آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب ٻيو؛ سکر ۾ رهائش

سکر ۾ بابا سائين سرڪاري نوڪريءَ ۾ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر هو. ۽ اسان چار ئي ڀائر يعني اڪبر، بدر، مان ۽ شير محمد پڙهندا هئاسين. اسانجو ماما مريد علي به گڏ هو ۽ پڙهندو هو. بابا چوندو هو ته هن جي والد جا ايترا ته احسان آهن جو لاهي نٿو سگھان. ۽ پڻ چوندو هو ته توهان جو ڏاڏو جوانيءَ ۾ رباني راه وٺي ويو ۽ پوءِ بابا کي اسانجي نانا سائينءَ پڙهايو ۽ کيس اسانجي والده سڱ ۾ ڏني ۽ شاديءَ جو سمورو خرچ به نانا سائينءَ برداشت ڪيو. انهيءَ زماني جا ماڻهو، جيڪي هئا، انهن ۾ ماڻپو هو، سچائي هئي ۽ وڏي ڳالهه ته کين ڪنهن به قسم جي لالچ ڪانه هئي.
اسانجي بابا سائينءَ جڏهن بمبئي مان B.E ڪئي ته کيس پونا (انڊيا) ۾ سول ايويئشن ۾ نوڪري وٺرائي ڏني. بابا سائينءَ ڪجھ وقت اتي نوڪري ڪئي ۽ پوءِ ستت انڊين پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪيو. ساڻس محترم شير محمد بلوچ به امتحان پاس ڪيو، سنڌ مان صرف اهي ٻه اميدوار پاس ٿيا. بلوچ صاحب پوءِ اڳتي وڌندو ويسٽ پاڪستان جو سيڪريٽري ايريگيشن ٿيو. هن جيڪي ڪتاب سنڌو نديءَ تي “پاڻي منجھ پساه” لکيو ۽ جيڪي طاقتور صوبي ڏاڍايون ۽ اره زورايون لکيون آهن، اهي انهيءَ ڪتاب ۾ موجود آهن اهو ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي.
سکر ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ علي اڪبر فرسٽ ايئر سائنس ۾ شڪارپور ۾ C & S College ۾ بس ۾ پڙهڻ ويندو هو. ٻيو نمبر ڀاءُ بدرالدين پنجين ڪلاس ۾، مان پهرئين انگريزيءَ ۾ ۽ شير محمد پرائيمري ۾، ۽ ماما مريد علي ٻئي انگريزيءَ ۾ پڙهندا هئاسين. اسانجي والده ڳوٺ ۾ رهندي هئي. گرمين جي موڪلن ۾ اسان ڳوٺ ويندا هئاسين يا وري امان سکر ايندي هئي.
ادا اڪبر جو احوال: ادا اڪبر 1955ع ۾ ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري آيو هو ۽ شڪارپور پڙهڻ ويندو هو، ڇو ته سکر ۾ ان وقت سائنس ڪاليج ڪونه هو ۽ هيءُ ڪاليج پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو قائم ڪيل هو. شڪارپور سکر کان ڪافي پري آهي تنهن ڪري ادا اڪبر سرڪاري بس ۾ ويندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري جيپ ۾ به ويندو هو. ڊرائيور جو نالو عرض محمد پٺاڻ هو. مڙس ڊگھو. جسم ڀريل ۽ وار گھنڊي دار هئس. شريف ايترو جو اسانجي منهن تي ٻيڙي به ڪونه پيئندو هو. سدائين ڌوتل ڪپڙا، پيرن ۾ پشاوري جوتو هوندو هوس. ٻيو ڊرائيور جيڪو بابا سان گڏ سرڪاري گشت ۾ ويندو هو انجو نالو جگومل هو، پٽڪو مٿي سان ٻڌندو هو ۽ پويان اڌ وال کن پٺيءَ تي پيو لٽڪندو هوس. جڏهن مٿي تان پٽڪو لاهيندو هو ته سندس مٿي تي وارن جي چوٽي ڇڏيل هوندي هئي ٻيو سڄو مٿو ڪوڙيل هوندو هوس. اهو به رڃ شريف. مجال آهي جو سندس ڪار تي مٽي هجي. سدائين صاف جتي به گاڏي روڪبي ته لهڻ سان گاڏيءَ جي مٽي ۽ دزي صاف ڪبي مطلب ڪنهن به قسم جي سستي ڪانه ڪبي ۽ نه بي ايماني ٿيندي. بس پگھار تي گذر سفر. سندس گھر گھنٽاگھر جي ڀرسان جتي هن وقت ڪرن بيڪري آهي ان جي ڀرسان هيٺان دوڪان هوندا هئا ۽ مٿان پاڻ رهندو هو. اسان ننڍا ٻار سندس گھر به ويندا هئاسين، گھر ۾ اڪيلو هوندو هو، شايد پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندس زال ۽ ٻار انڊيا لڏي ويا هئا. پاڻ جيئن ته سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو تنهن ڪري رهيو پيو هو.
