سيارو ۽ خودڪشي
هو اڄڪلهه اسان واري شهر مالمو ۾ رهي ٿو جتي وري به ڪجهه ننڍو روزو ٿئي ٿو. بهرحال رمضان جو مهينو ڦرندو رهي ٿو. اونهاري ۾ جي ڏينهن وڏا ٿا ٿين ته ڪجهه سالن بعد سياري ۾ جڏهن ٿئي ٿو ته پوءِ تمام ننڍا روزا ٿين ٿا. هن پاسي جي ماڻهن کي اهو شڪر ڪرڻ کپي ته اونهاري ۾ به سخت سيءَ هجڻ ڪري روزي ۾ اها اُڃ نٿي لڳي جيڪا اسان وٽ سياري ۾ به لڳي ٿي. باقي بک جون ڪيترائي دانهون ڪن ٿا جو سيءِ ۾ هونءَ به بک لڳي ٿي.
هنن قطبي ملڪن ۾ اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ۽ چٽي روشني وارو ٿئي ٿو ۽ سياري ۾ ڏينهن ننڍو سو به ڪڪر سان ڀريل هجڻ ڪري اوندهه انڌوڪار هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو هتي جي گهرن کي ٻن قسن جا پڙدا ٿين ٿا. هڪ تمام ٿلها جيڪي اونهاري ۾ ڏئي اوندهه ڪري سمهڻو پوي ٿو ۽ ٻيا ڄاري (Lace) جا سنها جيڪي سياري ۾ ڏنا وڃن ٿا. جيئن پڙدو به رهي ته ٿوري گهڻي روشني به اچي. اونهاري جي اس ۾ گرمائش کڻي نه هوندي آهي پر برف تي پوڻ ڪري اکين تي گهڻي روشني لڳي ٿي. ان ڪري اونهاري ۾ هتي هرڪو ڪوشش ڪري ٻاهر نڪرڻ وقت اس جو چشمو (Sun Glasses) پائي ٿو ۽ ان چشمي ۾ اهي شيشا استعمال ڪيا وڃن ٿا جيڪي سج جا الٽرا وائليٽ (Ultra Violet) ڪرڻا واپس ڪن. هونءَ ته پاڪستان ۾ به اس لاءِ اها عينڪ پائجي جيڪا (Ultra Violet) ڪرڻن کان بچائي، جو اهي ڪرڻا اکين توڙي جسم لاءِ نقصانڪار آهن. بهرحال اها ٿي هڪ سائنسي ڳالهه. ان تي هروڀرو گهڻو سندرو ٻڌڻ ضروري ناهي. خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي جيڪي زهر مار دوائن جي ڇڻڪار واري ڀاڄي ۽ ميوو به کايو وڃن. ولائتي ڀاڻ تي پوکيل ڪڻڪ کائين ٿا. جراثيمن سان ڀرپور پاڻي پيئن ٿا. دونهاٽيل هوا جو ساهه کڻن ٿا،. سو ظاهر آهي انهن اهم ڳالهين جو ته خيال نه ڪريون باقي رڳو وتون عينڪن لاءِ Ultra Violet Protection وارا شيشا ڳوليندا، عجيب بيوقوفي چئبي.
هتي سئيڊن ۾ سياري جون راتيون نه فقط وڏيون پر اونداهيون ۽ ٿڌيون ٿين ٿيون. ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهو ڪنهن غار ۾ پيو آهي. اونداهه ڪري گهٽيءَ ۾ ٻار ٻچو به نظر نه ايندو آهي. اونهاري ۾ رات جو دير دير تائين سج جي هجڻ ڪري ٻارن جو گوڙ گهمسان لڳو رهي ٿو ۽ مائرون کين شام جو اٺين کان وٺي ڇڪڻ شروع ڪنديون آهن ته هلي ماني کائي سمهو جو ٻئي ڏينهن اسڪول لاءِ اٿڻو اٿوَ، پر ڪيترا ٻار رات جا يارهن ڪريو ڇڏين. جيسين سج غروب ٿي وڃي.
سياري ۾ ڪيترن کي ڊپريشن به ٿئي ٿي. خاص ڪري عورتن کي. هتي جي يورپين جو پوءِ گهڻو زور شراب تي هوندو آهي. ٽي وي وارا ڪوشش ڪري سياري ۾ ٽي وي تي سٺا پروگرام ڏيندا آهن جيئن ماڻهو- خاص ڪري اڪيلا، گهرن ۾ سوچي سوچي مايوسيءَ جو شڪار ٿيڻ بدران پاڻ کي ٽي وي ڏسڻ ۾ مشغول رکن. اونداهي، سيءَ ۽ ڊگهيون راتيون مايوسيءَ جون سبب آهن يا نه پر اها حقيقت آهي ته هتي سئيڊن ۾ خودڪشيءَ جا گهڻا واقعا سياري ۾ ٿين ٿا.