شاعري
سيرت جي انتقال تي:
منهنجي ڀائيٽي فرحان بدر جنهن کي صدر به سڏيو ويندو آهي، تنهن جي ڌيءَ جنهن جو نالو ته سيرتِ زينب هو، پر کيس سڀئي صرف سيرت چئي سڏيندا هئاسين، اچانڪ چوڏنهن سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. جيترو سندس اَبَي امان افسوس ۽ ڏک ڪيو ايترو خاندان جو هر فرد سوڳوار ٿي ويو. منهنجي دل ۽ دماغ به لاٽون وانگر ڦرندو رهيو. دماغ ۾ گھڙيءَ گھڙيءَ جيڪي خيال ايندا ويا انهن آخر هنن لفظن کي جنم ڏنو.
(1)
ٻـڌ تـه ٻـڌايـان صـدر سـيرت سنـدي تات
اک وڏي چـنـڊ چـهـرو بـيـشڪ بـڻي بات
ڏاتـر بخـشـي ڏات هـئـي سـڀ انـهـيءَ کي.
2. دلـنـشـيـن ڪـونـج هـئـي ڪوه ڪاف جي
مـــــاهِ جـبـيـن مــــوج هــئــي مـــهــراڻ جي
چـــــانـــڊاڻ هــئــي چــوڏهيــن سـنـدي پـر
ســــوڳـــوار ڪــري ســارو سـنـسـار وئي.
3 ديـــــــس کــــــــان ڪــــهـــڙي آئـــــي هــئي
پــــــــــرديــــــــــس ڪــــــــهــــــڙي ڏي وئــي
ســـــــــڏڙا ڪـــــــري آهـــــيــــان ٿــــڪــــو
ڪــونــه ٿـو تـنـهـن جـو پوي مونکي پتـو
هـــائــي الا! هــوءِ ڪـهـڙي پـار اَپـار وئي
4. هــــو بــهــو فـــرحـــــان جــي ٻـولـي هـئـي
۽ پــنــهــنــجـي مــــــــاءُ جـي لـولـي هــئي
لـــهـــرن جـيــان لـهــرن مـٿــان ڇولي هئي
بــي انـت بــحــر ســان ٿي هـمڪنار وئي.
5. بي مثل سيرت هئي سيرتِ زينب جيان
تعريف تنهنجي آءٌ ڪري ڪهڙي ڪيان
بـجـلـي هـئـي روشـن ڪري مانڊاڻ وئي
ڪـيـئـن وئـي ڪـــاڏي وئـي ۽ ڇـو وئـــي؟
لـڪ لـڪـوٽـي رانـد ۾ ڏئــي مــات وئـي
(ii)
1. ســيــرت ۾ هــڪ صـورت هـئـي، صورت ۾ هـڪ مورت هئي
مورت واه خوبصورت هئي، خوبصورت هڪڙي سيرت هئي.
پــــــاڪ هــئـــي پــــــاڪ هــئــي، ســنــڌوءَ مـــــثـــــل پـــــاڪ هئي
انــمــــول هــئــي انـــــمـــول هـئي، هـــيـــــري مـــثــــل انمول هئي.
2. پــتـــا رنـــا پـٿـر رنــا وڻ ٽــڻ رنــا ٻــوٽــا رنا
گل ڦل رنا بلبل رني ۽ باغ جي مالهيءَ رنو
3. ڏاڏي رنو ڏاڏيءَ رنو چاچي رنو چاچيءَ رنو
ماما رنا ماسيون رنيون اَميءَ رنو بابا رنو
4. ڌرتيءَ رنو آسمان رنو جن و بشر انسان رنو
تــو رنــو، مـون رنـو ۽ قرب وارن پيارن رنو
5. ڪـربلا ٿـي وئي اچـانڪ سيرت لٽجي وئي
ٻارن رنـو ٻڍڙن رنـو پنهنجن رنو غيرن رنو
6. “خان محمد” بند ڪر پنهنجي حڪايت دل ٿي ڦاٽي پوي
اسـپـتـال جـي ڊاڪـٽـراڻين رنـو، ڊاڪٽرن رنـو نرسن رنـو.
(iii)
جڏهن سيرت جي ياد اچي ٿي
دل ۾ هـڪڙي چڻنگ ٻري ٿي
تـــارا ڳـڻـيندي رات گذاريم
راه نـهــاري راهـــــون ٻـهـاريم.
مقدس جي انتقال تي:
مقدس منهنجي ڀائيٽيءَ ڊاڪٽر گل صنوبر جي نياڻي هئي. هڪ المناڪ ڪار حادثي ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪري وئي. انجي فراق ۾ سڄو خاندان وٺجي ويو. سندس ياد کي هنن الفاظن سان ڀيٽا ڏني اٿم.
1. هــــــــا مــقــدس جـــــــو مـــاڳ هــتــي
ســـنــدس رنــگ، روپ ۽ راڳ هتي
ســـنــدس پـيءُ ۽ مـــاءُ جو ڀاڳ هتي
سو ڦيري پائي ڦٽائي وئي........
2. هئــــي پــيــاري پــنـهـنـجـي بـابـا جي
هئـــي پــيــاري پـنـهـنجي اَمــيءَ جي
هئـــي پـيـاري پـنـهـنـجي نانــيءَ جي
پنهنجي نانيءَ سان دل اٽڪائي وئي.
