پبلشر نوٽ
اميد ته اوهان پڙهندڙ هن ڪتابَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي، هن مان حِظُ ۽ فائدو حاصل ڪندؤ.
قربان منگي
چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور
هي ڪتابُ مشاهدن ۽ تحقيق جو خوبصورت سنگم آهي، جنھن ۾ جاپان جي تاريخَ جا عڪس بہ آهن تہ هاڻوڪي حيثيت ۽ سڃاڻپ جا حوالا بہ. دُنيا جي گولي تي جاپاني پنھنجن روين ۾ هڪ منفرد قوم جي سڃاڻپ رکن ٿا. امر اقبال لکي ٿو: ”سائين الطاف شيخُ عاشق ليکڪ آهي. هُنَ لکڻ جي ڪَمَ سان عشق ڪيو آهي. سيلاني ٻيا بہ هوندا، جن سمونڊ جي سيوا ڪئي هوندي، پَرَ هِنَ انوکي سيلانيءَ جو ڏٺو آهي، سو لکيو آهي..... يا ائين چئجي، جو ڏٺو آهي، ان جو ڪجهه حصو لکيو آهي ۽ گهڻو گهڻو ڪجهه اڃان کيس لکڻو آهي. هُنَ بي تحاشا لکيو آهي، بيشُمار لکيو آهي ۽ سندس ڪا بہ لکڻي بي معنيٰ ناهي، بي مقصد ناهي. “
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو