شاعري

دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

احساس ميرل سَيبتو سُڄاڻ شاعر آهي، جنھن پنھنجي شاعراڻي پنڌ ۾ سٺي مڃتا حاصل ڪئي آهي، اِها مڃتا کيس وقتائتي سُندر شاعريءَ جي حوالي سان ملي آھي. احساس سچ تہ سھڻن احساسن جو شاعر آهي. پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جھڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي. 

Title Cover of book دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

اداري پاران

سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر وقت بوقت جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پنھنجي وس آهر وکون کنيون آهن، اُن حوالي سان اسان وٽ ڪابه دعوائن جي لسٽ ناهي، پر اسان جي سفر کي جيڪا مانائتي موٽ ملي آهي اُها اسان جي اصل سگهه آهي. سنڌي شاعريءَ جي سفر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسان اڳ به شعري مجموعا شايع ڪيا آهن، هاڻ هي نئين سُوکڙي، سنڌ جي خوبصورت نوجوان شاعر احساس ميرل جو شعري مجموعو ”درد گھنگھرو ٻڌا“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، احساس ميرل سھتو سَيبتو سُڄاڻ شاعر آهي، جنھن پنھنجي شاعراڻي پنڌ ۾ سٺي مڃتا حاصل ڪئي آهي، اِها مڃتا کيس وقتائتي سُندر شاعريءَ جي حوالي سان ملي آھي. احساس سچ ته سھڻن احساسن جو شاعر آهي. اُميد ٿي رکجي ته احساس جي هن خوبصورت شعري مجموعي جي آجيان ٿيندي. سامروٽي پبليڪيشن آئنده به بھترين ڪتاب پيش ڪرڻ جو عزم رکي ٿي.

پرڪاش ڪرمواڻي
0333-3173584
سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر