رمبوت حطام
”پر توهان ته رنگ روپ ۾ اهڙا گورا آهيو جو ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ايشيائي آهيو يا يورپين.“ مون چيومان.
”نه اهڙي ڳالهه ناهي. هتي جي ماڻهن کي خبر پئجيو وڃي. رنگ روپ مان، چال چلن مان، ٻيو نه ته، ڳالهائڻ جي لهجي مان.“ هنن ٻڌايو.
پر آئون اهوئي سوچيندو رهيس ته ائين ضروري ناهي. اهي ايشيا جا اڇي رنگ جا ماڻهو جيڪي ننڍي هوندي کان هتي رهيل آهن انهنجي چال چلت ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو لهجو ته بلڪل هتي جي ماڻهن جهڙوئي آهي پوءِ ڪيرڪيئن ٿو سڃاڻي ته هي يورپي نه پر ايشيائي آهي.
ان جو جواب هتي جي رهاڪو انڊونيشين واهه جو ڏنو. هن سان ڪجهه ڏينهن اڳ هتي جي سبزي مارڪيٽ ۾ ملاقات ٿي. آئون خريداري ڪري ٻين ڪلاس ميٽ همراهن جو انتظار ڪري رهيو هوس. منهنجي ڀر ۾ ئي هي به بيٺو هو. وقت گذاري لاءِ کائنس خبرون چارون ڪرڻ لڳس.
”ڪٿي جو آهين؟“ انگريزيءَ ۾ پڇيومانس.
”انڊونيشيا جو.“
وڌيڪ هجائتو ٿيڻ لاءِ سندس ئي زبان۾ پڇيومانس ڪيترن سالن کان آهين؟“.
”تعجب آهي توهان کي انڊونيشين اچي ٿي.“ هن پڇيو.
”انڊونيشين نه پر ملئي زبان به ڄاڻان ٿو جيڪا ائين آهي جيئن اڙدو، هندي يعني هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. سوهتي ڪڏهن آئين؟“
”اڄ کان چار سال اڳ آيو هوس.“ هن وراڻيو.
”اڪيلو آهين يا فئملي سان؟“ اسين ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا رهياسين.
”هينئر اڪيلو آهيان. هتي جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم، پر طلاق ٿي وئي.“
”۽ پوءِ ٻار؟“ مون پڇيو مانس.
”ٻار زال وٽ آهن. آئون اڪيلو ٿو رهان.“
”ٻارن سان ملين يا نه؟“ مون پڇيومانس.
”ها. ائين هر هفتي هنن وٽ ويندو آهيان. زال به ڳالهائيندي آهي. هاڻ اسين زال مڙس نه پر دوستن وانگر آهيون.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا هاڻ ڇا سوچيو اٿئي؟ ٻي شادي به هتان ڪندين يا پاڪستانين، هندستانين ۽ ٻين ايشين وانگر هاڻ هتي جو پاسپورٽ ملڻ بعد پنهنجي ملڪ مان شادي ڪري ايندين؟“ مون پڇيو مانس.
”نه آئون ٻي شادي هرگز نه ڪندس. ٻارن سان منهنجو تمام گهڻو ڳانڍاپو آهي.“ هن چيو.
۽ اها ڳالهه ڪندي هو بيحد جذباتي ٿي ويو ۽ مون محسوس ڪيو ته هن جي هتي جي سئيڊش ڇوڪري سان شادي Marriage of Convenience (سهوليت ۽ مطلب خاطر شادي) گهٽ ۽ پيار محبت جي وڌيڪ هئي. هاڻ شادي ٽٽڻ تي هن کي ڪافي صدمو رسيو آهي.
”چئبو ته تون طلاق ۾ خوش نه هئين؟“ مون پڇيومانس.
”نه. پر ڇا ڪجي. هتي جي ڇوڪرين سان نڀائڻ ڏکيو آهي..“ هن ٻه دفعا ’لبيح لبيح سوسا‘ (ڏاڍو ڏاڍو ڏکيو) چيو.
