شاعري

دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

احساس ميرل سَيبتو سُڄاڻ شاعر آهي، جنھن پنھنجي شاعراڻي پنڌ ۾ سٺي مڃتا حاصل ڪئي آهي، اِها مڃتا کيس وقتائتي سُندر شاعريءَ جي حوالي سان ملي آھي. احساس سچ تہ سھڻن احساسن جو شاعر آهي. پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جھڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي. 

Title Cover of book دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

مُھاڳ: سوچ جو سفر...!

ڏات ديوِي جڏهن ڪنھن تي مھربان ٿيندي آهي، تڏهن کيس ڏانوَ ڏَسي، گَس لائي ڇڏيندي آهي. پوءِ اُن گَس جي سمورين اَوَلاين کي پڻ پاڻ ئي سَوَلائين ۾ بدلائيندي ويندي آهي. ائين هڪ ڏات ڌڻي پنھنجي پھرين وِک کان آخري وِک تائين، سمورين ڏکيائين کي آسانيءَ سان مُنھن ڏيندي، پنھنجو ماڳُ ماڻي وٺندو آهي. تنھن ڪري ئي آئون چوندو آهيان ته ”اسان جو ڪجهه لکندا آهيون، اُهو اسان کان لکرايو ويندو آهي، ۽ اهو سڀ اُن ڏات_ديوِيءَ جو ئي اسان تي وَڙُ هوندو آهي..!!“ ڪَوِتا ديوِيءَ جي ئي دَين بدولت، ڪَوِي پنھنجي شناخت ماڻيندو آهي، تنھن ڪري کيس پنھنجي اُن ارپيل شناخت تي، مٿس هَٺ يا اپمان نٿو جُڳائي، پر افسوس! اسان جي دؤر جو هر صاحبِ ڏات، پاڻ کي ٻين کان اُتم ۽ وڏو ڄاڻڻ واري انا جو شڪار آهي..!! اِها ٻِي ڳالهه آهي جو گهڻو اڳتي هلي، ”حضرتِ وقت“ کيس پنھنجي اُن ڀُل يا اڻ ڄاڻائيءَ کان آگاھ ڪري وٺندو آهي، ۽ پوءِ کيس پنھنجو قد_ڪاٺ سامهون نظر اچڻ لڳندو آهي. تنھن ڪري اسان کي گهرجي ته پنھنجو مُلهه پاڻ مقرر ڪرڻ بجاءِ، اُهو ايندڙ وقت يا نسل تي ئي ڇڏي، پنھنجيءَ ڏات سارُو پنھنجو عمل بنا ڪنھن هَٺ، وڏائيءَ ۽ انا جي ڪندا رهون.
هتي اهو ڪجهه لکڻ کان پھرين، منھنجي سامھون محترم احساس ميرل جي شاعري هئي، جيڪا پاڻ ڪمپوز جي حالت ۾ مھاڳ لکڻ لاءِ ڪافي عرصو اڳ، مون ناچيز حوالي ڪري ويو هو. ڪيترن ئي مھينن جي گذري وڃڻ باوجود پاڻ ڪڏهن به ناراضگيءَ جو اظھار نه ڪيائون. آئون سمجھان ٿو ته اِها ئي اصل وڏائي آهي ۽ اهو ئي هڪ ڏات-ڌڻيءَ کي جُڳائي. مون سندس زيرِ نظر شعري مجموعي جي سمورين صنفن، مثلاََ غزل، چؤسٽي، نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم کي نھايت ڌيان سان پڙهي، پوءِ اِها راءِ جوڙي آهي ته پاڻ بلاشڪ هڪ ڏات-ڌڻي هئڻ سان گڏ، هڪ باڪردار انسان پڻ آهي ۽ منھنجي نظر ۾ اڄ جي دؤر ۾ هڪ ”سُٺو انسان“ هجڻ، سڀ کان اُتم ۽ اعليٰ سُڃاڻپ آهي ۽ اِها سُڃاڻپ سڀ کي نٿي نصيب ٿئي، تنھن ڪري پاڻ اُن ڏِس ۾ به ڀاڳوند آهي. ڇوته جيڪي گُڻ اسانکي اسانجي فطرت بخشي ٿي، اُنهن سان پاڻ کي سينگاري سنواري جڳ اندر جيئڻ ئي هڪ ڪامياب زندگي هجي ٿي.
