باب پنجون: خانداني آهتي حجم
گرمين جي ڏهاڙن ۾ کانئس وار ٺهرائڻ ويندو هوس ته خوش خيرعافيت پڇي چوندو “ڪر خبر چار ڏاڏا خانڻ!”. وار وڏا ٿي ويا آهن تنهن ڪري آيو آهيان مان کيس چوندو هوس. تن ڏينهن ۾ ڪرسيون وغيره هونديون هيون ڪونه. منجي جيڪا واڻ سان واڻيل هوندي هئي، ويهاريندو ان تي. ۽ پوءِ کوليندو پنهنجي ڳوٿري. جنهن ۾ ڪئنچي، ڦڻي، پاڪي، سنهي مشين، ٿلهي مشين، نچڪڻو، نهيڻ ۽ هڪ عدد روهي، ۽ هڪ عدد صابڻ. ٻيو ٿيو خير.
پهرئين پاڪيءَ کي روهيءَ تي ٻه - ٽي گهڪا ڏئي ڪندو تکو، ۽ پوءِ ڪندو الهه تهار. نه کيس ڪپڙو جو ڳچيءَ جي چوڌاري ٻڌي ۽ نه وري سامهون رکيل آئينو. خبر تڏهن پوندي جو مٿي جا وار اچي اکين ۾ پوندا، ۽ ڪجھ هيٺ ويندا ڪرندا. پوءِ ڪندو هوس دانهن ته: “چاچا هي ڇا ڪيئه؟”. پر هي وڃي هٿ کي تيز ڪندو. بس چند منٽن ۾ مٿي مان ڦري ٿيندي ٽڪڻ. پوءِ جيئن طبلي تي هٿ جون آڱريون هڻي آواز ڪڍبو آهي ائين هي چوندو ته اُٿ ڏاڏا خانڻ وڃي چاچهن رحيم بخش کي چؤ سلام!. مان به اُٿڻ سان وات چٻو ڪري کيس گاريون ڏيڻ ڪندس شروع. روئندس ۽ رڙندس به گھڻو پر آخر ٿيندو ڇا؟ پر منهنجون به گاريون چالو هونديون، ائين گھر اچي پهچندس. امان مونکي ڏسي ۽ منهنجي ٽڪڻ کي ڏسي چوندي هئي ته: “ڪهڙي ماريئي تو سان هيءَ ڪار ڪئي آهي، جو سڄو مٿو رت ڪري ڇڏيو اٿس؟ مون آچر جو نالو ورتو ته چيائين وڃ ۽ وڃي جوڻس کي ڏيکاري اچ ته تعدي ڪريس، جو نڀاڳي ائين ڪيو آهي. آءٌ وري به روئندو سندس گھر ويندو هوس ۽ سندس گھر واري کي سڄي ماجرا ٻڌائيندس، ته چاچا آچر جيڪو ان مهل گھر ۾ هوندو هو ۽ ڏنڊي ڪونڊي ۾ ڀنگ گھوٽي رهيو هو، تنهن کي چيائين ته رسولي جا پيءُ هي ڇوڪرو دانهن کڻي آيو آهي، ڇو ڀلا تنهنجي پاڪي مڏي هئي ڇا؟ تنهنتي چاچي آچر کيس ٻڌايو ته ڏاڏي خانڻ جي مٿي ۾ رڳو هيون جون ۽ ليکون تن کڻي پنهنجا گھر ٺاهيا هئا سندس مٿي ۾، تنهن ڪري صفائي ڪئي اٿم. اهو ٻڌي مون کڻي ماٺ ڪئي. پوءِ وري مونکي چاچي آچر پاڻ ڏي سڏي منجيءَ تي ويهاري چيائين ته هن صافي کي جھل ۽ ڀنگ ڇاڻاءِ ۽ چاچهن رحيم لاءِ به کڻي وڃ. پوءِ مونکي به چڪڙو پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ مون به پيتو. ۽ چاچي لاءِ کڻي آيس. بس ڳالهه آئي ۽ وئي.
