شاعري

دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

احساس ميرل سَيبتو سُڄاڻ شاعر آهي، جنھن پنھنجي شاعراڻي پنڌ ۾ سٺي مڃتا حاصل ڪئي آهي، اِها مڃتا کيس وقتائتي سُندر شاعريءَ جي حوالي سان ملي آھي. احساس سچ تہ سھڻن احساسن جو شاعر آهي. پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جھڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي. 

Title Cover of book دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

ارپنا…

هي ڪتاب آئون
پنھنجي استاد محترم سائين
گل محمد ملاح
کي ارپيان ٿو،
جنھن ميٽ لڳل ڪاٺ جي پَٽيءَ تي
 ا.ب.ت  لکڻ سيکاري،
 ادب ۽ اخلاق جو درس ڏنو..!!
۽
 ھي ڪتاب  آئون پنھنجي
 شھر اُڏيري ٽيشڻ
کي ارپيان ٿو، جنھن مونکي  سڃاڻپ ڏني..!!


  ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ  احساس ميرل


حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: ’’دَرد گُھنگھرو ٻَڌا‘‘
موضوع: شاعري
شاعر: احساس ميرل سھتو
ڇاپو: پھريون
سال: 2020ع
ڪاپيون: 1000
ڪمپوزنگ/ لي آئوٽ: پرڪاش ڪرمواڻي
ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر –0333173584
قيمت: 300 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

DARD GHUNGHRO BADHA
[Poetry]

By: Ahsas `Meeral`

Edition: First
Quantity: 1000
Year: 2020
Published By: Samroti Publication,Tharparkar
Post Office Mithi,Tharparkar
Price Rs. 300-00

ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
ٿر ڪتاب گهر، مٺي- ڪنول-سمبارا ڪتاب گھر، حيدرآباد- ڪويتا ڪتاب گھر، حيدرآباد-ڀٽائي ڪتاب گهر،
گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ-
ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-مهراڻ ڪتاب، کپرو-
العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-ڪنگري بوڪ شاپ،
اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
سارنگ ڪتاب گهر ڪنڊيارو


احساس جو   هانءُ ڇِڳو،  تقدير ڏنو روئي
مظلوم    جي   پيرن ۾، زنجير   ڏنو روئي
 اڄ سنڌ جي سورن تي مضمون  لکيو آ مون
پنو به   پگهرجي   ويو،  تحرير ڏنو روئي

                  (احساس ميرل)