آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب ٽيون: ڪاليج ۾ وري جوائن ڪرڻ

حج ڪري نوشهري جي ڪاليج ۾ آيس. ۽ Re-Join ڪيم. اتي ٻه نوان ۽ اوپرا ماڻهو ڏٺم. معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته هڪ انگريزي ۾ محمد رمضان وڳڻ جي نالي سان ليڪچرار ٿي آيو ۽ ٻيو به انگريزيءَ ۾ ڌڻي بخش جسڪاڻي بلوچ جي نالي سان آيو. اصل ۾ هي بلوچ روهڙيءَ جو هو. ۽ روهڙيءَ کان بعد ۾ محمد قاسم ٻگھيو به ايڪانامڪس ۾ اچي ويو. ائين وقت گذرندو ويو.
مون ڪيترائي ان دوران پرنسپال ڏٺا، جهڙوڪ محمد اسحاق انصاري، صابر علي، ڪريم بخش بوزدار، محسنين صديقي. احمد علي ميمڻ، خان محمد ميمڻ، محمد هارون سومرو، عبدالرسول شيخ، ۽ ايس. ايم. سيد. هنن سڀني پرنسپالن جو ذڪرِ خير مون آتم ڪهاڻيءَ جي حصي ٻئي ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
جيجي زرينه بلوچ کي دعوت ڏئي گھرائڻ:
ايس. ايم. سيد اصل مهاجر ڪراچيءَ جو هو، انگلش لٽريچر جو ماڻهو هو، حسن پرستيءَ جو جُزُ هن جي طبيعت ۾ شامل هو، تنهن ڪري چوندو هو ته لٽريچر جو ماڻهو ڪڏهن به پوڙهو ڪونه ٿيندو آهي. پنج يا ڇهه سال نوشهري ۾ پرنسپال هو. پنهنجي ايامڪاريءَ جي آخر ۾ مونکي چيائين ته: “لاڙڪ صاحب اسپورٽس ويڪ، ڊبيٽنگ ڪرائجي ۽ آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل به ڪرائجي ته ڪاليج جي لائيف ۾ هڪ نئون موڙ اچي ويندو”. مون ساڻس ها ۾ ها ملائي، سڀ ڪجھ ٿي ويو باقي راڳ رنگ لاءِ مون کي چيائين ته لاڙڪ صاحب تون بندوبست ڪر. مان حيدرآباد ويس ۽ جيجي زرينه بلوچ کي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس جي ماڊل اسڪول ۾ وڃي دعوت ڏني، جنهن قبول ڪئي، ۽ مقرر ڏينهن تي آئي. پروگرام شروع ٿيو. سندس گيت سڀ انقلابي هئا. ڪاليج جي ڀرسان هو SP صاحب جو بنگلو سو مونکي اچي ڊپ لڳو ته اجھو ٿي پوليس اچي، مان ڊپ وچان پنڊال مان اٿي وڃي فزڪس ليباٽريءَ ۾ لڪي ويهي رهيس. پر خير ٿي ويو. اها محفل رات هڪ بجي وڃي پڄاڻيءَ تي پهتي.

امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر:
ان زماني ۾ ڪاپي ڌم هلندي هئي. ويتر 1984ع ۾ جيئن ڪاليج ۾ سائنس جا ڪلاس شروع ٿيا ته پوءِ بس کڻي ڪر. اسان سائنس وارن شاگردن جا سيٽ نمبر مٿين بلڊنگ ۾ هنيا ۽ آرٽس جا هيٺ، ان مقصد لاءِ ته مٿي شاگردن جي هيلپرن کي روڪي سگھجي. پر اسانجون سڀ ڪوششون ناڪام ٿيون. ڇوڪرن جا هيلپر لڪڙا، سَرَنَ جا ڪانا انهن ۾ ڪارتوس ٻڌي وڏي واڪي اميدوارن کي سڏيندا هئا. انهيءَ کيل ۾ پوليس ته هئي پر خاموش. هي سلسلو منهنجي نوڪريءَ تائين هلندو رهيو. محترم نثار احمد صديقي سکر ڊويزن جو ڪمشنر ٿيو ته سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي سختي سان حڪم ناما ڏنائين ته انهيءَ لعنت کي سنڌي معاشري مان ڪڍجي. فوج، رينجرس به گھرايائين پر هيءَ بيماري وبا جي صورت اختيار ڪري وئي. اهڙي ڪوشش وزير تعليم انيتا غلام علي، وزير اعليٰ اختر علي قاضيءَ به ورتي، پر پروفيشنل ڪاليج تائين پهچڻ جو هي آسان طريقو هو. ڪير به تيار نه ٿيو. نتيجو اهو نڪتو جو جاهلن جي فوج نڪري آئي. قابليت ختم ٿي وئي. بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو.
هن ڪارگذاريءَ ۾ صرف ۽ صرف هڪ استاد پنهنجو ايمانداريءَ سان ڪردار نڀائي ها ته گھڻو ڪجھ ٿي سگھي ها، پر اسان استادن کي به پنهنجي لالچ هئي سو انهيءَ ڪڌي ڪم ۾ اسان به شامل ٿي وياسين. پر جن شاگردن محنت ڪئي ۽ صرف ڪتابن کي دوست بنايو، انهن وڏو نالو ڪمايو. هن ڪاليج جا شاگرد اڄ به وڏين پوسٽن تي ويٺا آهن، جهڙوڪ ڊاڪٽر، انجنيئر، جج. پر جن تنظيمن جو سهارو ورتو اهي وري مارجي ويا. ٽن چئن تنظيمن جا يونٽ ڪم ڪرڻ لڳا. ڀتين تي، درن تي ڀٽي صاحب، بينظير صاحبه، سائين جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو وغيره وغيره جا بينر آويزان ڪيا ويا. يونٽ جو صدر پاڻ کي ملڪ جو صدر سمجھڻ لڳو.
1994 ۾ مونکي پرنسپاليءَ جي چارج ملي. جيڪي شاگرد پيرين پوندا هئا انهن نظرون ڦيرائڻ شروع ڪيون، ۽ چندي وغيره لاءِ اچي آفيس ۾ ويهي رهندا هئا. مون کي ايترن سالن جو تجربو هو، سو مٺيون مٺيون ساڻن ڳالهيون ڪري ٽاري ڇڏيندو هوس. سال تائين ائين ڪم ڪيم، آخر بيزار ٿي پرنسپالي ڇڏي ڏنم.

استادن جون ٻه تنظيمون:
شاگرد تنظيمن جي يونٽن کان علاوه ٻه ٻيا به يونٽ هئا. هڪ SPLA ۽ ٻيو Nationalized Cader جو يونٽ. شاگرد ته هڪ ٻئي سان خوش خوش هوندا هئا، پر استادن جي هڪ ٻئي سان ڪانه پوندي هئي. ملندا ته هئاسين پر دليون ٺريل ڪونه هيون.
مختصر ائين چوان ته اسان کي يعني نيشنلازڊ ڪيڊر وارن کي اڇوت سمجھيو ويندو هو. ذري پاڻ سان گڏي ووٽ وٺندا هئا، ذري ڪڍي ڇڏيندا هئا. جيڪي تقريرن ۾ چوندا هئا ته: SPLA is my mother انهن ئي ناجائز فائدا ورتا. جنرل مشرف جي ڏنل ضلعي حڪومت ۾ صرف SPLA وارن ئي سڻڀيون پوسٽون ورتيون. عجيب عجيب رنگ ڏٺاسين SPLA وارن جا.

حياتيءَ ۾ ٿيل ٻه واقعا جن منهنجي ضمير کي نهوڙي ڇڏيو:
هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي واقعا طوفان بڻجي ايندا آهن ۽ وقت جي رفتار سان گذري ويندا آهن، بس صرف ڪجھ يادون باقي رهجي وينديون آهن، يا اهي واقعا ڪجھ اڻ مٽ نقش ڇڏي ويندا آهن. پر هي ٻه واقعا اهڙا ته رونما ٿيا جو ائين سمجھندو آهيان ته اڄ ٿيا آهن ۽ هر گھڙيءَ دل ۽ دماغ تي نوان نوان گھاوَ ڪندا آهن. ائين ڇو آهي؟ يا مان حساس طبيعت آهيان جو ائين منهنجي دل تي اُهي گھاوَ ديرو ڄمائي ويٺا آهن.
اڄ مان چاهيان ٿو ته هي رونما ٿيل واقعا توهان سان ونڊيان ته من دل جو بار هلڪو ٿئي، ڇو ته مون وڏڙن کان ٻڌو آهي ۽ سالڪن جو به نصيحت ڀريو نڪتو آهي ته دل جو گوندر گھٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ونڊجي ته يقينن دل تي ڇانيل اهو درد گھٽ ٿئي ٿو.

سدا حيات شهيد:
هو هڪ مقناطيسي شخص هو. جنهن ڏانهن به هڪ نظر نهاريندو هو ته اهو ڪٺل ڪڪڙ وانگر پيو ڦٿڪندو هو. بنيادي طور خوش پوش هو. پر هن جي دل مزدور، هاري ۽ پورهيت سان اهڙي اٽڪي وئي هئي جو انهن غربت جي ماريلن جي درد هن کي سک سان سمهڻ نه ڏنو.
هي شخص جهڙو هو حسين ۽ خوبصورت اهڙو ئي هو تيز فهم. قابل به حد درجي جو هو. هي جوان دنيا جون چالبازيون ۽ اٽڪلون سمجھندو، بلندين کي پار ڪندو اهڙي منزل تي پهتو جتي موت سندس انتظار ڪري رهيو هو. سچ تي سر ڏيڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، پر سوڀارو هميشہ سچ ئي ٿيندو آهي.
تصوف جي علم جي ڄاڻڻ وارن کان هي مقولو مشهور آهي ته: “موتوا قبل انت موتوا” يعني موت کان اڳ مري ڏس. انگريزيءَ ۾ تصوف کي Mysticism چئبو آهي اهي به ائين چوندا آهن ته: “Die before death”. ڀٽ ڌڻيءَ به ان جي وضاحت هيئن ڪئي آهي ته: “مر ته مري مزا ماڻيون هن ته حياتيءَ ۾”. تنهن ڪري صوفي حضرات حق ۽ سچ جي ڳولا ۾ موت کي ڳلي لڳائيندا آهن، ڇو ته هن دنيا جي زندگيءَ کي هو قيدخانو سمجھندا آهن ۽ لطيف سرڪار به ائين چيو آهي ته: “قسمت قيد ڪيو نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾”. تنهن جو مطلب ٿيو ته هن دنيا جي قيدخاني کان جڏهن نجات ملي ٿي ته هڪ شهيد يا صوفي کڻي چئجي واصل باالله ٿئي ٿو.
اهوئي سبب آهي جو هڪ سچو سپاهي دشمن سان مهاڏو اٽڪائيندي دير نه ڪندو ۽ سر جو سانگو لاهي ميدان ۾ سندرو ٻڌي بيهي رهندو آهي ۽ حق ۽ سچ تي مرڻ پنهنجي سوڀ سمجھندو آهي.
اسانجي سنڌ جي سرزمين جي تاريخ اهڙن سورمن سان ڀري پئي آهي، جهڙوڪ مخدوم بلاول شهيد، شاه عنايت شهيد، ميان آدم شاه ڪلهوڙو شهيد، ميان سرفراز ڪلهوڙو شهيد، مخدوم عبدالرحمان شهيد، مخدوم عبدالرحيم شهيد، ۽ محترم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد.
سال 2009ع ۾ ايران وڃڻ ٿيو هو. ته ايران جي هر ننڊي وڏي شهر جي هر چوڪ تي وڏا وڏا بينر ۽ پينافليڪس ٽنگيل هئا جن تي لکيل هو: “عظمت انسانيت شهادت است”. سو هي جوان جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي شهادت جي عظيم منصب تي فائز آهن. باقي هن دنيا ۾ جيڪو آيو آهي اهو آخرڪار موت جو مزو چکيندو.
مٿين شهيدن جيڪو موت جو مزو چکيو انجي مٺاڻ ۽ چاشني هر ماڻهو، ننڊو توڙي وڏو محسوس ڪري رهيو آهي ۽ بار بار نالو وٺي محسن انسانيت کي ياد ڪري رهيو آهي ۽ کيس خراج تحسين ۽ عقيدت جا گل پيش ڪري چئي رهيو آهي جيئي جيئي!

