ڀاڳُل
ڳڀي جي تاڙ ۾ نڪتو،
جواني وئي ڳري جنھن جي،
سمورا وار چاندي ٿيا،
لتاڙي نانگ راتين جو،
ڪٽي پُرخار رستن کي،
فصل کي ننڊ ارپي ٿو،
ڪڙهي ٿو اُس ۾ ڏينھن جو،
ڪچا گھر گنب جا ليڪن،
سدائين مِينھَن جو گھورو،
اسر ويلي هو ڏاندن کي،
اُٿاري هَر کڻي نڪتو،
ستو پيو لوڪ سارو هو..!!
انڌيرو هو، سيارو هو..!!
عمر اڌڙوٽ آ هِن جي،
۽ هٿ ۾ لَٺ ديويءَ جي،
کنگھي پيو ۽ ڪنجھي پيو ٿو،
لڳي ٿس سِلَھه بيماري،
اُڻڻ لئه خواب نڪتو آ،
ڪري همت بردباري،
پنھنجي پر ۾ هُو جيوَن جون،
خوشيون ميڙڻ جي لئه نڪتو،
زمين کيڙي اُميدن جو،
ڇَٽي اڄ ٻج آيو آ،
اڃان کاڌو نه پِيتو ٿس،
چڙِهي ڪِٿ سج آيو آ،
هزارين حسرتون پوکي،
اندر ۾ آس ٿو پالي،
نٿو ڪپڙن ۾ اڄ ماپي،
وڏي اڄ حوصلي ۾ آ،
وري موٽي آ گھر آيو،
رُکي مانِي اڳيان رکندي،
پُڇو اڄ زال پئي هُن کان،
”خبر ڏي پنھنجي نياڻيءَ جو،
ڪڏهن تون بار لاهيندين؟
ادا وارا چون پيا ٿا،
اسان کي ٽيم هڪڙو ڏيو..!“
اُتي ڳالھين کي ڪن ڏيندي،
تڏهن شرمائي ۽ لِڪندي،
پريان مومل لِيئا پائي،
ڏندن ۾ ڏيئي پوتِيءَ کي،
ٿي گم شرناءَ ۾ ويئي،
هٿن تي لائي مينديءَ کي،
چِٽي ٿي رنگ الفت جا،
چپن تي چاھ جاڳي ٿو..!!
نئون ويساھ جاڳي ٿو..!!
وئي گم ٿي آ سپنن ۾،
لھي پئي سؤٽ سان لائُون،
ڏسي ٿي خواب خوشين سان،
پري دٻڪيءَ کي سوريندي،
گرنھه کي ڳِيت ڏئي هاريءَ،
مٿان پاڻيءَ جو ڍُڪ پئندي،
ڏکن تي ضبط آڻيندي،
پنھنجي ڳوڙهن کي پِي هڪدم،
هڻِي هٿ پنھنجي ڇاتِيءَ تي،
چيائين، او چري ڀاڳل!
هي سڀئي لُڙ لَھِي ويندا،
سُکن جا ڏينھن اَچڻا هِن،
خوشين جا دُهل ڀي وڄندا،
فصل هن تي ئي نياڻيءَ جو،
وزن ويندو لَھي ڏسجان!
تڏهن ڳالھين ئي ڳالھين ۾،
فصل پورو پَچِي نڪتو،
مگر حسرت نه پوري ٿي،
خوشين کي درد جي گھر ۾،
سَلھاڙيو ويو ۽ واڙيو ويو،
پراڻا بُڪ کوليا ويا..!!
زهر جا ڍُڪ کوليا ويا..!!
فصل بنگلي ۾ پھچي ويو..!!
۽ ڪو صدمي ۾ پھچي ويو..!!
✤✤