باب ٽيون: بابا جي زباني سندس لاهور مان بدليءَ جي ڪهاڻي
هڪ رات بابا سائينءَ ٻڌايو ته بدليءَ لاءِ درخواست لکي. صبح جو اها درخواست پنهنجي ڊائريڪٽر جنرل صاحب کي ڏنم. صاحب پنجاپي هو. بابا ٻڌايو ته صاحب درخواست تي نظر ڦيرائي چيو ته آپ کو یہاں چند مہینے آئے ہوئے ہیں، اتنا جلدی کیا ہے؟. بابا ٻڌايو ته مون کيس چيو ته منهنجا ٻار ننڊا آهن ۽ سواءِ هڪ وڏي جي جيڪو ڪاليج ۾ پڙهي ٿو، باقي اسڪول ۾ آهن، ۽ منهنجي نظر داريءَ ۽ پدري شفقت انهن لاءِ ضروري آهي. بابا وڌيڪ ٻڌايو ته صاحب چيو ته: “آپکے بچے اسکول کیسے جاتے ہیں؟” بابا چيو ته مون چيومانس ته “گاڑی ہے اس میں جاتے ہیں”. ته چيائين ته: “کونسی گاڑی ہے”. ته مون چيو ته شیورلیٹ ہے. ته وري چيائين ته کونسا ماڈل ہے؟ ته بابا کيس ٻڌايو ته ستاون ماڈل ہے. تنهن تي بابا ٻڌايو ته صاحب چيو ته: “ایسا کرتے ہیں میں آپکا تبادلہ کرتا ہوں آپ مجھے اپنی گاڑی دیدیں اور یہ سودا پکا”! بابا ٻڌايو ته مان ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويس. آخرڪار سوچي کيس چيم ته: “سر میں بچوں سے گاڑی چھین کر آپکو نہیں دے سکتا”! ته بابا ٻڌايو ته ان وقت صاحب جو موڊ صفا خراب ٿي ويو ۽ چيائين ته: “پھر انتظار کریں”.
وڌيڪ بابا ٻڌايو ته ڪجھ ئي مهينن کانپوءِ سيڪريٽري صاحب کان ٽائيم ورتم. سيڪريٽريءَ جي پي. اي بابا کي فون ڪري ڏينهن ۽ وقت ٻڌايو. بابا مقرر ٽائيم تي سيڪريٽري صاحب سان ملڻ لاءِ سندس آفيس ويو. کيس گھرايو ويو. بابا ٻڌايو ته سيڪريٽري صاحب اُٿي ساڻس مليو ۽ ڪرسي تي وهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ به ويهي کانئس حال احوال ورتو. پوءِ بابا کي چيائين ته: “لاڑک صاحب کیسے آنا ہوا؟” بابا ٻڌايو ته مون کيس سڄي سربستي ڳالهه ٻڌائي ۽ ساڳي درخواست کيس ڏئي چيم ته: سر میرے بچے اپنے ماموں کے پاس ہیں، میں یہاں لاہور میں فاصلہ بہت ہے اور ان کی پڑھائی متاثر ہو رہی ہے اسلئے ۓۓThey need my umbrella if you please transfer me to Sindh”. تنهن تي سيڪريٽري صاحب بابا کي چيو ته: “Why not every child need father’s umbrella”. ۽ ون يونٽ کي جن سنڌ مان سپورٽ ڪيو انهن تي ڪاوڙجي پيو ۽ پوءِ ڪافي بحث مباحثي کانپوءِ بابا کي چيائين ته: “You are graduate from Bombay and also I am So I have respect for you and your children, you please give me your option where you want to go”. ۽ انهيءَ مهل پنهنجي P.A کي چيائين ته: “لاڑک صاحب کا ابھی حیدرآباد کے لئے ٹرانسفر آرڈر ٹائیپ کرکے لائیں”. پوءِ ٿوري دير لاءِ بابا کان سندس ڊپارٽمينٽ جي باري ۾ پڇندو رهيو ۽ مشورا وٺندو نوٽ ڪندو ويو، ايتري ۾ P.A ٽرانسفر آرڊر به ٽائيپ ڪري کڻي آيو. پاڻ صحيح ڪري بابا کي ڏنائين ۽ ڊرائيور کي گھرائي تاڪيد سان چيائين ته: “لاڑک صاحب کو چھوڑ آؤ جہاں انکی رہائش ہے”. ۽ اُٿي بابا کي پنهنجي آفيس جي در تائين ڇڏڻ آيو.
اُهي هئا لاهور جا ٻه آفيسر. هڪ ڊائريڪٽر جنرل جيڪو خود به انجنيئر هو ۽ همپيشي سان سندس برتاءُ ۽ ٻيو اهو جيڪو I.C.S هو انجو حسن اخلاق. سو ائين چوڻ ته سڀ پنجاپي هڪ جهڙا آهن اِها سراسر ناانصافي ٿيندي. ۽ هونئن به هٿ جون پنج آڱريون برابر ڪونهن، ۽ فرق آهي، پوءِ اها گھر جي تربيت آهي جيڪا ماڻهوءَ کي ورثي ۾ ملي ٿي يا انساني هوس”. ڪيئن به هجي ۽ ڇا به هجي پر همدردي آهي ۽ جذبو آهي ته اڻ گھڙيل ڪاٺ به گھڙجي پرڪشش تصوير بڻجي سگھي ٿو. هڪ هنڌ پڙهيو هوم ته هڪ بت تراش پٿر کي تراشي پنهنجي مطلوب کي چئني طرفن کان جاچي رهيو هو، ته عين ان وقت هڪ شخص اتان لانگھائو ٿيو ۽ تصوير کي ڏسي ان جي تعريف ڪرڻ لڳو. تنهن تي ان بت تراش کيس چيو ته: “ادا هن ۾ اها تصوير ته اڳم ئي موجود هئي، مون ته صرف غير ضروري شيون هٽايون آهن.
مطلب ته انسان هڪ ئي فطرت تي ڄمي ٿو پوءِ ان کي رب العزت اجازت ڏني آهي ته هو ڪهڙي شيءِ کي پسند ٿو ڪري. انسانيت يا شيطانيت. اگر ائين نه هجي ته پوءِ دوزخ ۽ جنت جو تصور ئي نٿو بچي.