آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب ستون: سينٽرل اسيسمينٽ

نوشهري جو ڪاليج 1975 کان امتحان جو سينٽر ٿيندو اچي ٿو. جنهن سال سکر جو بورڊ وجود ۾ آيو ته ڪاپي شروع ٿي ۽ وڃي عروج تي پهتي: ڀلا پنهنجن ٻارن کي سٺين مارڪن سان پاس ڪرائڻ ۽ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ پهچائڻ جو آسان طريقو هو. لازماً اسان استاد به ائين ئي ڪندا هئاسين. ڀلا سڄو معاشرو جو ائين ڪري ته استاد به معاشري ۾ رهي ٿو، ڪٿي ٿو پاڻ کي بچائي سگھي.
جنهن سال يعني 1990ع ۾ جنرل معين حيدر سنڌ جو گورنر ٿيو ته ڪجھ هن صاحب تبديلي آندي. مثلاً جوابي ڪاپيءَ تي ڪوڊ لڳرائڻ ۽ سينٽرل اسيسمينٽ وغيره وغيره. ان کان اڳم ته جوابي ڪاپيون ريل رستي ٻلٽي ڪري موڪلبيون هيون. بس هاڻي هي استاد پنهنجي ٻارن کي جوابي ڪاپيءَ تي نشانيون ڪرائيندو ۽ پوءِ نڪرندو سکر بورڊ آفيس، يا جتي پيپرن کي چيڪ ڪيو ويندو هو. صبح سان ئي استادن جا هشام هوندا هئا جيئن سنڌ جي هر شهر ۾ آچر تي مال پڙي لڳندي آهي ائين ئي پڙي لڳندي هئي. هر استاد کي هٿ ۾ نشانين جا بنڊل هوندا ۽ ويندو هو ورهائيندو ۽ منٿون ڪندو ته خيال ڪن ۽ ٻين کي به چون. ڪنٽرولر محمود الحسن صاحب کي مون هميشہ (ذات جو کوکر هو) ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نخرا ڪندي ايندي ڏٺو، پر نهاريندو ڪنهن ڏي به ڪونه، ڇو ته هن کي خبر هئي ته SPLA جا سرڪرده ليڊر موجود آهن، ۽ انهن سان ڦٽائڻ صحيح نه هو، تنهن ڪري مسڪرائيندو گذري ويندو هو.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود پوزيشنز استادن جي ٻارن جون ڪونه اينديون هيون. تنهن ڪري استادن هڪ سال يعني 1990ع ۾ هڪ فارمولو ٺاهيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ نڪري پيا. انتظاميه کي به کڙڪ پئجي وئي. انهن ڏهاڙن ۾ سکر ڊويزن جو ڪمشنر نثار احمد صديقي هو. ان پنهنجي وسان ڪين گھٽايو، هر سينٽر تي وڏي سختي ڪرائي، پر آخرڪار استادن اهڙيون ته چالون کيڏيون جو سڀ پوزيشنز استادن جي ٻارن کي مليون. هر طرف کان مبارڪون ملي ويون انهن سرڪرده پروفيسرن کي جن اهو فارمولو ايجاد ڪيو. واه واه! ٿي وئي. بلي بلي جا نعرا لڳي ويا. واه فلاڻا سائين واه!

ڪاليجن لاءِ ڪمپيوٽر وٺڻ:
2001ع ۾ اسانجي سيڪريٽريءَ صاحب سڀني D.C.O’s کي اهڙو ليٽر يا فون ڪيو ته هر ڪاليج ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول کي ڪمپيوٽر وٺي ڏيو ۽ پيسئا انهن کان وٺو. اسان ڪاليج جي هر پرنسپال کي اهڙو DCO جو پيغام ملي ويو. اسان پرنسپالن هڪ ٻئي سان فون تي رابطو ڪيوسين، ته اسان ڪو انڌا آهيون يا منڊا جو اهو ڪم به اسان کي انتظاميه ڪري ڏئي، ۽ وڏي ڳالهه ته پيسئا اسانجا. تنهن ڪري هڪ ٻئي سان صلاح مشورو ڪري اهو فيصلو ڪيوسين ته اهو ڪم اسان خود ڪنداسين.
منهنجي ڪاليج ۾ هڪ استاد ڪامرس جو هو، جيڪو پنهنجي شهر محراب پور ۾ شام جي وقت پنهنجو ڪمپيوٽر سينٽر هلائيندو هو. ان کي چيم ته هن هامي ڀري ۽ وڌيڪ چيائين ته ليباٽري قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪمرو کپندو، ۽ گھٽ ۾ گھٽ ويهه عدد ڪمپيوٽر کپندا ۽ ان جي فٽنگ ٿيندي ۽ ويهه اسٽول کپندا. مون کانئس پڇيو ته اهو سڀ ڪجھ ڪيترن ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ڏيندو؟ ته چيائين ته پندرهن ڏينهن ۾ خير سان ٿي ويندو.
مون وٽ ليباٽريءَ لاءِ ڪمرو موجود هو، ان کي صاف ڪري رنگ روغن ڪري اشرف ميمڻ حوالي ڪيم هن محراب پور مان ڪاريگر آندا جن فٽنگ جو ڪم چئن ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ڏنو. اشرف کي ڪمپيوٽرن جي خريداريءَ لاءِ پيسئا ڏنم ته وڃي ڪراچيءَ مان وٺي اچي. اهي به اچي ويا هاڻي انهن کي لڳائڻ لاءِ اشرف ڏينهن رات هڪ ڪري پندرهن ڏينهن کان اڳم تيار ڪري ڏنو. ۽ ڪمپيوٽر به هلائي ڇڏيا. واه جي ڪمري ۾ رونق ٿي پئي. شاگردن کي به اجازت ڏني وئي ته اچي سگھن ٿا.
هيءَ ڳالهه انتظاميه کي نه وڻي. ڇو ته انهن ان معاملي کي پنهنجي اَنا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو ۽ سوچي ڇڏيو ته ڪاليج جي پرنسپالن سان گھٽ ناهي ڪرڻي، اهڙي ڳالهه مون سان EDO ڪئي. EDO صاحب جو نالو هو غلام مرتضيٰ خان جاگيراڻي. علم ۽ ادب سان سندس گھڻو واسطو هو. پاڻ به شاعري ڪندو هو ۽ شاعرن سان دوستي هوندي هيس. هو اسڪول سائيڊ کان پر هر ماڻهوءَ کي وڏي عزت ڏيندو هو، جو سندس طبيعت ۾ شاعراڻي وصف موجود هئي. کيس ٽي زالون هيون ۽ اندازاً پندرهن ٻار هئا. هڪ ڏينهن مونکي چيائين ته: “لاڙڪ دل ٿي چوي ته تنهنجي ڪاليج ۾ شاعرن کي گھرائجي ۽ مشاعرو ڪجي”. مون هامي ڀري ته فورن چيائين ته: “انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ بسترن جو به بندوبست ڪيو ته واه جو ڪم ٿي ويندو. بهرحال ائين ڪيم ۽ اهو پروگرام ٿي ويو.
مهيني کانپوءِ DCO صاحب جيڪو جميل احمد صديقي هو، کان پيغام مليو ته پنهنجا ڪمپيوٽر ۽ ليباٽريز تيار آهن؟ ۽ ٻڌايو وڃي ته چيڪ ڪيا ويندا. هيءُ پيغام EDO صاحب ڏنو. وڌيڪ اهو به چيائين ته ادا لاڙڪ! روينيو آفيسر آهن وڏا ماڻهون ۽ وڏن ماڻهن جي لٺ کي هوندا آهن ٻه مٿا. خدا خير ڪري، مون کيس چيو ته سائين منهنجي ليباٽري تيار آهي. سائينءَ جاگيراڻيءَ مون وارو پيغام صديقيءَ صاحب کي ڏنو. هڪ ڏينهن مونکي DCO صاحب گھرايو. جاگيراڻي صاحب مونکان اڳم اسڪارپ ڪالونيءَ واري آفيس ۾ موجود هو. DCO جو انتظار ڪندا رهياسين. نيٺ صاحب آيو سندس پويان اسسٽنٽ ڪمشنر شيخ عبدالشڪور به آيو. اسان ٻئي ادب خاطر اُٿي بيٺاسين. پاڻ ويٺو، پوءِ اسانکي وهڻ لاءِ اشارو ڪيائين. وهڻ شرط شيخ عبدالشڪور سان مخاطب ٿيندي چيائين ته: شڪور پهريائين هلون ٿا ڊگري ڪاليج ته پرنسپال جي چڱي طرح ٽيڪا ٽپڻي ڪيون”! ته شڪور شيخ وراڻي ڏني ته: “سر پرنسپال ته اوهانجي سامهون موجود آهي” ته عينڪ لاهي مونکي ڏٺائين، ته ڏٺم ته ڪافي غصي ۾ ٿي لڳو. مون ڪجھ به نه ڪڇيو. مونسان مخاطب ٿيندي مونکي چيائين ته پرنسپال صاحب! اوهان هلو اسان پويان اچون ٿا!
منهنجي ڪاليج جي ليباٽري اشرف ميمڻ ته تيار ڪري ڇڏي هئي. اندر انهن ئي ٽيبلن تي ڊراءِ فروٽ رکي ڇڏيو هئائين ۽ ٻاهرين دروازي تي ريشمي پٽي به لڳائي ڇڏي هئائين. ريشمي پٽيءَ کي ڪٽڻ لاءِ ڪينچي به موجود هئي. مان موٽر سائيڪل تي ڪاليج پهتس. سڄو جائزو وٺي اطمينان سان انتظار ڪندو رهيس. پندرهن منٽن کانپوءِ صاحب اچي ويو. شاگرد ۽ استاد روڊ جي ٻنهي پاسي قطار ۾ بيٺا هئا. گاڏي مان لهي سڌو ليباٽري طرف وڌيو. کيس پليٽ ۾ رکيل ڪينچي ڏني وئي پٽي ڪٽي اندر داخل ٿيو ته سڀ ڪمپيوٽر هلي رهيا هئا ۽ شاگرد اسٽولن تي ويٺا هئا. ڏسي همراه جا ٺپ ئي ٺري ويا. کيس موقعو ئي نه مليو جو ٽيڪا ٽپڻي ڪري. پوءِ سندس ڊراءِ فروٽ سان خاطر تواضع ڪئي وئي. شاباس ته ڪونه ڏنائين، پر خاموش رهيو. جاگيراڻي صاحب مونکي ڏسي هڪ چهنڊڙي پاتي ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. بعد ۾ DCO چيو ته هلو ته هلون ڪنڊياري ڪاليج. ڪاليج جو پرنسپال هو بچل سهتو. اتي پهتاسين ته اتي ته ڪاريءَ وارا ڪک هئا. ڪمپيوٽر ته موجود هئا، پر ائين پيا هئا پٽ تي. ليباٽري وغيره اڃان تيار نه هئي. بس پوءِ ته وارو ملي ويو DCO کي الائي ڪٿان اچي ڪٿي وڃي. بچل جي وڏي بي عزتي ڪيائين. هو ويچارو ڇا ڪڇي. بس خاموش.
هاڻي اڳين منزل هئي هالاڻيءَ جي گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول جي. اتي پهتاسين ته پرنسپال جيڪا هڪ عورت هئي، گيٽ تي صاحب کي سلام ڪيو. هن کي ميٽنگس ۾ ڏٺو هوم. لٽي ڪپڙي جي سلڇڻي، شڪل صورت جي لڇمي، وڻندڙ چهرو، گلابي رنگت واري ڏسبي هئي. هڪ ڪمرو جيڪو اَٺَ فٽ باءِ ڏهه فٽ هو ان جي دروازي تي ريشمي پٽي لڳل هئي. صاحب کي پليٽ تي رکيل ڪينچي ڏني وئي. صاحب ڪينچيءَ کي هيٺ مٿي ڏسي پٽي ڪٽي ۽ سڀني ڏي منهن ڪري خصوصاً مون ڏانهن مخاطب ٿيندي چيائين ته ڏسو ڪينچي کي، ڪهڙي نه سٺي آهي. ڊگري ڪاليج جي پرنسپال جي ڪينچي به پراڻي هئي. مون کلي ڏنو ۽ جاگيراڻي به. اسان جي کلڻ تي صديقيءَ صاحب پنهنجي چيل لفظن تي ڪي قدر پشيمان ٿيو، عورت پرنسپال به ڪي قدر پريشان ٿي وئي، ڇو ته اندر ڪمري ۾ ڪجھ به رکيل ڪونه هو. مون اک ٽيٽ ڪري ڏٺو ته صديقي صاحب جو غصو ڪافور ٿي ويو هو ۽ هڪ نارمل ماڻهو ٿي لڳو.

ڪميشن جو ميمبر ٿيڻ:
2003ع ۾ مان ايسوشيئٽ پروفيسر آهيان. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسلامڪ ڪلچر ۽ اسٽڊيز ۾ ليڪچرارن جي مقرريءَ لاءِ ايڪسپرٽ ٿيڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي ليٽر لکيو. سيڪريٽريءَ صاحب منهنجو نالو تجويز ڪري موڪليو. مونکي ڪا به خبر نه هئي. مونکي اها خبر تڏهن پئي جڏهن منهنجي ڀاءُ ادا بدر مونکي فون ڪيو ته کيس پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد صديقي جيڪو سندس دوست هو ۽ منهنجو ڊائريڪٽر ٿي رهيو هو ۽ هڪ ٻئي آفيسر اقبال جماڻي جيڪو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هو، تن کيس ٻڌايو ته مونکي سفارش ڪري، جو سندن ٻار ڪميشن ۾ وهڻ وارا هئا. بهرحال مان ڪميشن جي ليٽر جو انتظار ڪندو رهيس. انهن ڏهاڙن ۾ ڪميشن جو چئرمين منهنجو سائين منظور حسين ڀٽو هو.
خير مهينو گذري ويو مان انتظار ڪندو رهيس. پندرهن ڏينهن ٻيا به گذري ويا. هڪ ڏهاڙي ڪاوش اخبار ۾ ڪميشن جيڪي امتحان ورتا انهن ۾ اسلامڪ ڪلچر ۽ اسٽڊيز وارن جو به نتيجو ظاهر ڪيل هو. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ افسوس به. ڪافي ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته حيدرآباد مان ئي من پسند کي گھرائي امتحان ورتو ويو.
بعد ۾ اخبارن ۾ خبرون ڇپيون ته ڪميشن پنهنجن کي نوازڻ لاءِ وڏيون بي ضابتگيون ڪيون آهن. اهو سڀ انهيءَ دور ۾ ٿيو ته ڏک ٿيو هو. ڇو ته سائين منظور حسين ته اهڙو ڪونه هو پوءِ ان کان ائين شايد ڪرايو ويو، ۽ ائين ڪرڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو ويو هوندو،
والله اعلم