پياري احساس ميرل ساڻ منھنجي شناسائي، سندس شاعريءَ ذريعي ئي ٿي، ۽ خوب ٿي..!! ڇوته ماڻهوءَ جي سوچ ۽ عمل ئي سندس سُڃاڻپ هوندا آهن ۽ پاڻ پنھنجي شاعراڻي سوچ و عمل وسيلي جھڙيءَ رِيت پڙهندڙن آڏو اچي ٿو، اُن سان سندس ڪردار واضع نظر اچي ٿو. پاڻ پنھنجي وجود ۾ بطور انسان، مڙني انساني قدرن سان سينگاريل لڳي ٿو. منھنجي اُن راءِ تي پڙهندڙ حضرات پنھنجي ڪا راءِ جوڙڻ کان اڳ، سندس شاعريءَ جو ضرور اڀياس ڪن، ڇوته اُها ئي اُن مٿان هڪ سچو گواهه آهي. سندس شاعريءَ ۾ قومي جذبي سان گڏ، انساني عنصر پڻ موجود آهي، تنھن ڪري هُو جتي قوميت يا قومي هم آهنگي پيدا ڪرڻ گُهري ٿو، اُتي هُو مڙني ماڻھن جي سُٺي انسان بڻجڻ لاءِ، انسانيت جو پڻ پرچار ڪري ٿو ۽ منھنجي نظر ۾ ”قوميت“ ۽ ”انسانيت“ ئي ٻه اهڙا عنصر آهن، جن سان ئي هڪ سُٺي ۽ باڪردار شخصيت جُڙي ٿي.
پياري احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر موجود ”قومي احساسن“ کان اڳ، آئون چاهيان ٿو ته سندس ”انساني احساسن“ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان. سندس هڪ نظم بعنوان ”اهو افسوس ماري ٿو“ پڙهندي، سچ پڇو ته اهڙو انساني احساس مونکي اڄ جي دؤر جي سموري شاعريءَ اندر ڪٿ به نظر نه آيو، ۽ زبان مان نه رڳو ”واھ..!!“ نڪتي، پر جا روح کي راحت مِلِي، اُن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھان. هيٺ ڪجھه سِٽون اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو، ته جيئن منھنجيءَ مٿئين راءِ تي ڪنھن کي ڪو شڪ گُمان نه رهي.
“اهو افسوس ماري ٿو..!!
اسين انسان آهيون ڇا..!؟
اسان جو ڪم هيو ڇا ۽
اسين ڇا ڇا ڪيون ويٺا..!؟
هَوَس پنھنجي مِٽائڻ لئه
اُجاڙي گھر ڇڏياسين ڪَئِين
اسين انسان آهيون ڇا..!؟
چڱو انسان کي ڇڏِيو
ڀلا حيوان آهيون ڇا..!؟
ڪڏهن حيوان کي حيوان
ايئن پل ۾ ڪُٺو آهي..!؟
جڏهن انصاف جي ٽِڪ ۾
ڏٺو مون پنھنجي چھري کي
شرم ڏاڍو اچي ٿو اڄ
نه ٿي انسان سگهيس مان!
نه ٿي حيوان سگهيس مان!
دلين جو ڪوس ماري ٿو..!!
اهو افسوس ماري ٿو..!!”

