باب پهريون: حيدرآباد ۾ داخل ٿيڻ
سندس وڏي خوبي هي هئي جو شام جي ٽائيم ۾ لطيف هال جي ڀرسان ميدان تي ڪاٺ جون ٺهيل پڃريون رکيل هونديون هيون. ڏيڊ مڻ جي پڃري هڪ هٿ سان کڻي ويندو هو. اهڙي طرح سان هو روزانو ورزش ڪندو هو.
انهيءَ سال بابا جي بدلي لاهور مان حيدرآباد ٿي ته اسان به حيدرآباد لاءِ سرٽيفڪيٽ ڪڊرائي حيدرآباد جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿياسين. مون ٽيون درجو گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو ۽ چوٿين ۾ داخل ٿيس. محترم رحيم بخش ميمڻ صاحب هيڊ ماستر هو. تمام حسين، قدآور، لٽي ڪپڙي جو شوقين ۽ عاليشان ڪپڙا پائيندو هو. سندس مٿي تي فليٽ هيٽ پاتل هوندو هو. هر پيرڊ کانپوءِ ڪلاسن جو چڪر لڳائيندو هو. مطلب ته بهترين منتظم هو. هي اسڪول ڊبل اسٽوري بلڊنگ هو. اسانجو ڪلاس مٿي هوندو هو.
سائين بشير احمد قريشي: سائين بشير احمد قريشي به اسانکي پڙهائڻ ايندو هو. تمام ڊگھو، پر سنهڙو، آواز ڳؤرو ۽ رعب وارو هوندو هوس. سڄو ڪلاس سنڌي ٻارن جو هو. هي اسڪول رسالا روڊ تي واقع هوندو هو، ۽ مين گيٽ تي ڪوٽڙي ويندڙ سرڪاري بسن جو اڏو هو. مين گيٽ جي اندرين پاسي لا ڪاليج جي بلڊنگ هوندي هئي. اسان ننڊا ٻار گھڻو ڪري قميص ۽ چڊيءَ ۾ ايندا هئاسين.
سائين بشير احمد قريشي تمام هوشيار ۽ قابل استاد هو. هڪ شام مان ايم. اي فائنل جي شاگرديءَ واري زماني ۾ تلڪ چاڙهيءَ تي مٿي وڃي رهيو هوس ته هي مٿان هيٺ لهي رهيو هو. منهنجي پري کان نظر پئجي ويس، ڏٺم ته ساڳيو سنهڙو، پينٽ شرٽ ۾ ملبوس اچي رهيو هو. مون ڊڪ ڀري سندس قدم بوسي ڪئي ته ڪي قدر گھٻرائجي ويو ۽ تعجب ڀريل آواز ۾ چيائين ته “پٽ! مون ڪونه سڃاتو آهي پليز تعارف ڪراءِ؟”. مون کيس چيو ته سائين آءٌ توهانجو شاگرد آهيان جڏهن اوهان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر هئا، قاضي سليم، احسان قريشي، سليم قريشي، منور ميمڻ، محبوب انصاريءَ سان گڏ پڙهندو هوس. ته ٺهه پهه چيائين ته: “تنهنجو پيءُ بي. اينڊ آر. ۾ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر هو نه؟”. مون هائو ڪئي ته پاڻ مونکي ڀاڪر ۾ وجھي چيائين ته ابا! ڏاڊي خوشي ٿي تو سان ملي. ڪجھ دير فٽ پاٿ تي بيٺا رهياسين، ۽ پوءِ مان کانئس موڪلائي هليو ويس.