سو ڦيري پائي ........
3. جــــت ٻـــڌبــــا هـــئــا ٽـهـڪ سـنـدس
اُت پـسـبــي هــئــي مـــهـــڪ سـندس
تـنـهـن مـحـفـل کــي مـهـڪـائـي وئي
سا ڦيري پائي .........
4. هـئـي دلـربـا هـا دلـربا مـقـدس هئي دلـربا
هئي خوشنما ها خوشنما برابر خوشنما
ڇـــــو تـــه پــــــاڻ جـــــــوت جـــــلائــي وئـي
سا ڦيري پائي .............
5. “خان محمد” هـاڻي بـس ڪر اها ڳالهڙي
حــــيـــاتـي تــــه آهـــــي هـــڪ مـــاڪ ڦـڙي
شـهـيـد جـي ڳـالـهه هـاڻـي ڪــهــڙي ڪبي
ڪـري بـنـد اکيون هڪ نظر نهـاري وئي
سا ڦيري پائي ڦٽائي .......
ادا بدر سان شڪايت:
23.11.15 تي ڪراچي وڃڻ ٿيو. رهبو ادا شيرل وٽ آهي. آخر ادا بدر سان به ملڻ جو شوق ٿيو. کيس فون ڪري عرض ڪيم ته چيائين ته سڀاڻي اچي سگھين ٿو. ٻئي ڏينهن تيار ٿي ۽ کيس فون ڪيم ته اچان پيو. ته همراه چيو ته اڄ نه اچو ته بهتر. منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ پاڻ تي افسوس اچڻ لڳو ته هي مون ڇا ڪيو جو انگريزن وانگر ٽائيم وٺي پوءِ ٿو وڃان. منهنجي اها حالت ڏسي ادا شيرل مون تي کلڻ لڳو ۽ چوندو رهيو ته ٻچو جھل دَٻَ. هن وڌيڪ چيو ته ادا بدر هن سان اڪثر ڪندو رهندو آهي. ۽ وڌيڪ چيائين ته موڊ ٺيڪ ڪيان. منهنجي دماغ مان دونهان نڪرڻ لڳا. انهن دونهن وڃي دل تي ڪجھ نقش ڇڏيا ۽ انهن نقشن لفظن جو روپ ورتو جن کي پوئي ڇڏيم. دراصل هي جذبا ۽ اڌما آهن، حقيقت ۾ مون چاهيو ٿي ته ادا بدر ڏي ڏياري موڪليان پر ائين نه ڪري سگھيس، انهيءَ ڊپ کان ته الائي ڪهڙي سبب ڪري اچڻ نٿو ڏئي، ورنه ڀائر آهيون ۽ ننڊي هوندي کان گڏ رهيا آهيون دوستن وانگر. دل ۾ اهو خيال ايندو رهيو ته ضرور ڪا مشڪل درپيش آئي اٿس. هي بيت دراصل شڪايت ئي آهي، جيڪا سانڊي رکي هئم.
(i)
خــاڪ آهــيــن خــاڪ ٿي، خــاڪ ۾ ويـنـدين هـلـيو
گـل آهين هـن چـمن جو، ڪومائجي ويندين هليو.
(ii)
غــــــــم نـه ڪر اي دلربا، مــــــــــــــــــــــــــاه لــــــــقـــــا
شيئر ڪر دل جو گوندر، اڄ ســڀـان ويـندين هليو
(iii)
پـوکـڻـي ٿـئـي پـوک اڄ، نـه تـه مـنـڌ ويـنـدءِ چـڙهـي
پـــــوءِ پـــريـــشـان ٿــــي، هـٿ مَـلَي ويـنـديـن هـلـيو
(iv)
مـــاحــــول ۽ مــوســـم ته بــدلـــبـــا رهـــنـــدا ســهــڻا
تون نه بدلج ادا بدر ورنه، غمگين ٿي ويندين هليو.
1984ع ۾ نوشهري جي ڪاليج جي مئگزين نڪري رهي هئي، ان ۾ پنهنجي هڪ مضمون کان علاوه هي بيت به ڏنو هئم. پراڻيون ڊائريون ڳوليندي اها مئگزين ملي. هي بيت هت ڏئي ڇڏيان ٿو.
بيت
1. ڪــــرڻ پـنـڌ پــريــن ڏي، نــاهه ڳــالــهه ڳـري
وٺــجــي پـيـر پــريــن جــــو رکـــي ذوق ذري
مـنـجـھـان واٽ وري اچـج ڪين عجيب ري
2. پــريــن هــــونــدم سـاڻ سـدائـيـن سـاڻـيـهه ۾
ڇـا چـئـي ڇــا چــوان آهـــيـــــان آءٌ اڻـــڄـــــاڻ
اچـي مـلـندم هـاڻ سـرتـيـون سـوئي سپرين
3. مــحـبـت ڪـرڻ ۾ مـنع، نـاهي عـشق عذاب
ڀــري جــام شـــراب، پـيئندا پنوهارن سين.
4. پـيـئـنـدا پنـوهارن سين، لاهي سڪون لک
نـيـٺ تـه مـلـنـدا سـک پرين جي پريت سين.
5. پرين جي پريت سين، پسجن هزارين رنگ
پـچي ٿيا آهن سنگ، عشـق جي آلاپ سين.