مٿئين مثالي نظم ۾ انسان ۽ حيوان جي عملن جي ڀيٽ، ڪيڏي نه شاندار انداز ۾ حيواني چھري کي چِٽو ڪري ٿي! اها سموري شاعرانه حُسناڪي آهي، جيڪا ان حوالي سان هڪ عام انسان ۽ تخليقي ذهن رکندڙ انساني سوچن ۽ احساسن وچ ۾ فرق ظاهر ٿي ڪري، ۽ ائين ئي هڪ صاحبِ ڏات، تخليقڪار جي حيثيت، اُتم پد تي عيان ٿئي ٿي. واقعي به انسان جي شروعاتي دؤر کان وٺي اڄ جي دؤر تائين، هيترن سارن ڌرمي پيغامن ۽ منشورن هوندي به انسان، انسان ته ٺهيو، پر حيوان به نه بڻجي سگهيو آهي. ۽ ائين ئي ”اهو افسوس ماري ٿو!“
بنا ڪنھن وڌاءُ جي، منھنجيءَ نظر ۾ سندس سمورا نظم هڪ ٻئي کان وڌ لڳن ٿا. فني توڙي فڪري حوالي سان اسان جو پيارو احساس ميرل، سچ ته موجوده ٽهيءَ جي شاعرن ۾ هڪ مثالي شاعر چئي سگهجي ٿو.
زيرِ نظر مجموعي ۾ سندس نظر ۾ ”تاريخ“ پڻ ”انسانيت“ جي حوالي سان انسان لاءِ وڏو هڪ سنِيهو آهي، جنھن جون هيٺيون ٻه سِٽون ئي پوري نظم جو تَتُ آهن.
”انصاف کي ويو آ ڪير ٻَڌي..!؟
فرعون نچي پيو ڇير ٻَڌي..!!“
هِتي ”فرعون“، موسيٰ جي دؤر وارو ته محض هڪ حوالو يا مثال آهي، پر اسانجي موجوده سماج اندر مٿئين ڪلاس جي هرهڪ فرد کان وٺي، سمورن سياستدانن تائين (جن کي آئون ”عبدالفتور“ سڏيندو آهيان هر هڪ ”فرعون“ جو نمونو نظر اچي ٿو، جن هر دؤر ۾ انسانيت کي لڄايو آهي، ۽ اسانجي احساس ميرل پنھنجي هن نظم ۾ اُنهن کي سُٺو بي نقاب ڪيو آهي. ساڳئي عنوان ”تاريخ“ تحت سندس هڪ نثري نظم ۾ ڏسو ته هن ڪهڙي نه تلخ حقيقت کي شاعرانه انداز ۾ لفظن ذريعي نه رڳواظهاريو آهي، پر اسان آڏو هڪ سوال به رکيو آهي؛
”تاريخ ٻن قسمن جي لکبي آهي،
هڪڙن کي
ماڻهو روئي ياد ڪندا آهن..!!
۽
هڪڙن تي ماڻهو
لعنتون وجهي ياد ڪندا آهن..!!
تون پنھنجي ضمير کان پُڇ
ته توکي زمانو
ڪيئن ياد ڪندو..!؟“
ساڳيءَ رِيت سندس هڪ طوِيل نظم، بعنوان ”قرض لاهي ڇڏيم..!!“ پڻ فني توڙي فڪري حوالي سان شاهڪار نظم آهي. عُروضيءَ طور ٻه ڀيرا ”فاعلن“ جي وزن سان پاڻ بيحد خوبصورت نڀاءُ ڪيو اٿائين. ننڍڙي بحر ذريعي وڏي فڪر جو اظهار بلا شڪ هڪ صاحبِ ڏات ئي ڪري سگهي ٿو.مذڪوره نظم ذريعي پاڻ اسانجي سماجي حالتن، ڪامورا شاهي ۽ سياسي چالاڪين کي حقيقي طور وائکو ڪيو اٿائين. هاڻ اهو اسان تي منحصر آهي، ته اسان ان پسمنظر کي سامهون رکي، ڪھڙيءَ طرح قومي سُڌارا آڻڻ لاءِ جَتن ڪري، پنھنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهون ٿا..!؟