تذڪرو هڪ عراقيءَ جو:
سال 2013ع ۾ مولاين جي قافلي سان ايران ۽ عراق ۾ زيارتن جي خيال سان وڃڻ ٿيو. ايران ۾ قم، تهران، مشهد جون زيارتون ڪري آخر عراق جي بارڊر تي پهتاسين. پر عراقي ايميگريشن وارا روزانو موٽائي ڇڏين. سبب ڇا هو، پڇا ڪرڻ تي چون ته صاحب ڪونه آيو آهي، ذري چون ته ڪمپيوٽر خراب ٿي پيا آهن، يا وري چون ته ٺپو بغداد کان نه آيو آهي؟، مطلب هزارين بهانا ڪري هنن اسانکي اجايو تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. واپس هوٽل ۾ اچي ترسڻ سان خرچ به ٿئي پيو. آخرڪار سالار کي چيوسين ته معلوم ڪري ته عراقين جي مرضي ڇا آهي؟ پوءِ وڃي خبر پئي ته بخشيش لاءِ اهي حيلا بهانا ڪري رهيا هئا. ڏک به ٿئي پيو ته ايڪيهين صديءَ ۾ به هي عراقي ڪونه سڌريا آهن! مطلب ته هي به خيال اچي پيو ته حضرت جيلاني عبدالقادر کي جن ڦورن ڦريو هو، هي اهي ساڳيا ته نه آهن؟. خير پيسئا ڏئي عراق ۾ داخل ٿي وياسين. ڪربلا، بغداد، سامره، نجف اشرف جون زيارتون ڪري آخر ڪوفي ۾ آياسين. رمضان جو مهينو ايران/عراق جي بارڊر تي شروع ٿي ويو هو. مون روزا ڪونه رکيا جو سفر ۾ هئس. اگر روٽي کائڻ جو ٽائيم ٿي وڃي پيو ته هوٽل ۾ کايو ڇڏيان. پر هڪ ڏينهن منجھند جو گھمندي بک لڳي سو هڪ ننڊڙي پارڪ جي ڪنڊ ۾ ڀت جي پاسي ۾ برگر کائي رهيو هوس ته پٺيان ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڊڄي ويس ته ڪير ٿي سگھي ٿو! ڪاٿي رمضان جي مهيني جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ته نه پيو ڪيان! دل ۾ سوين خيال آيا ۽ ويا پئي. هي به دل ۾ خيال پيو اچي ته اگر ڪنهن ايجنسي يا پوليس جو عملدار هجي ته ڇا جواب ڏيندس؟
آخرڪار پٺي ورائي جو ڏسان ته هڪ عراقي عربي جبي ۾ مون ڏي خونخوار نظرن سان ڏسي رهيو هو ۽ مون هن جي اکين ۾ ڏٺو ته اهي ڳاڙهيون لال ٿي نظر آيون. صفا چرڻ پرڻ جواب ڏئي ويو. ٽنگن مان ته ساه ئي نڪري ويو. چپن تي، سمجھان پيو ته جنبش اچي وئي. عربي ته مون کي ڪونه اچي، نه هو انگريزي سمجھي، نيٺ گونگن واري زبان ۾ هٿ جي اشاري سان کيس اهو برگر آفر ڪيم، ته ڏٺم ته هن اڳيان پويان نهاري، کاٻي ساڄي پاسي به نهاري ڪنڌ جي اشاري سان ها ڪئي! مون آهستي قدمن سان وڃي کيس اهو برگر کاڌل ڏنو ته هن جبي جي هڪ کيسي ۾ وجھي ڇڏيو. سندس ڀرسان هڪ وڏو ڪچري سان ڀريل ميونسپالٽيءَ وارو ڊرم رکيل هو، ان ۾ هٿ وجھي جاچي رهيو هو ته ڪا کائڻ جي شيءِ ملي وڃي ته اها به کڻي وڃي! هيڏي بک ۽ بدحالي!
اف الله! هيڏي غربت! مون ڪٿي ڪونه ڏٺي آهي. مون آسمان ڏي مٿي نهاريو ۽ روئي ڏنم ته عراق جتي تيل جا کوه آهن. اتي ائين ماڻهو جانورن وانگر پنهنجي پيٽ جي بک اجھائڻ لاءِ سرگردان وتن ٿا ڪچري جي دٻن ۾ هٿ وجھندا! ڪنهن داناءَ بزرگ به شايد اهڙو منظر ڏٺو هوندو، تڏهن ته چيائين:
“بک بڇڙو ٽول داناءُ ديوانا ڪري”
ان جوان عراقيءَ کي ته لازمي روزو هوندو، پر هيءُ شايد پنهنجن ٻچن لاءِ کائڻ جو بندوبست ڪري رهيو هو.
مون عراق جي روڊن ۽ رستن تي نوجوان زائفن ۽ ننڊڙي عمر جي ڇوڪرين کي پئٽرول ۽ ڊيزل وڪڻندي ڏٺو. آمريڪا انهن ڏهاڙن ۾، ۽ اڃان به، عراق تي قابض آهي. پاڻ کي عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ جو چمپيئن ٿو سڏائي، پر هت عراق ۾ جيڪا انهن جي حقن جي لتاڙ پئي ٿئي ان جو تدارڪ ڪير ڪندو”.