڇو ته مان جڏهن به ادا بدر ڏي موڪل واري ڏهاڙي ميس بند هجڻ ڪري ماني کڻي ويندو هوس ۽ ادا بدر کيس ماني کائڻ لاءِ زور ڀريندو هو ته ڪونه کائيندو هو، ۽ نٽائي ويندو هو. ۽ ٻيو سبب هيءُ به ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن جو ٿورو کڻڻ نه چاهيندو هو. تنهن ڪري هن ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانه ڪڊي هوندي ۽ اصول پرستيءَ کي پٺيءَ پاسي ڪونه اڇليو هوندو، تنهن ڪري اهو ٿيو جيڪي هن سماج ۾ ٿيندو اچي.
نواب شاه ڊي. سي هاءِ اسڪول ۾ والي بال لاءِ ٽي نيٽون لڳل هونديون هيون يعني ‘A’ ٽيم، ‘B’ ٽيم، ۽ ‘C’ ٽيم. محمد بخش ڏاهري ‘A’ ٽيم جو ڪئپٽن ۽ محمد يعقوب وائيس ڪئپٽن هو. سندن راند ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
جڏهن آل سنڌ والي بال ٽورنامينٽ منعقد ٿيندي هئي ۽ نواب شاه ۾ کيڏي ويندي هئي ته هاءِ اسڪول سينگارجي ويندو هو، ڇو ته سڄي سنڌ مان والي بال جون ٽيمون اچي وينديون هيون ۽ ٽيمن جي رانديگرن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست خواجه صاحب جي ذمي هوندو هو. والي بال مون اتي سکي ۽ ڪافي بهتر رانديگر ٿي پيو هوس، ۽ ننڊي عمر هئڻ ڪري ‘C’ ٽيم ۾ هوس.