ادا اڪبر ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ته گوهي ڪندو هو جو صبح جو اٿڻ جو نالو ئي نه وٺندو. اها سندس عادت عمر جي آخري حصي تائين رهي. هڪ صبح جو بابو حسب معمول مونکي، ادا بدر کي نماز لاءِ اٿاريو ۽ پڻ ادا اڪبر کي به. اسان ته نماز پڙهي پر ادا اڪبر نه اٿيو ۽ اٽلندو سَوَڙِ مٿان وجھي ڇڏي. بابا سائينءَ گھڻي ڪوشش ڪئي پر ادا اڪبر تيئن وڃي سَوَڙِ ۾ سوڙهو ٿيندو. نيٺ بابا به سَوَڙِ ڇڪي مٿي ڪئي ۽ ادا اڪبر جو اهڙو ته بلٽ ڦريو جو چپل پائي غسل خاني ۾ وڃڻ بدران ڏاڪڻ جا ڏاڪا هيٺ لهندو ٻاهر نڪري ويو ۽ کڻي پنج گلي وارو رستو ورتائين. بابا کيس گھڻائي سڏ ڪيا پر ادا اڪبر پوئتي به نه نهاريو. بابا پوءِ تڪڙ ۾ هيٺ لهي بورچي جنهن جو نالو شمس هو ۽ اسان کيس پيار مان ادا شمسو چوندا هئاسين ادا اڪبر جي پٺيان موڪليو. هو به ادا اڪبر جي پويان سائيڪل تي ڊوڙندو ويو. نيٺ کيس وڃي پڳو پر نتيجو ڪجھ به نه نڪتو. ائين بئراج جا 66 دروازا به گذري ويا. شمسوءَ گھڻوئي ادا کي سمجھايو پر هن جي طبيعت ۾ ڪو به نرم گوشو نه آيو ۽ نه وري کيس سمجھ ۾ آيو ته ايڏو ضد ڇو ڪري رهيو آهي. ائين ئي ادا اڪبر روهڙي ڪئنال جو پاٿ ورتو ۽ ڪجھ ٿڌو به ٿيو سو شمسوءَ کي چيائين ته تون موٽ جو بابا کي به آفيس وڃڻو آهي ۽ ننڍن ڀائرن کي اسڪول وڃڻو آهي ۽ وڃي کين ناشتو ڪراءِ نه ته بکيا ويندا ۽ اسڪول ۾ کين ڪا به ڳالهه سمجھ ۾ ڪانه ايندي ۽ اجائي استاد جي مار کائيندا. وڌيڪ کيس چيائين ته بابا کي ٻڌاءِ ته مان امان ڏي ڳوٺ ٿو وڃان.
شروع کان ئي Mystery هو. ننڍي هوندي کان ائين هو. اهي بابا سائينءَ جا ادا اڪبر جي باري ۾ ويچار هوندا هئا. سندس عادت هوندي هئي ته پنهنجي ڳالهه ضرور مڃرائي.