جڏهن مان نوشهري ۾ اسلامڪ ڪلچر ۾ ليڪچرار ٿيس ته شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ “پراڻيون تهذيبون” نالي ڪتاب جي ضرورت محسوس ٿي جو ٻارن جي سليبس ۾ کين اهي ضرور پڙهائڻيون هيون. ڪاليج جي لئبرريءَ جي ڪيٽالاگ ۾ اهو ڪتاب موجود هو. لئبرري انچارج کي چيم ته ان جلدي ۾ اهو ڪتاب ڪڊي ڏنو. ڏٺم ته اهو ڪتاب سائين بشير احمد جو تصنيف ٿيل هو. دل ۾ ڏاڊو خوش ٿيس. ڪتاب جو مطالعو شروع ڪيم ته ائين محسوس ٿيو ته آءٌ اسڪول جي بينچ تي ويٺو آهيان ۽ سائين بشير احمد مونکي پڙهائي رهيو آهي. پاڻ جڏهن سچل ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو هو ته تصنيف ڪيو هئائين.
ڪافي سالن کانپوءِ منهنجي عزيزن مان عبداللطيف عرف دودو جي شادي ٿي. آءٌ حيدرآباد وڃي ان ۾ شريڪ ٿيس. معلوم ٿيو ته عبداللطيف جي ڪنوار سائين بشير احمد جي سڳي ڀائيٽي آهي. هاڻي به جڏهن ان سان ملاقات ٿيندي آهي ته دل ۾ هڪ اتساه پيدا ٿيندو آهي ته ان کان آشيرواڌ حاصل ڪيان، ڇو ته بزرگن جو قول آهي ته اگر موسم خزان هجي ۽ گلستان ۾ گل نه هجن ته گلن جي پاڻيءَ مان اهائي ساڳي خوشبوءِ حاصل ڪري سگھجي ٿي. واقع سائين بشير احمد هو به اهڙو شخص جنهن جي هر گفتي ۾ قرب، پيار، ۽ همدرديءَ جا جذبا ڀريل هوندا هئا.
سائين محمد حسن ڀٽو:
سائين محمد حسن ڀٽو به منهنجو استاد هو. سائين به لٽي ڪپڙي ۾ خوش پوش، ۽ هميشہ پينٽ شرٽ ۾ ايندو هو. تمام هوشيار هو. پر سخت طبيعت جو هو. ڪڏهن به ڪلاس ۾ گوڙ کي پسند نه ڪندو هو. سندس هٿ ۾ هميشہ چاڪن جا ننڊا ٽڪرا هوندا هئا. اگر ڪنهن شاگرد ٿورو به ڳالهايو ته ان کي چاڪ هڻي نشاندهي ڪندو، مطلب پنهنجي پيرڊ ۾ پڙهائڻ جي دوران شاگردن کان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪندو هو.
ڪجھ سالن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. ڪافي اتي پڙهايائين. جڏهن مون انٽر پاس ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ته ساڻس سندس ڊپارٽمينٽ ۾ ملڻ ويس، ته پري کان ڏسي سڃاڻي ورتائين، ۽ نالو وٺي ڀاڪر پائي حال احوال ورتائين ته ڏاڊو خوش ٿيو، ۽ چيائين ته: “صحيح جاءِ تي آيو آهين. پر محنت ڪجانءِ جو هيءَ جاءِ سمنڊ اٿئي ۽ پي ڊؤُ ڪجانءِ ۽ پوءِ فيلڊ ۾ وڃي اُڃي بکئي کي پيارجانءِ ته پوءِ تون صحيح معنيٰ ۾ انسان ٿيندينءِ ۽ ننڊي هوندي واريون حرڪتون نه ڪجانءِ”!