سنڌي ادب ۾ صنف ”نظم“ آڳاٽي صنف آهي. جديد دؤر ۾ آزاد نظم ۽ نثري نظم پڻ شامل آهن. اُن کان علاوه انهيءَ سلسلي هيٺ ”نئِين ڪَوِتا“ پڻ متعارف ٿي چُڪي آهي. پڙهندڙن لاءِ اُن ڏِس ۾ هتي مختصر طور انهن صنفن جي تعريف ڪندو هلان ته، نظم هڪ مخصوص بحر تي ئي پابنديءَ سان لکيو ويندو آهي، جڏهن ته آزاد نظم ۾ فقط بحر جي پابندي هوندي آهي، باقي اُن بحر جي رُڪنن کي گهٽ وڌ ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، پر نثري نظم لاءِ بجاءِ ڪنھن خاص بحر جي پابنديءَ جي، صرف فڪري پُختگيءَ ئي شرط هجي ٿو. پر ”نئِين ڪَوِتا“ نالي صنفِ نظم ۾، شاعر پنھنجي هڪ ئي تخليق اندر مختلف بحر به ڪم آڻي سگهي ٿو، ته اُن جي رُڪنن کي گهٽ وڌ به ڪري سگهي ٿو، ته گڏوگڏ ڪنھن جاءِ تي نثري انداز پڻ اختيار ڪري سگهي ٿو. اُن صنف لاءِ فقط فڪري اُڏام ئي شرط آهي. يعني هڪ منفرد ۽ اُتم خيال کي عام تائين پھچائڻ کي ئي اهميت حاصل هجي ٿي. اهو ان لاءِ ته هڪ اهم خيال، شعري پابندين سبب، عام ٿيڻ کان رهجي نه وڃي. پر هتي هڪ حقيقت کي واضع ڪرڻ ضروري ٿو ڄاڻان، ته اها صنف، يعني ”نئِين ڪَوِتا“ اڪثراهڙن شاعرن وٽ نظر اچي ٿي، جيڪي شاعريءَ جي فني پاسي کان بنهه اڻڄاڻ هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر شاعراڻي فن جي ماهر دوستن وانگيان، پياري دوست احساس ميرل پڻ ان صنف ڏانھن ڌيان ڏيڻ يا لکڻ ضروري ناهي ڄاتو.
پابند نظمن سان گڏ، احساس ميرل جا آزاد توڙي نثري نظم پڻ، پنھنجو مَٽ پاڻ آهن. منجهن موجود فني توڙي فڪري سُونھن اُتم پَد تي پهتل آهي. مثلاٌ ڪالا باغ ڊيم تي لکيل سندس آزاد نظم، ”مفاعيلن“ جي سُندر رِدم تحت، اسان جي سٻاجهي ساڻيھه، سنڌ امڙ سان هٿ چُراند ڪندڙن لاءِ هڪ وڏي تنبيھه مثل آهي. ان نظم جي پُڄاڻيءَ کي ڏِسو؛
”کُٽِي توکي
کنيو آهي..!!
ٻُڌي ڇڏ،
ڳالهه هِي منهنجي،
سِسِيءَ ۾ ساھه آ جيسين،
نه خاص و عام
ڪو ٺهندو..!!
نه ڪالا باغ
ڪو ٺهندو..!!“
پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جهڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. ”زندگي“ منھنجي نظر ۾ هڪ بيحد ڳُجهه آهي، ۽ هر حساس مَن رکندڙ شاعر توڙي عام ماڻهو، اُن بابت فطري طور سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو. پاڻ ان موضوع تي به گهڻو سوچيو، لکيو ۽ نڀايو اٿائين. مثال طور سندس هن مختصر بحر تي، ٻارنھن سِٽن اندر سمايل سُندر سوچ تي ويچاريو، ته منجهس ڪيڏو شاندار شاعراڻو تخيّل نظر اچي ٿو!
