پنجابي ضرور سکي وينداسين
اسان کي مسعود چئين بجاءِ پنجين وٺڻ آيو پر اتي ساڍين پنجين پهچڻ تي به اڃا ’ڪڪڙوتو‘ لڳي پئي هئي. پوءِ آهستي آهستي سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني اچڻ شروع ٿيا ته ايندا ئي رهيا. نائين بجي ڌاري ماني ٿي ۽ ان بعد ڏهين بجي ڌاري جڏهن وڃڻ لڳاسين ته انوقت به ڪي اچي رهيا هئا ۽ ايسوسيئيشن جا مڙيئي عهديدار سندن مانيءَ جي بندوبست لاءِ ڀڄ ڊڪ ۾ آخر تائين لڳا رهيا. وقت تي نه اچڻ هونءَ ته اسان پاڪستانين لاءِ ڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه ناهي پر ههڙي ملڪ ۾ جتي ٻيون شيون ته ٺهيو پر سرڪاري بس به جيڪڏهن هڪ منٽ دير ڪري ٿي ته عجب جهڙي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، اتي چئين بجي اچڻ بدران اٺين نائين اڃا به ڏهين اچڻ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. وقت جي پابندي ته اڄڪلهه محرابپور ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ ٿيندڙ دعوتن ۾ به ڪافي حد تائين قائم رکي وڃي ٿي. هي ته يورپ جي سڌريل ملڪ سئيڊن جو مثالي شهر مالمو آهي!
جتي اسان اچي ويٺاسين اهو انگريزي اکر ’ايل‘ جي شڪل جو وڏو حال هو، ساڳئي هال ۾ مردن لاءِ الڳ ته عورتن لاءِ الڳ ويهڻ جو بندوبست هو. اسان جي پهچڻ سان ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري سرتاج حسين، صدر عابد محمود ۽ ميمبرن مان محمد شبير آيل هئا ۽ پوءِ جيئن جيئن مهمان ايندا ويا- جن ۾ ميمبرن جو تعداد گهٽ سندن ٻارن جو وڌيڪ هو، تيئن تيئن گوڙ وڌندو ويو. ٻارن جون ٻاهر ڇٻر تي پهرين ڊوڙون هيون ۽ پوءِ دانهون ڪوڪون، پوءِ جهيڙا جهٽا ۽ پوءِ ٻارن جي فيصلن لاءِ مائرن پيئرن وٽ اندر ڊوڙ ڊڪ هئي. فلاڻو هيئن ٿو مون کي چوي. فلاڻو منهنجي هيءَ شيءِ کڻي ويو آهي. پهرين هن مون کي ڌڪ هنيو ان بعد مون ڀتر هنيومانس. وغيره وغيره. بس وڏن ٻارن جون ڊوڙون ۽ دانهون هيون ته ٿڃ تي آيل ٻارن جو روڄ رانڀاٽ هو. بقول هڪ عام جائزي جي ايشيا جي ملڪن۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو وڏن جي دعوت ۾ ٻارن کي به پاڻ سان وٺيو هلن ٿا. پر پاڪستانين جو به ڏوهه ناهي. ڪنهن وٽ ننڍا ٻار ڇڏين؟ماءُ، پيءُ، سس، سهرو، پڦيون، ماسيون ڳوٺن ۾ هتان کان هزارين ميل ڏور. آخر هو ڪن سو ڪن ڇا. ۽ پوءِ آهستي آهستي (شايد ٿڪاوٽ ڪري) ٻارن جي ڊوڙڻ ۽ انهن ۾ ڪجهه ڪجهه ڍرائي ايندي وئي ۽ هاڻ ڊوڙڻ، ڀتر هڻن ۽ دانهون ڪرڻ بدران سٺو مارو پاڻيءَجي ڪولر ۽ ڪاڪوس تي شروع ٿي ويو. هر ٻار پهرين ۽ ذري ذري پاڻي پيئڻ چاهيو ٿي. ڪوڪا ڪولا ۽ سيون اپ جو دٻو هتي بيئر کان به مهنگو آهي ۽ ڪوڪاڪولا جي وڏي بوتل جيڪا پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ٻارهين رپئي ملي ٿي سا هتي سئيڊن ۾ ويهين ڪروني- يعني اسي رپئي ملي ٿي. ههڙي مهنگي ملڪ ۾ ڪوڪا ڪولا جهڙو شربت اميرن جي دعوتن ۾ئي نظر اچي ٿو. پر اهو به سٺو جو ممنون ۽ مسعود جهڙن دورانديش ماڻهن هڪ وڏو شاهي ڪولر پاڻيءَ سان ڀري اچي رکيو هو جنهن جي چوڌاري ٻارن جو گهيرو هو يا وري هن بلڊنگ جي اڪيلي ڪاڪوس اڳيان قطار ۾، ٻار هنگڻ، مٽڻ يا الٽيون ڪرڻ ۾ پورا هئا ته سندن مائرون وري کين مارڻ ڪٽڻ يا نئپيون بدلائڻ ۾ بزم بزي هيون. پر سرسري طور سڀ خوش هئا جو سڄو وقت آفيس يا پاڙي وارن سان سئيڊش زبان ڳالهائڻ بدران اڄ کين اڙدو يا پنجابيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو هو.
هتي رهندڙ پاڪستانين جو اسي سيڪڙو پنجاب پاسي جو آهي ۽ جيئن لاهور ۾ پنجابي عام ڳالهائي وڃي ٿي تيئن هتي به گهڻو پنجابي هلي ٿي ۽ پنجاب پاسي وارا هي مئجارٽي ۾ همراهه ڪراچيءَ جي اڙدو ڳالهائيندڙن توڙي مون سان رکي رکي پنجابي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. قاضيءَ کي چيم ته سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ بعد هتي جي زبان سئيڊش اچي يا نه پر پنجابي ضرور سکي وينداسين.