ماسي پناه خاتون ۽ چاچي پريل جو احوال: منهنجي ماسي پناه خاتون ٻڌائيندي هئي ته بابا سائينءَ چاچي پريل کي ۽ خود ماسيءَ کي سکر ۾ پڙهائڻ لاءِ سينٽ ميري اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو جڏهن بابا سائين گھوٽڪي ڊويزن ۾ انجنيئر هو يعني 49-1948ع ۾ ۽ ماسيءَ اهو به ٻڌايو ته شيرل امان جي پيٽ ۾ هو. ماسي اهو به ٻڌائيندي هئي ته هوءَ انهيءَ ڪري سکر ۾ آئي جو امان جي ٻارن يعني ادا بدر ۽ مونکي تمام گھڻو کڻندي هئي جو ان وقت خاندان ۾ ٻيا ٻار هوندائي ڪونه هئا ۽ ٻيو ته امان سندس وڏي ڀيڻ به هئي تنهن ڪري ماسي ساڻس گڏ ويندي هئي.
ادا اڪبر جيئن ته لوڏ ڪوڏ سان پليل هو تنهن ڪري ٿوري ٿوري ڳالهه تي چڙي پوندو هو ۽ ضد به وڏو ڪندو هو. ماسي ائين به ٻڌائيندي هئي ته پريل سان راند ڪندي هيس ته اڪبر به وچ ۾ ٽپي پوندو هو، پوءِ اگر هن کي راند نه ڪرائيندا هئاسون ته ٻنهي سان وڙهي پوندو هو، سندن ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيندو هو، سندس چوڙيون ڀڃي ڇڏيندو هو. وڌيڪ ٻڌائيندي هئي ته پريل سان ته پوندي ڪانه هيس ۽ انکي هروڀرو چماٽون هڻندو هو. اهو روئڻهارڪو ٿي چوندو هوس ته ٻي هڻ ته ڏسانءِ! ته هن کي ٻي چماٽ وهائي ڪڍندو هو. وري چوندو هوس ته ٽين هڻ ته ڏسانءِ! ته هن کي ٽين به وهائي ڪڍندو هو. بس پوءِ چاچو پريل روئي وڃي امان کي دانهن ڏيندو هو. اها ويچاري چاچي پريل کي ڳراٽڙي پائي چوندي هيس ته اچي پڻس ته ان کي ٿي دانهن ڏيان پوءِ پاڻهي پڻس کيس مار ڏيندو! چاچو پريل آخر ڳوڙها ۽ سڏڪا ڀريندي امان جي هنج ۾ سمهي پوندو هو.
چاچو پريل ادا اڪبر کان هڪ يا ٻه سال وڏو هو. امان ۽ بابا جو سڳو سؤٽ هو. ننڍي هوندي سندس والد انتقال ڪري ويو تنهن ڪري يتيم سمجھي بابا ۽ ماما شاهنواز کيس تمام گھڻي محبت ۽ پيار ڏيندا هئا. پاڻ به بابا ۽ ماما جي گھڻي عزت ڪندو هو. سندس زبان مان مون ڪڏهن به انڪار نه ٻڌو، ائين به چوندو هو ته ابو ته هڪ هو، پر رب مونکي شاهنواز ۽ محمد سليمان جي صورت ۾ ٻه پيءُ ڏنا.
کين هڪ ڀيڻ هئي ”فتح خاتون”. انکي اسان پڦي ڪري چوندا هئاسين. هنن ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جو ذڪر اڳتي ايندو. هت صرف اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته ماسي پناه خاتون ۽ چاچي پريل کي سکر جو اسڪول ادا اڪبر ڇڏايو. انهيءَ جو مکيه سبب شايد هي هو جو امان جي شاديءَ کانپوءِ ٿوري عرصي ۾ ادا اڪبر ڄائو ته امان جي ڏاڏنگ ۽ بابا جي ناننگ ۾ هي پهريون ٻار هو، تنهن ڪري سڀني جو پيارو هو. امان ٻڌائيندي هئي ته چويهن ڪلاڪن ۾ رڳو رات جو مون وٽ هوندو هو. ڏاڏي رحمت، ڏاڏي جنت ۽ ڏاڏي هوا سندس مٿان اول گھول پيون وينديون هيون. کيس هڪ هنج تان لاهيندي ته ٻي کڻندي، ٻي لاهيندي ته ٽئين کڻندي هئي، ائين سڄو ڏينهن ڏاڏنگ ۾ هوندو هو. ڏاڏي رحمت جيڪا بابا جي ماسي هئي، تنهن جي دل جو دادلو ۽ اکين جو تارو هو، وري ٻي طرف ڏاڏي جنت جيڪا بابا جي مامي هئي، انجي دل جو سرور هو. مطلب اهي ٻئي بابا جي اولاد مٿان بس عاشق هيون.
