باب چوٿون: نواب شاه هاسٽل ۾ ٻه دوست: دولت رام ۽ عبدالرسول ٿهيم
اهي سڀ دوست ريگل سئنيما مان ميٽني شو ڏسي ساڳيو روڊ ڏئي هاسٽل وڃي رهيا هئا. مونکي ڏسي اچي ويٺا ۽ بيري کي چانهه لاءِ چيائون. آغا طارق چانهه کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته هو بوتل پيئندو ۽ وڌيڪ بيري کي چيائون ته بسڪوٽ به کڻي آءُ. بهرحال چانهه، بسڪوٽ ۽ بوتل آئي. مون پنهنجي کيسي کي هٿ هڻي ڏٺو ته ان ۾ صرف ٻه اڊائي روپيا هئا، سو ڏاڊو پريشان ٿيس. پر ڇا ٿي ڪري سگھيس. نيٺ چانهه، بسڪوٽ کاڌاسين. مون عبدالرسول کي چيو ته سگريٽ پيئبو ته هن هائو ڪئي. مون ڀرسان مانڊاڻيءَ تان ٻه ڪئپٽن جا سگريٽ ورتا ۽ پاسو ڏئي هاسٽل اچي پهتس.
خير ڪلاڪ مني کانپوءِ هي دوست ڪمري تي آيا، ۽ کلڻ لڳا. مون کين چيو ته ادا مونکي کيسي ۾ ايترا پيسئا هئا ڪونه جو بوتل، بسڪوٽ ۽ چانهه جا پيسئا ڏيان ها، تنهن ڪري اهو ڊرامو ڪري هليو آيس. تنهن تي عبدالرسول چيو ته انهيءَ ۾ ڇا هو. تون چئين هان ته بل ادا ڪيون هان. هيئنر به ڏئي آياسون. ان ۾ ڇا هو! پوءِ پنهنجي کيسي مان ڏهين روپئي جا ٻه نوٽ ڪڊي مونکي ڏنائين ۽ چيائين ته: “اڃان به کپن ته ڏيان”.
بهرحال هي دوست هليو ويو ته منهنجي پارٽنر دولت رام چيو ته: “يار خان! تون اسان واڻين کي به مات ڏئي وئين”. مون کيس چيو ڪيئن؟ ته چيائين “چانهه بسڪوٽ به کاڌءِ ۽ پيسئا به بچائي وئين!”. مون ڦڪائي کان کلي ڏنو ۽ هن به.
دولت رام: مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ مون حيدرآباد جي ڪاري موريءَ واري ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر آرٽس ۾ داخلا ورتي ته دولت رام به بائلاجي ۾ اچي داخل ٿيو هو. ٻنهي جي ميل ملاقات ٿيندي رهندي هئي. ساڳي ڪچهري به ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي هئي. مون انٽر آرٽس پاس ڪئي، ته هن به انٽر سائنس پاس ڪئي. مون يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ته هو ايل. ايم. سي ۾ فرسٽ ايئر MBBS ۾ داخل ٿيو. ۽ هاسٽل ۾ رهندو هو. مان ايل. ايم. سي ڪالونيءَ ۾ بابا سان رهڻ لڳس جو بابا سائين حيدرآباد ۾ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر هو ۽ LMC ڪاليج، هاسٽلون ۽ ڪالوني سندس حد ۾ هونديون هيون ۽ ڪم ڪار لاءِ LMC جو ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڪرنل نجيب ٿوري گھڻي ڪم لاءِ بابا کي چوندو هو، تنهن ڪري بابا سائينءَ ڪرنل نجيب کان هڪ بنگلو الاٽ ڪرايو هو، ۽ انهيءَ ڪري اتي رهندا هئاسين.
شام جو دولت رام هڪ ڊاڪٽر کان ٽيوشن وٺندو، اتي به هن سان ملاقات ٿيندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ ايندو هو، جو بابا به ساڻس ڪچهري ڪندو هو. بهرحال هن MBBS جي ڊگري ورتي ۽ انگلينڊ هليو ويو. اڃان به اتي رهي ٿو، ۽ انگلينڊ جي شهريت وٺي پائونڊن سان دل لڳائي هميشہ اتان جو ٿي ويو. سندس ڀائيٽو دريانومل ٺاروشاه ۾ الڪريم ڪاٽن فيڪٽريءَ مئنيجر هو. مان ڦٽيون وغيره وڪڻڻ کڻي ويندو هوس. پري کان ڏسي اُٿي بيهندو ۽ ادب سان ملندو. چانهه بسڪوٽ کارائيندو ۽ ان مهل چيڪ ڏئي چوندو ته “چاچا ٻيو حڪم”.
