پنهنجي پاران
سڄي دنيا جو سير ڪري آيوآهي، ان کان علاوه پنهنجي مضمون ۾ وڏيون ڊگريون وٺي آيو آهي. پر ان هوندي به مجال جو منجهس ڪا وڏائي يا غرور نظر اچي، يا ويهي ڊاڙون ٻٽاڪون هڻي. هتي اسان وٽ ائين آهي ته شل نه ڪو ٻاهران ٿي اچي. سندس حُليو توڙي هلت چلت ئي بلجي ويندي. ڊاڙون ٻٽاڪون، ”مان هيئن“، ”مان هونئن“ رڳو پيو”مان“، ”مان“ جي ٻولي ٻوليندو. اصل وٺُ ئي ڪونه ڏيندو.
اڄ اهڙو ڪو گُنبذ جو واءَ گهليو آهي، جو نه وڏن جو لحاظ، نه استادن جو ادب، شاگرد استاد کي ڄٽ جاهل پيا سڏين. پر الطاف تي اُن واءُ جو ڪو اثرڪونه پيو آهي، سندس اک ۾ حياءُ، طبيعت ۾ هيٺاهين ۽ نوڙت، هر ڪنهن سان پيار ۽ محبت سان ملندو، مان ساک سان چوان ٿو ته الطاف اهو سٻاجهڙو ۽ سُرت وارو سنڌي آهي، جنهن ڪنهن جي به دل نه رنجائي هوندي. ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليو هوندو. نه ته هتي ته ڪجهه همراهن ڄڻ ان ڳالهه جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي ته ڊاڪٽر بلوچ هجي، يا شيخ اياز، ابراهيم جويو هجي، يا الانا، نواز علي شوق هجي، يا شمشير الحيدري هر ڪنهن جي پڳ ۾ هٿ هوندا. اهو ڄڻ فيشن ٿي ويو آهي. اهي سڀ ٿوم مان زعفران بڻجي يعني ٻه اکر لکي دانشوريءَ جو دهمان ٻڌن ٿا.
الطاف شيخ، جنهن هن وقت تائين 40 کن سفرناما لکيا آهن. سندس سفرنامن هڪ لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻايو آهي. هڪئي صنف تي هيترا سارا ڪتاب لکڻ وارو دنيا جو واحد اديب آهي، جيڪو سنڌي آهي، جنهن لاءِ اسان کي فخر آهي. پر هن شخص ڪڏهن به ڪا علمي اڪابري يا دانشوري جي دعوى ڪانه ڪئي آهي. پنهنجو قلم ڪمپيوٽر وانگر هلائي، پنهنجي جيجل جي جهولي ماڻ موتين سان ڀريندو ٿو رهي.
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن ۾
۽ اهي الطاف جا هيرا لعل ۽ فيروزا، سنڌي زبان ۽ ادب جو خاموش خدمتگار فيروز احمد نيو فيلڊس وارو پيو گهر گهر ورهائي. هن الطاف جا 38 کن سفر ناما ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. پر اسان ڪيڏا نه بي حس ٿي ويا آهيون، ڪيڏي نه بي قدري آهي جو اسان جي هن پياري اديب جا هيترا سارا ڪتاب ڇپيا، نه ته سندس ڪنهن ڪتاب جي پڌرائي ڪنهن پنج تاري (Five Star) هوٽل ۾ ٿي ۽ نه وري ڪنهن مڃتا طور سندس مان ۾ ڪا دعوت ڪئي. حقيقت ۾ هن سنڌي ادب تي ۽ اسان سنڌ واسين تي ايڏو وڏو احسان ڪيو آهي، جو سندس تاج پوشي ڪرائي کيس وڏو ايوارڊ ڏيون ها. ٻيو نه ته ساڻس هڪ شاندار شام ته ملهائڻ کپندي هئي. پر هي مولائي نه مشهوري جو بکيو، نه پئسي جو لالچي، ڪنهن به پبلشر کان ڪو معاوضو ڪونه ورتائين. مان سمجهان ٿو ته ڪجهه وٺڻ بدران اڃا ڪنهن کي چار ڏوڪڙ ڇپائيءَ لاءِ ڏنا هوندائين.