جڏهن اسڪولي زندگي پوري ٿي ۽ ڪاليج ۾ داخل ٿي ويس ته گرمين جي موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هوس ته چاچو آچر پري کان ڏسي کلي ڏيندو هو ۽ مان به سندس ڪلام اڌ-سنڌي-اڌ-اردو چئي ياد ڏياريندو هومانس “جادوگر بالما وٽو ڀر دال مان” ۽ ڍڪ ڀري کيس جھڪي ملندس ته ڀاڪر پائي چوندو ته ڏاڏا خانڻ هاڻي ته وڏو ٿي ويو آهين! ۽ وار به انگريزي ٿو ڪٽرائين! پوءِ چوندو شل آباد هجين. اهو سندس پيار، محبت ۽ پنهنجائپ وارو احساس اڄ به ياد آهي. ڪيڏو نه سندس قرب هو جيڪو وسارئي وسري نٿو.
جڏهن مان بعد ۾ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ته پاڻ نواب شاه لڏي ويو جو هت ڳوٺ ۾ سندس گذران ڪجھ ڏکيرو ٿي پيو. ڇو ته ماڻهن ۾ غريب لاءِ اهو ساڳيو قربانيءَ وارو جذبو گھٽبو ويو ۽ انهن پورهيتن لاءِ ٽيڪ ڏيڻ يا اوهر پٽڻ وارو جذبو نه رهيو. بعد ۾ دائود حجم به نواب شاه لڏي ويو، جو اهو وڏو شهر آهي ۽ ڪي قدر ڏوڪڙ پيسو جھجھو ڪمائي سگھجي ٿو. باقي احمد حجم هت رهجي ويو جو کيس پنهنجي وڏڙن جي زمين آهي جنهن جي سنڀال ڪندو هو، ۽ اڃان به سندس پٽ پوٽا دونهين دکايو ويٺا آهن.
ٻيڙي پيئڻ منهنجي عادت ٿيڻ
هڪ دفعي محمد عمر داداڻيءَ کي وات ۾ پن جي ٻيڙي ڇڪيندي ڏٺم. سندس پيءُ پوڙهو سفيد ڏاڙهيءَ سان هوندو هو. انکي ننڍڙو دوڪان به هوندو هو، جنهن کي اسان ٽڪو پيئسو ڏئي شيون وٺندا هئاسين. هو ويچارو ٻين جي بنسبت وڌيڪ شيءِ ڏيندو هو. شايد ان ڪري به جو سندس پٽ سان اسان جي دوستي هوندي هئي. عمر کي چيم ته هي ڇا ٿو ڪرين؟ تون ٻيڙي ٿو ڇڪين؟ ته چيائين ته ڏاڍو مزو آهي، پر آهي ڏاڍي تکي. پوءِ مونکي آڇ ڪندي چيائين ته هڻ سوٽو! ته دماغ کُلئي. آهستي آهستي مان به ڪڏهن ڪڏهن سوٽو هڻي وٺندو هوس. اهڙي طرح ٻيڙي پيئڻ جي عادت وئي وڌندي، ۽ پوءِ لڪي لڪي پيئندو هوس. جيڪا اڄ به سگريٽ جي صورت ۾ پيئندو آهيان. ٻيڙيون پيئسن سان ڪونه وٺندو هوس، پر ڳوٺ ۾ الهه بخش آخوندن جي پاڙي وارو، جنهن کي اسان مامو بخشو چوندا هئاسين، اهو پن جون ٻيڙيون خود ٻڌندو هو ۽ پيئندو هو. پوءِ پنهنجي ٻڌل ٻيڙيءَ جا ٻه - ٽي سوٽا هڻي رکندو ته وسامي ويندي هئي ته کڻي اڇليندو هو، ۽ اسان نوان سيکڙاٽ اهي سندس اڇليل کڻي اينداسين ۽ لڪ ڇپ ۾ انبن جي چلهن هيٺان ويهي پيئنداسين ۽ بعد ۾ واٽر مان وات ڌوئي گھر اينداسين، تنهن ڪري گھر وارن کي ڪا خبر نه پوندي هئي.