دريانومل کان مان دولت جي باري ۾ حال احوال وٺندو هوس. ۽ ان کان سندس موبائل نمبر به ورتو پر ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪا نه ٿي. ڇو ته جنهن مهل به نمبر ملائيندو هوس ته ٻي طرف کان آواز ايندو ته نمبر بند آهي. ان مان ائين سمجھندو هوس ته هت پاڪستان اڃان ڪونه آيو آهي. انگلينڊ جو نمبر مون به ڪونه ورتو جو اهو مهانگو پوي ها.
عبدالرسول ٿهيم:
هي دوست اصل شهدادپور جو هو. پاڻ زميندار خاندان سان تعلق رکندو هو. اسڪول ۾ زمينداري هاسٽل جي گرائونڊ فلور ۾ رهندو هو. ساڻس سندس چاچو عبدالسلام به گڏ رهندو هو. مئٽرڪ کانپوءِ وڃي شهدادپور پڙهيو، ۽ اتان بي. اي ڪري ايم. اي پريوس پوليٽيڪل سائنس ۾ اچي داخل ٿيو. تمام بهترين قسم جو ماڻهو هو.
شڪل صورت ۾ سانورو مگر پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو. عبدالرسول جو چاچو عبدالسلام انٽر ۽ بي. اي ڪري سياست ۾ گھڙيو. 1973ع ۾ ڀٽي جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ڪيترا ڀيرا وزير به ٿيو. حالانڪ شهدادپور ضلعي سانگھڙ ۾ آهي ۽ پير صاحب پاڳاري جي مريدن جو ڳڙه آهي پر تنهن هوندي به هي جوان کٽي ايندو هو. انهيءَ مان چڱي ريت پروڙي سگھجي ٿو ته هن خاندان جو اثر به ڪافي ڇانيل هو، ان کان علاوه هن جيڪا سياست ڪئي ان ۾ تعصب، اقربا پروري، سماجي ناانصافي ۽ بغض کان مٿاهون ٿي ڪري ڪئي. سياست ۾ جيل ۾ به ويو ۽ کيس پارٽي ڇڏڻ لاءِ لالچون به ڏنيون ويون پر هي آخرڪار ته خواجه صاحب ۽ نواب شاه اسڪول جو تربيت يافته هو، تنهن ڪري سڀني لالچن کي ٿڏي ڇڏيائين. جيل ۾ ويو پر پارٽيءَ سان وفادار رهيو، تنهن ڪري پارٽي به هن کي ڪڏهن نه ڇڏيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ شام مان پنهنجي ڪمري مان نڪري عبدالرسول جي ڪمري ڏانهن اقبال هاسٽل ۾ ويس. ڪمرو کليل هو، جيئن ئي دروازو کولي اندر داخل ٿيس ته هي جوان مصلي تي ويٺو هو. يعني نماز پڙهي چڪو هو، ۽ سندس اکين مان ڳوڙها لار ڪري وهي رهيا هئا. مان هڪ منٽ ته بيهي رهيس، ايتري ۾ پاڻ پنهنجا ڳوڙها اُگھي مونکي هٿ سان وهڻ جو اشارو ڪيائين.
آءٌ کٽ تي ويهي رهيس، پاڻ اٿيو ۽ مليو. مون کانئس حال احوال ورتو ته پاڻ ڪجھ ڪونه ٻڌايائين ۽ ٽاري چيائين ته: “ادا خان! دل جو سور دل ۾ هجي ته ڀلو”. مون کيس چيو ته: “دل جو احوال ڪر ته دل آزاد ٿيندي ۽ دوستن سان ونڊ ته دل جا گوندر گھٽبا، ورنه ٻي صورت ۾ اهي سور دل ۾ ديرو ڄائي ويندا” ته چيائين “پيارا هڪڙو سور هجي ته سليان هت ته هزارين آهن، ڪهڙا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايان”.
1968ع ۾ امتحان ٿيا ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ويو. مون ايل. ايل. بي ڪئي ۽ ڪجھ ٽائيم وڪالت به ڪئي. ان ۾ ٽي چار سال لڳي ويا. هڪ لڱا ماما مونکي چيو ته ابا شهدادپور جو ڪيس مليو آهي شنوائي ڪچي آهي تون وڃ ۽ ٻي تاريخ وٺي آءُ. انهن ڏهاڙن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اهڙي ڪانه هئي. شهدادپور وڃڻ لاءِ ٻه طريقا هئا. هڪ ريل ۽ ٻيو روڊ سان يعني سڪرنڊ وايا هالا. هي ٻيو رستو ذرا لمبو هو، تنهن ڪري ريل رستي وڃڻ لاءِ پروگرام ٺاهيم. پر صبح جو اهڙي ريل ڪانه هئي، اگر هئي ته اها تيزگام هئي، جيڪا صبح جو پنجين بجي نواب شاه ايندي هئي. مجبور ٿي چار بجي اٿيس ۽ تيار ٿي اسٽيشن تي آيس. بهرحال ريل آئي ۽ صبح جو ڇهين بجي شهدادپور پهتس. اڃان تارا بيٺا هئا. تنهن ڪري اسٽيشن جي ويٽنگ روم ۾ ٿوري دير لاءِ ليٽي پيس.
اوچتو دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه عبدالرسول سان ملجي. ٽپ ڏئي اٿيس، ۽ پورٽر کان پڇا ڪيم. تنهن چيو ته وڪيل صاحب! سامهون ته ٿهيمن جو پاڙو آهي، معلوم ٿي ويندو. آءٌ پنڌ پنڌ وڃي پڇا ڪئي ته ٻڌائڻ واري چيو ته سائين اهو ٻه-ٽي سال ٿيا گذاري ويو. مون کان دانهن نڪري وئي. وڌيڪ ان شخص پڇڻ تي ٻڌايو ته بس سائين دل جي تڪليف هوندي هيس، تنهن آرزوءَ سندس حياتيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. انسان جو اهو حال آهي بيٺو آهي ته لک، ڪريو ته ڪک، پر بقول تنوير عباسيءَ جي:
ٻــريــاسـيـن تـه پـل، پـر وسـامڻ کـان اڳـم
هـــــزارن چــراغــن کـي ٻـاري ڇـڏيـوسين
ڇڏي ڏيو اسانکي ته مؤجن سان الجھون
اوهــانــکـي تـه آڻـي ڪـنـاري ڇـڏيوسين.
پنهنجي اسڪول ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ:
مون مئٽرڪ جو فارم آرٽس ۾ ڀريو هو. پر نواب شاه هاءِ اسڪول جا شاگرد جن سائنس ۾ فارم ڀريو هو ته انهن سان گڏ منهنجو به سيٽ نمبر اتي هاءِ اسڪول ۾ الاٽ ٿيو. ڪلاس ٽيچر چيو ته تون پنهنجو سيٽ نمبر آرٽس وارن شاگردن وارو الاٽ ڪراءِ ورنه بعد ۾ ڪو مسئلو نه ٿي پوي. آءٌ حيدرآباد بابا ڏي ويس ته بابا مونکي حيدرآباد بورڊ جي چئرمين ڏي وٺي هليو. بورڊ به انهيءَ سال وجود ۾ آيو هو. حيدرآباد جنرل پوسٽ آفيس جي ڀرسان هڪ بلڊنگ ۾ بورڊ جي آفيس هئي، جنهن کي بسنت هال به سڏيو ويندو آهي. هي صاحب بابا جو دوست هو سو جلديءَ ۾ ڪلارڪ کي گھرائي ان کي چيائين ۽ منهنجو ساڳيو نمبر 6676 بحال ٿي ويو. سينٽر به ساڳيو رهيو. سڄي اسڪول جا آرٽس وارا شاگرد ٻئي هنڌ امتحان ڏيڻ ويا، پر مون پنهنجي اسڪول ۾ امتحان ڏنو.
چئرمين صاحب بابا سان گڏ لاهور ۾ نوڪري ڪري آيو هو. تمام ايماندار، لٽي ڪپڙي جو شوقين، ۽ ان سان گڏ وڏي علم وارو هو ۽ تعليم کاتي جو آفيسر ٿي رهيو هو. سندس آواز ڪڙڪيدار هو. سندس نالو هو غلام حسين جعفري.
بابا ٻڌائيندو هو ته روزانو شيوَ ڪندو هو پر پاڪيءَ سان. روهي کيس پنهنجي هوندي هئي. بعد ۾ سنڌ ۾ بدلي ٿي آيو ۽ مختلف نوڪريون ڪندي حيدرآباد بورڊ جو پهريون چئرمين ٿيو.