محترم الطاف شيخ جو هيءَ سفر نامو ”ملير کان مالمو“ سندس نئون سفر نامو آهي. مالمو، سئيڊن جو ڏکڻ وارو هڪ شهر آهي، جتي جڳ مشهور ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي آهي. جيڪا دنيا ۾ واحد يونيورسٽي آهي، جتي اٽڪل ڏيڍ سؤ کن ملڪن جا سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ مئرين انجنيئر، ڪئيپٽن، پورٽ مئنيجر، مئرين اڪيڊيمين جا ليڪچرار وغيره پنهنجي سامونڊي سکيا ۾ وڌيڪ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ ايندا آهن. ٻن سالن جي تعليم ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين ايم ايس سي جي ڊگري ملندي آهي.
الطاف شيخ به ٻه سال ان يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري Maritime Administration (انجنيئرنگ) ۾ ڊگري ورتي. هيءَ يونيورسٽيI.M.O (انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن) وارن طرفان سئيڊن ۾ قائم ڪئي وئي آهي. I.M.O يونائيٽيڊ نيشن جي هڪ خاص شاخ آهي، جيڪا دنيا جي سمنڊن ۽ جهاز راني جي سلامتي ڏانهن ڌيان ڏئي ٿي.
الطاف مالمو ۾ ٻه سال گذاريا. ٻه سال چڱو وقت آهي، اهڙي ڏاهي گهڻو ڪجهه ڏٺو هوندو. ان مان ٿورو ڪجهه پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو اٿائين، سندس اهي ٿورا ڪي ٿورا، ڪين آهن، جو گهر ويٺي پيو دنيا جا سير ڪرائي. حُسن جون ڳالهيون، عشق جون ڳالهيون، ڪن يارن دوستن جون بدافعاليون مطلب ته نراليون ئي نراليون ڳالهيون پيو سُڻائي. سندس طنز و مزاح واري تحرير سبب سندس سفر ناما وڌيڪ وڻندڙ ۽ اثرائتا بڻجي پون ٿا. پڙهڻ مهل ائين لڳندو آهي ڄڻ الطاف آڏو ويٺو هجي ۽ ويٺو مُلڪ مُلڪ جا احوال اوري.
الطاف شيخ هن سفرنامي ۾ سئيڊن بابت ڀرپور ڄاڻ ڏني آهي. هُو سنڌي ماڻهو جي مزاج کان واقف آهي. تنهن ڪري کيس خبر آهي ته هُو ڇا چاهي ٿو؟ انهيءَ لاءِ ضروري ڳالهيون ضرور بيان ڪري ٿو. سندس بيان ڪرڻ جو انداز نهايت ئي پيارو آهي. هو ڪا ڳالهه هڪ لس بيان نٿو ڪري. هُو ڪنهن نه ڪنهن سان گفتگو ڪندو نظر ايندو، پر اها گفتگو گهڻو ڪري هو ڇوڪرين سان ڪري ٿو. ضروري نه آهي ته اها ڇوڪري نوجوان ۽ حسين هجي، پرواهه نه آهي بس اسٽاپ تي انتظار ڪندي ڪا حسين ڇوڪري نظر نه آئي، ته ڪنهن ڪاري ڪوجهي يا ڪراڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهن جي زباني پڙهندڙن لاءِ وڏي معلومات پهچائي ٿو. ويندي بيرن کان حال احوال وٺي معلومات مهيا ڪري ٿو. مطلب ته جيڪو مليو ان کان ٿورو گهڻو پڇي، ڪانه ڪا مطلب جي ڳالهه پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو.
