شاعري

دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

احساس ميرل سَيبتو سُڄاڻ شاعر آهي، جنھن پنھنجي شاعراڻي پنڌ ۾ سٺي مڃتا حاصل ڪئي آهي، اِها مڃتا کيس وقتائتي سُندر شاعريءَ جي حوالي سان ملي آھي. احساس سچ تہ سھڻن احساسن جو شاعر آهي. پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جھڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي. 

Title Cover of book دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

سنڌ جيجل ماءُ

اِها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!

جتي ووڻن جي گُل ٻاٽي،
حُسن جا رنگ ڦھلائي،
جتي سورج مُکيءَ جا گُل،
اکيون سج ساڻ اٽڪائِن،
جتي سارين جي خوشبوءَ سان،
سڄو ماحول مھڪي ٿو،
جتي ٻيڙين تي رَڇ رکجن،
کِکيءَ جا خوب ٿين سودا،
جتي وائي ڀٽائيءَ جي،
ڪري ٿي عرش سان ڳالھيون،
جتي ميھار جاڳي ٿو،
جتي ڌڻ مال رَونشو ڪن،
جتي ڌنار جي هٿ ۾،
سونھين ٿي بانسري ڪيڏي،
جتي برسينم جون ڀرِيون،
ڪُنڍين لئه روز پُھچن ٿيون،
جتي ٻاجھر جي مانيءَ سان،
پَچي ٿو ساڳ تورئي جو،
انبن جا ٻُورَ تون آهين،
پِپر جي ڇانوَ تو ۾ آ،
نَمورين ويس بدلايو،
سَرِنهن جا گُل پِيلا ٿيا،
اڪن جي پنھنجي رونق آ،
سفيدا ڏس قطارن ۾،
۽ ٽالھيون مسڪرائِن ٿيون..!!
هوائون گيت ڳائِن ٿيون..!!
اڃا توکي ٻُڌايان ڇا؟
اها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!
اها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!

ڪچھريون مَچ تي مھڪن،
۽ بوڙينڊا سُريا آهن،
چَپن ۾ چنگ چاهت جا،
ٻُريا آهن، چُريا آهن،
ڳجھارت ڏور بيتن تي،
سڄيون راتيون وڃن گذريو،
اڃا گونجن ٿيون شرنايون،
اڃا امڙيون پُٽن لاءِ،
ڏسن ٿيون خواب خوشين جا،
اَٽي جي ٿالھه تي اڄ ڀي،
ٿين ٿا رقص سھرن تي،
اڃا گھوٽن جي هٿ پيرن،
وساريو ناهي مينديءَ کي،
اڃان لائُون به لھجن ٿيون،
ونيءَ کي اڄ به شيشي ۾،
ڏسي ٿو گھوٽ حسرت سان،
اڃا سي پيار جا چانور،
ٿين ٿا سونھن هٿڙن جي،
اڃا سو کِير مان ڇلڙو،
ونيءَ سان ورَ به ڳولي ٿو،
وهان ۾ اڄ به گلڙن جي،
ٿئي جت خوب ٿي ورکا..!!
اِها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!
اِها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!
✤✤