”ڇو ڀلا؟“ مون سندس تجربي جي آڌار تي سندس واتان معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي.
”هتي جون ڇوڪريون جنهن ماحول ۾ پليون نپنيون آهن انهن سان اسان جو ٺهراءُ ٿي نٿو سگهي. هڪ حد تائين اسين ايشيائي- خاص ڪري مسلمان، کين آزادي ڏئي سگهون ٿا. سندن ناز کڻي سگهون ٿا. سندن ڳالهين تي اکيون پوري سگهون ٿا. پر هر ڳالهه اسان کان برداشت ڪرڻ ڏکي آهي ۽ پوءِ جڏهن کين سمجهائجي ٿو ته، اها ڳالهه اسان جي قدرن، اصولن ۽ اخلاقن سان نٿي ٺهڪي ته هو سمجهن ٿيون ته اسين کانئن آزادي ڦرڻ چاهيون ٿا. پوءِ هڪ دفعو سمجهوتي ۾ ڏار پئجي وڃن ته ان پيار جي گهرڙي جون ڀتيون جلدئي اچيو ڦهڪو ڪن. پوءِ اسان جهڙا انسان جنڊ جي هڪ پڙ پيار محبت ۽ ٻئي پڙ اخلاق ۽ مشرقي حيا ادب جي وچ ۾ ئي پيڙبا رهون ٿا.“
سندس هلڻ جو وقت ٿي ويو هو، سو ٿيلهو کڻي موڪلائڻ مهل مون کان پڇيائين:
”توکي سئيڊن ڪيئن ٿو لڳي؟“
”سايا تيداق سُڪا نگري اني- آءِ لائيڪ ملائيشيا ائينڊ انڊونيشيا“ (مون کي هي ملڪ نٿو وڻي- مون کي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پسند آهن.)
”ڪيناپا؟ ڪيناپا؟“ ڇو ڇو- هن تعجب مان ساڳي ملئي (انڊونيشي) زبان ۾پڇيو.
”ان ڪري جو اتي ڌارئي لاءِ ايتري نفرت ناهي جيتري هتي آهي. هتي جا ماڻهو اسان کي بيحد نيچ سمجهن ٿا، ڇو جو اسان جي ڪاري چمڙي آهي.“ اهو جملو چوڻ دوران هو به مون سان گڏ ساڳيو جملو دهرائي رهيو هو. پر جڏهن مون ”ڪاري چمڙي“ لفظ چيو ته هن ان بدران ڪو ٻيو لفظ چيو. جيڪو مون محسوس ڪيو پر ٻڌي نه سگهيس. سو کيس ورجائڻ لاءِ چيم ته هن ڇا چيو- حطام آپا- ڪارو ڇا؟
”حطام رمبوت“ هن وراڻيو- ڪارا وار. (ملئي زبان ۾ رمبوت وارن کي چئبو آهي. جيئن رمبوتان ميوو- معنى وارن واروميوو. ان ڪري جو رمبوتان مٿان وار آهن.)
”يار واهه جي ڳالهه ڪيئي.“ مون چيومانس.
”چمڙي ته اسان مان ڪيترن جي کير جهڙي اڇي به آهي پر هي يورپ جا ماڻهو ته اسان کي وارن مان ئي سڃاڻن ٿا. ڪارا وار معنى پڪ ايشيا جو هوندو. ائين اٽلي جا ڪيترا آهن جن جو رنگ اسان کان ويل آهي پر وار ڀورا يا ڳاڙهيرا يا اڇا ميٽوڙي هجڻ ڪري کين وري به اسان کان وڌيڪ، جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا ۽ پنهنجو سؤٽ ماسات سمجهن ٿا.“
اهو چئي انڊونيشي نوجوان روانو ٿي ويو.