سئيڊن جو اهو قانون ڪهڙو نه سٺو ۽ صحيح آهي ته ويزا ان کي ملندي، جيڪو سئيڊن جي زبان سکندو. اسان وٽ سنڌ ۾ انگريزن جي غلاميءَ واري دور ۾ سنڌي سرڪاري زبان هئي. جيئن ته لک پڙهه سنڌيءَ ۾ هلندي هئي، تنهن ڪري انگريزي ڪامورن لاءِ به سنڌي سکڻ لازمي هوندي هئي. سنڌيءَ ۾ مهارت ڪامورن جي ترقي (Promotion) جو سبب بڻجندي هئي. پر اڄ پياري پاڪستان ۾ ڪا جهل پل ڪانه آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان ڀاڄوڪڙ، چور، ڌاڙيل، اسمگلر، هيروئن ۽ هٿيارن جا واپاري اچي ڪٺا ٿيا آهن، جيڪي نه سنڌي ڄاڻن ۽ نه وري سنڌ سان کين محبت آهي. هُو ته هن ملڪ جي تباهي ۽ بربادي لاءِ آيا آهن، يا موڪليا ويا آهن.
اسان جا ڪيترائي اهڙا پاڪستاني ڀائر آهن، جيڪي جڏهن اعليَ تعليم حاصل ڪرڻ يا نوڪري ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڌارئي ملڪ ويندا آهن، ته اتان جي زبان کين ضرور سکڻي پوندي آهي. جتي کين فقط ٻه چار سال رهڻو پوندو آهي، پر جتي کين سڄي عمر رهڻو آهي، جيڪا پاڪستاني زبان آهي. جيڪا دنيا جي قديم زبانن مان هڪ آهي، جيڪا صوفي سونهارن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي پارن ڀلارن جي زبان آهي. سا ڪونه ٿا سکن. اهوئي سبب آهي جو ايڏا ويڇا پئجي ويا آهن. پاڪستان سرڪار کي اهڙو قانون پاس ڪرڻ کپي ته قومي زبان سان گڏوگڏ صوبي جي زبان سکڻ لازمي قرار ڏئي. مثلاً جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا. اهي سنڌي جي تعليم حاصل ڪن. يا ائين ٿيڻ کپي ته چئني صوبن جي يونيورسٽين ۾ جيڪي پاڪستان اسٽڊي سينٽر آهن، تن کي پابند بڻايو وڃي، ته اهي ان صوبي جي ٻوليءَ کانسواءِ باقي ٽن صوبن جون ٻوليون سيکارڻ جو اهتمام ڪن. مثلاً پشاور يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر لاءِ لازمي هئڻ گهرجي ته اتان جو ڊائريڪٽر پشتو بجاءِ سنڌي، پنجابي ۽ بلوچي زبان سيکارڻ جو بندوبست ڪري، ڇو ته پشتو جو اتي شعبو آهي، پشتو اڪيڊمي آهي، تنهن ڪري پشتو بجاءِٻيون پاڪستاني زبانون پڙهايون وڃن. اهڙيءَ ريت ٻين صوبن جي پاڪستان اسٽڊي سينٽرن کي پابند بڻايو وڃي، ته اهي به ائين ئي ڪن. ان عمل سان قومي ايڪي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ملندي ۽ نفرتن کي گهڻي ڀاڱي ٻُنجو اچي ويندو ۽ هڪ ڀائپي ۽ محبت واري فضا پيدا ٿيندي.
الطاف جي سفر نامن جي خاص خوبي اها آهي ته هو وطن پرست آهي. هو ڪٿي به هجي، کيس سنڌ ضرور ياد اچي ٿي. ڪنهن کي ڏکيو ڏسي ٿو، ته سنڌ واسين جا سور کيس ياد اچي وڃن ٿا. پر جيڪڏهن ڪو سک ڏسي ٿو، ترقي ۽ خوشحالي ڏسي ٿو ته هڪدم سندس دل ۾ خيال اڀري ته ڪاش سنڌ ۾ به ائين سَرهائي ۽ خوشحالي هجي. اسان سڀ الطاف جي اهڙين آسن اميدن ۽ دعائن سان شامل آهيون. شل ڪو سڪار ۽ سڻائي جو واءُ گُهلي ڏڪار ۽ ڏولائو ڏور ٿئي:
سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
نواز علي شوق
حيدرآباد
30 آگسٽ 1994