اسڪول واري زماني ۾ مون سان محبوب عالم انصاري، منور علي ميمڻ، سليم قاضي، سليم قريشي، خاص دوست هئا. محبوب ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملندو رهندو هو، ۽ ذولائجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخل هو. اتان پوءِ ايم. ايس. سي ڪري وڃي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ وڌندو وڃي سيڪريٽري ٿيو. سليم قاضي ۽ سندس ڀائرن اسريٰ يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ وڏي پيسئي وارا ٿيا ۽ آهن. سليم قريشي پنهنجي والد سان تلڪ چاڙهيءَ تي “ادبيات” جي نالي سان ڪتابن جو دوڪان کوليو، جيڪو ڪافي سالن تائين هلندو رهيو. احسان قريشي پي. سي. ايس. ڪري ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر ٿيو ۽ ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. رشيد هميراڻي يونيورسٽيءَ ۾ ملندو هو. حيدرآباد ريڊيو تان لوڪل خبرون پڙهندو هو. ان کان علاوه لؤنگ خان به هو. جو پوءِ ٻڌم ته مئٽرڪ پاس ڪري وڃي اباڻي ڪرت ڪيائين. سندس والد واڊن واري پڙ ۾ بيل گاڏيون، گڏه گاڏا ٺاهيندو هو. آغا امان الله پٺاڻ به ڪلاس ۾ گڏ هوندو هو. جڏهن به کلندو هو ته سندس ڳٽن ۾ رت ظاهر ٿي پوندو هو. ڪجھ سالن کان پوءِ حيدرآباد سول اسپتال جي سامهون ڏسڻ ۾ آيو. مون کيس سڃاڻي سڏ ڪيو ته بيهي رهيو ۽ ڪڇيو ڪجھ به ڪونه. تنهن تي مون کيس چيو ته: “ادا سڃاڻين ڪونه ٿو؟” ته چيائين ته نه، تعارف ڪرايو. مون جڏهن کيس ٻڌايو ته چيائين ته: “يار مون ٻڌو هو ته تون گذاري وئين“؟. پر اڄ ته تون منهنجي سامهون آهين”. پاڻ ان وقت MBBS جو شاگرد هو، ۽ کيس ايپرن پاتل هو. ۽ منهن تي ننڊي ڏاڙهي به رکيل هئي. اهوئي ڀريل جسم ڳاڙهو رنگ، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن وري ڪا خبر نه آهي ته اهو دوست ڪٿي آهي.
سن 2013ع ۾ مخدوم محمد دائود آگرو لڳ هالاڻي جي مزار تي قل پڙهڻ جي خيال سان ويس، جو خيرپور کان ڳوٺ وڃي رهيو هوس. قل خواني ڪري مٽن مان پاڻي پي رهيو هوس ته اتان جو خدمتگار به اچي بيٺو. مون کيس چيو ته ادا مخدوم محمد دائود جي قبر جي سيرانديءَ کان ڪتبو لکيل هو، اها سر ڪاڏي وئي؟ ته چيائين ته سائين شڪارپور جو هڪ ڊاڪٽر ڪڊرائي کڻي ويو آهي ۽ چيو هئائين ته نئين سر ٺهرائي کڻي ايندس، پر ڪافي وقت ٿيو آهي ته اهو صاحب نه اوري نه پري. باقي فون جو نمبر ڏئي ويو آهي پر کڻي ڪونه ٿو. نمبر ڏيکاري سندس نالي ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته سندس نالو آهي ڊاڪٽر امان الله پٺاڻ. مون ان وقت ئي نمبر لڳايو ته جواب آيو ته : “Please check your dialled no:” ان مجاور جيڪي پار پتا ڏنا ۽ اُهڃاڻ ٻڌايا لڳي ائين پيو ته ساڳو ڊاڪٽر امان الله پٺاڻ هوندو.
20 نومبر 2013ع تي پنهنجي اسڪولي يار قاضي سليم کي فون ڪري حال احوال اوريم ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ کانئس ڊاڪٽر امان الله پٺاڻ بابت پڇيم ته چيائين ته ٺيڪ آهي ۽ آمريڪا ۾ آهي. پوءِ وڃي پڪ ٿي ته اهو يار جيڪو مخدوم محمد دائود آگري جي قبر تي لڳل ڪتبو ڪڊرائي ويو هو اهو ساڳيو هو.
استاد سهتو صاحب:
هي سائين به پڙهائڻ ايندو هو. ذات جو سهتو هو، پر نالو وسري ويو اهي. هيو ڪنڊياري جي پاسي جو سندس نقش نگار هن طرح هئا، رنگ جو سانورو، قد ۾ ڊگھو ۽ بدن جو مضبوط هو.
هڪ ڏينهن سائين پڙهائڻ ۾ مشغول هو ۽ بورڊ تي ڪجھ لکي سمجھائي رهيو هو، ته هڪ دوست مونکي چهنڊڙي هئي ته مون به کيس ساڳي ڪار ڪئي. ته ان هڪ وڏي دانهن ڪئي. جيڪا سڄي ڪلاس ٻڌي. سائينءَ به ٻڌي، کانئس پڇيائين ته ڇا ٿيو؟ ان مون ڏي اشارو ڪيو. بس سائينءَ مونکي سڏ ڪيو ۽ رول هڻڻ شروع ڪيائين، هٿ جي تري سڄي ڳاڙهي ٿي وئي، وري ٻئي هٿ جي تريءَ تي هڻڻ شروع ڪيائين ۽ شاگردن سان مخاطب ٿي چيائين ته: “ٻهراڙيءَ جو آهي ڏسو ته دانهن ئي ڪونه ٿو ڪري!”. ڇورا اگر توهان کي ائين رول هڻان ها ته دانهون ڪيو ها ۽ پَٽَ تي ڪري پؤ ها! پوءِ مونکي مخاطب ٿي چيائين ته ڏي خبر! وري ڪبي مستي. مون چيو ته نه سائين، ته چيائين توبهه ڪر. مون نڪ تي آڱر رکي توبهه ڪئي. ته وري چيائين گيسي ڪر! مون پٽ تي گيسي ڪئي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري پٽ تي ئي ويهي رهيس ۽ اکين ۾ ڳوڙها لار ڪري وهڻ لڳا ۽ پيشاب به وهي ويو. مونکي چڊي پاتل هئي تنهن ڪري پٽ تي پيشاب ظاهر ٿي پيو پوءِ مونکي چيائين ته اڙي مٽڻا منهنجي هيءَ مار سڄي عمر ياد ڪندين! مون خاموشيءَ سان پنهنجي ڊيسڪ تان ڪتاب کنيا ۽ بنا اجازت ڪلاس مان ٻاهر نڪري ويس.
نواب شاه ۾ وڪالت دوران ماما مونکي ڪنڊياري ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ چيو. ڪورٽ جو ٽائيم اٺين بجي کان شروع ٿيندو آهي، تنهن ڪري صبح جو پنجين بجي تيار ٿي عظيم بس ۾ سوار ٿي اٺين بجي ڪنڊياري پهتس. ڪورٽ ۾ شاهد وغيره ڪونه آيا، تنهن ڪري يارهين بجي تاريخ ملي. تاريخ وٺي ٻاهر نڪتس ته ڪجھ ماڻهن سان هڪ وڪيل ڪاري ڪوٽ ۾ ملبوس ڳالهائي رهيو هو. مون اچانڪ کيس ڏٺو ته کيس سڃاڻي ورتم. اهو ساڳيو سهتو صاحب هو. کيس سلام ڪيم ۽ ياد ڏياريم ته چيائين ته لاڙڪ آهين نه! مون هائو ڪئي ته چيائين ته هن پروفيشن ۾ ڪجھ ڪونهي تنهن ڪري سوير ئي ڪو ٻيو بندوبست ڪر، ورنه ڪٿان جو ڪونه رهندين ۽ ائين ججن ۽ ڪلارڪن جي رحم و ڪرم تي زندگي گذاريندين. مون کيس چيو ته سائين ڀلا اوهان نوڪري ۾ هئا، نوڪري ڇو ڇڏي؟. ته چيائين ته: “مون سمجھيو هو ته مان اي. ڪي بروهي ٿيندس ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿيندس، پر هت ته کل ئي کٽي ٿي پئي آهي. وڌيڪ چيائين ته ماڻهو به آهن پڪا وڪيل ته ڪن ٿا ۽ اسان به ويٺا آهيون واجھ وجھون پر هنن ٻهراڙيءَ وارن کان پيسئا ڪڊڻ ڏاڊو ڏکيو آهي. مطلب ته مون سندس دل ۾ ۽ روح ۾ ڪو به رحم ڪونه ڏٺو. جهڙو 1959 ۾ هو تهڙو 1971 ۾ ڏٺم.