“هَلِي گاڏي حياتيءَ جي،
مسافر کوڙ چڙهيَل هئا،
جتي جنھن جي هئي منزل،
اُتي بس پاڻ بيھي وئي،
وري اڳتي هَلِي ٿورو،
اِجهو سَڏ ٿيو مسافر کي،
لَهِي ويو، ڄڻ هُيو ئي نه،
سفر هي زندگيءَ جو آ،
اُنهيءَ ۾ پاڻ ڀي آهيون،
حياتيءَ جي اها گاڏي،
ڪڏهن مون لاءِ بيھڻي آ..!!
ڪڏهن تولاءِ بيھڻي آ..!!”

شاعري صنف جو چؤسٽو يا قطع پڻ غزل جي فارميٽ يعني گھاڙيٽي جي صورت ۾نظم جو ئي هڪ روپ آهي. ڇوته اُن ۾ به نظم وانگر فڪري تسلسل موجود هجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اسان چؤسٽي کي مختصر نظم پڻ چئي سگهون ٿا.
پياري احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي ۾ صنف ”چؤسٽي“ سان پڻ پيارو نڀاءُ نظر اچي ٿو.
”احساس جو هانءُ ڇِڳو، تقدير ڏنو روئِي..!!
مظلوم جي پيرن ۾، زنجير ڏنو روئِي..!!
اڄ سنڌ جي سُورن تي، مضمون لکيو آ مون،
پنو به پگهرجي ويو، تحرير ڏنو روئِي..!!“
فني طور منفرد بحر يا وزن، ”مفعول مفاعيلن“ جي وزن تي فڪري حُسناڪي بيان جي محتاج ناهي. مظلوم جي پيرن ۾ زنجير ڏنو روئي..!!
آخر ۾ اچو ته هڪ نظر احساس ميرل جي غزلن تي وجهون.
احساس جي غزلن ۾ پڻ جابجا اُتم احساس سمايل نظر اچن ٿا، ۽ سندس نظمن وانگر غزل پڻ فني توڙي فڪري حوالي سان قابلِ تحسين آهن، ۽ بلاشڪ موجوده نئين ٽَهِيءَ جي سرجڻهارن ۾ پنھنجو منفرد مقام رکن ٿا.
غزل بنيادي طرح مجازي صنف آهي، جنھن ۾ محبوب جي ادائن کي موضوعِ سُخن بڻايو ويندو آهي. ٿَلهه يا مطلع کان وٺي آخري نالي واري مصرع، يعني مقطع تائين منجهس ڪُل ٻارنھن شعر يا مصرعه شمار ڪيا ويندا آهن. اُن کان وڌيڪ مصرعن يا شعرن تي مشتمل غزل کي قصيدو ڪوٺيو ويندو هو، مگر وقت سان گڏ هر شيءِ اندر تبديليءَ جو عمل فطري هجي ٿو، تنھن ڪري موجوده وقت ۾ ٻارنھن کان مٿي يا گهٽ شعرن تي مشتمل غزل پڻ لکيا وڃن پيا، ۽ احساس ميرل پڻ انُ فطري فرق کي اختيار ڪندي، غزل لکيا آهن. سندس غزل پڻ نظمن وانگر فن ۽ فڪر جو بھترين امتزاج يا ميلاپ آهن.
جيئن مون مٿي ڄاڻايو آهي ته وقت سان گڏ هرشيءِ فطري طور نوان رُخ اختيار ڪري ٿي، تيئن غزل ۾ پڻ فڪري طور محبوب جي ماڻن، ادائن ۽ ثنا مٿي خيال مرڪوز ڪرڻ سان گڏ، هن وقت ٻيا خيال مثلاٌ قوميت، سماج، سياست ۽ ٻيا مڙيئي موضوع به هن صنف جي سُونھن بڻبا رهيا آهن. ايئن اسانجي پياري احساس ميرل جي زيرِنظر شعري مجموعي اندر پڻ اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي. سندس نظمن وانگر صنف غزل ۾ پڻ يار جي پيار سان گڏ انسانيت، سماج ۽ قومي جذبا نهايت سهڻي انداز ۾ نظر اچن ٿا. مثلاَ؛
”ميرل“ سنڌ سُڃاڻپ منهنجي، سنڌوءَ جَل جي سُرڪ ڀَرِي ٿَم،
موئن جي تهذيب مان آهيان، ترخاني، تاتاري ناهيان..!!
هڪڙي جيجل جنميو مونکي، ۽ ٻي جيجل پاليو آهي،
جيجل تي سِر مُرڪِي ڏيندس، جيجل جو واپارِي ناهيان..!!“
”جيجل جو واپاري ناهيان..!!“ جھڙا ڪيڏا نه اُتم ۽ امر احساس آهن! پر افسوس! اڄ اسان وٽ پئسو ئي سڀ ڪجهه بڻجي ويو آهي. دين ڌرم، انسانيت يا قوميت کي ثانوي حيثيت ڏيندي، اسانجي ڪامورن، سرمائيدارن ۽ سياستدانن جي سموري سوچ ۽ سندن عمل، محض مال ميڙي، ٻاهريَن ملڪن ۾ جمع ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي! نتيجي ۾ هيٺيون غريب طبقو، جنھن جي هٿن جي پورهئي يا ووٽ وسيلي اُهي اُن درجي تي پهچن ٿا، اُنهن جي حالت ڏينھون ڏينھن بد کان بدتر ٿيندي وڃي. اهڙن سياسي مڪارن يا ”عبدالفتور“ جي چھرن تان پياري احساس ميرل، ڏِسو ته ڪهڙي نه شاندار نموني ۽ سولي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي فني ۽ فڪري قوت جو استعمال ڪندي، نقاب لاٿو آهي. اُن ڏِس ۾ سندس هڪ غزل جي ٽن شعرن کي اندر جي اَک سان پڙهي ڏِسو!
”پنج سالن ۾ چڪر هڪڙو ڏئي،
قوم کي پاڳل بڻائي ويو هليو..!!
مھل سِر ڳالهيون ڪيائين ٿي وڏيون،
مھل آئي، مُنھن مَٽائي ويو هليو..!!
وقت توڏي هاڻ ايندو ڪينَڪِي،
وقت توکي آزمائي، ويو هليو..!!
مٿئين غزل ذريعي سياسي بازيگرن کي خوب وائکو ڪيو ويو آهي. اُهي سياستدان، جيڪي واقعي به رڳو مھل سِر، چونڊن وقت مُنھن ڏيکاري، وڏيون هامون هڻندا آهن، پر پوءِ پورو وقت پنھنجي علائقي تي نظر به نه ڦيريندا آهن، اُنھن کي ايئن ئي وائکو ڪري سگهجي ٿو.
سوچ جو سفر هر شاعر جي سرشت ۾ سمايل هوندو آهي. ۽ اُن سفر جي پنڌپيچرن تي هلندي، هڪ حساس مَن رکندڙ شاعر ڪيترو ٿو ڀوڳي..!؟ اهو فقط شاعر ئي ڄاڻي سگهي ٿو. آخر ۾ احساس ميرل جي اهڙي سوچ تي مشتمل چئن سِٽن کي اوهان آڏو رکندي، ايترو ئي چوندس ته سندس شاعري کي دل سان پڙهي، هانءُ سان هنڍائيندي، روشن روح سان اڳتي وڌڻ گهرجي، اهوئي سندس شاعريءَ جو پيغام آهي؛
”سوچ جو جاري سفر، هر گَلِي ٿڪجي پئي..!!
جا کنئي ٿم پاڻ سان، دردن ڀَرِي ٿڪجي پئي..!!
پاڻ پنھنجو پاڻ کي، ڪنھن سُڃاتو ڪينَڪِي
ڪنھن نه پنھنجو مُنھن ڏٺو، آرسِي ٿڪجي پئي..!!“


آسي زميني
دانش گاھ، ٽنڊو قيصر
8 سيپٽمبر 2019ع