مان به کين ڏاڍو وڻندو هوس ڇو ته مونتي سندن والد جو نالو رکيل هو. اهوئي سبب هو جو بابا مونکي “نانا” ڪري سڏيندو هو. مون کي ٻنين تي پاڻ سان کڻي وينديون هيون. پوءِ زمين ۾ جوئر جا مٺا ڳنا ڪپي کارائينديون، متيرا پٽي ڏينديون، ٻيرن جي مند ۾ ٻير کارائينديون. بس انهن جي ڇا ڳالهه ڪجي. اهي ڳالهيون ياد ٿيون اچن ته اندر ۾ اڌما ٿا نڪرن.
ڏاڏي رحمت ته جواني ۾ بيوه ٿي ۽ ڏاڏي جنت کي اولاد ڪونه ٿيو. ڏاڏي رحمت ٻي شادي ڪانه ڪئي، سندس حياتي ائين سچائي، پاڪدامني ۽ پارسائيءَ سان گذري وئي. ادا اڪبر ۽ خاص ڪري مونکي پنهنجو پٽ ڪري نپايو. سڄو ڏينهن اسان ٻئي ڀائر ساڻس گڏ هوندا هئاسين. ڪو به پڇندو هوس ته چوندي هين ته ڀاڻج جو اولاد آهن.
ڏاڏي هوا اسانجي سڳي ڏاڏي هئي. مان ڄائو هوس ته مون تي پنهنجي والد جو نالو رکيائين، تنهن ڪري مونکي “بابو” ڪري سڏيندي هئي. بابا سائين “نانو” ڪري سڏيندو هو. ڏاڏيءَ جي اندر ۾ محبت، پيار ۽ دلي اُنس الله ڪٽي ڪٽي ڀريو هو. بابا هميشہ سرڪاري نوڪريءَ جي ڪري ٻاهر رهندو هو تنهن ڪري چاچي رحيم بخش سان رهندي هئي. جوانيءَ ۾ ڏاڏو عبدالله ٻه ٻار هڪ بابا سائين ۽ ٻيو چاچو رحيم بخش ڄڻي وڃي رب سان ملاقاتي ٿيو. تنهن ڪري ڏاڏيءَ غريباڻي حال مطابق نيپاج ڪيو ۽ ناني حاجي خان کي چيائين ته: “ادا سليمان کي ڀلي پڙهاءِ باقي رحيم بخش کي ڏاندن جو جوڙو وٺي ڏي ته زمين کي به آباد ڪري ۽ ڀاءُ کي پڙهائيءَ جو خرچو وغيره ڏئي”. طبيعت جي تمام سادي، صبر ۽ شڪر ڪرڻ واري هئي. پورهيو ڪرڻ ڪري سندس گوڏن ۾ بيماري ٿي پئي، پوءِ ته هڪ هنڌ ويهي وئي، تنهن ڪري سڀڪو کيس “منڊڙي” ڪري سڏيندو هو.
علم ايترو ڪونه هيس، پر ان وقت ۾ ماڻهن ۾ ايماني قوت ايتري جو ڇا ڳالهه ڪجي. ڇيٽ جو چولو، ڇيٽ جي سلوار، ۽ ڇيٽ جو رئو. اها هئي سندس پوشاڪ. هٿ ۾ تصبيح، سادو پهربو، سادو کائبو، بقول لطيف سرڪار جي:
“آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا”.
الله الله! اڄ اها ماجرا ياد ٿي اچي ته اندر ۾ چير، جگر ۾ جھير ۽ دل ۾ اڌما ٿا اچن. هن ويل نه اهي ماڻهو نه ماڻهوءَ جي ذات، بس هر طرف نفسا نفسي لڳي پئي آهي. نه رهيا واهرو نه وري رهيا واهيرا. ڪنهن ڪهڙو نه چڱو چيو آهي ته:
“ڀڳا ڏار ڳيرا اڏاڻا هليا ويا”.